جيڪو پاڪستاني هن وقت گهٽ ۾ گهٽ 60 سالن جو آهي، اُن کي شايد ياد هجي ته 16 ڊسمبر 1971ع تي ڍاڪا ۾ ڀارتي فوج جي داخل ٿيڻ کان لڳ ڀڳ هڪ مهينو پهرين سرڪاري خبر نامي جي اولين سُرخي اها هوندي هئي ته امريڪا جي ستين بحري ٻيڙي کي خليج بنگال وڃڻ جو حڪم مليو آهي. هاڻ هو آبنائي ملاڪا پار ڪري رهيو آهي، اڄ هو انڊيمان جي ويجهو کان گذري رهيو آهي، هن وقت هو خليج بنگال کان ڏيڍ سئو ناٽيڪل ميل جي فاصلي تي آهي. هاڻ خليج جي بلڪل ويجهو پهچي ويو آهي ۽ هاڻ، هاڻ، هاڻ، هاڻ هو مشرقي پاڪستان ۾ ڦاٿل امريڪي باشندن کي ڪڍڻ کانپوءِ تقريبن واپس وڃي رهيو آهي. جيئن جيئن ستون بحري ٻيڙو خليج بنگال کان پري ٿيندو ويو تيئن تيئن يحيٰ حڪومت ۽ پوءِ اسان مغربي پاڪستانين جون آخري اميدون به ڌنڌ ۾ ويڙهجنديون ويون، پوءِ ڇا ٿيو؟ توهان ته ڄاڻو ٿا. اڄ مون کي اهو منظر ائين ياد اچي رهيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي مطابق هاڻ اسان جي مٽاسٽا جو ذخيرو گذريل 12 مهينن جي دوران 16.5 بلين ڊالر کان گهٽجندي گهٽجندي 5.5 بلين ڊالر تائين اچي پهتو آهي، يعني رياستي بينڪ جي تحويل ۾ جيڪي ڊالر باقي آهن، انهن مان بمشڪل ٽن هفتن جي برآمدات گهرائي سگهجي ٿي. چوڻ لاءِ ته نجي بينڪن جي تحويل ۾ به 5.8 بلين ڊالر پيل آهن پر اهي نجي کاتيدارن جي امانت آهن، جيستائين وفاقي حڪومت 1998ع وانگر معاشي ايمرجنسي نافذ ڪري انهن کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ وٺي پاڪستاني روپئي ۾ نه بدلائي ڇڏي. بظاهر هڪ امريڪي ڊالر جي سرڪاري قيمت اڄ جي تاريخ ۾ 228 روپين تائين وڃي پهتي آهي پر کليل مارڪيٽ ۾ اهو 235 روپين ۾ به ملي وڃي ته وڏي ڳالهه آهي. جڏهن ته افغان فري ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي ذريعي روزانو تقريبن ٽي ملين ڊالر سرحد پار وڃي رهيا آهن، جتان في ڊالر 275 روپين ۾ فروخت ٿي رهيو آهي، هن شرح منافعي جي هوندي ڊالر جي سرحد پار اسمگلنگ روڪڻ تقريبن ناممڪن آهي. ٻئي طرف ٻاهرين ملڪ مان مٽاسٽا جي مسلسل ترسيل جي ضامن سمنڊ پار پاڪستانين به معاشي بي يقيني جي هٿان پنهنجو هٿ ڇڪي رکيو آهي. هاڻ تقريبن ٽي ارب ڊالر ماهوار بدران 2 ارب ڊالر پاڪستان پهچي رهيو آهي ۽ ان مان به ڪيترائي ڊالر بينڪنگ چينلز جي بدران هنڊي جي ذريعي اچي رهيا آهن. اُن جو سبب بينڪن جي ايڪسچينج ريٽ ۽ کليل مارڪيٽ جي ريٽ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ فرق آهي. نجي بينڪن کي جيئن ته کاتيدارن کي ڏيڻ جي لاءِ اوپن مارڪيٽ مان ڊالرز مهانگي اگهن ۾ خريد ڪرڻا پئجي رهيا آهن، تنهن ڪري هو اسٽيٽ بينڪ جي جاري ڪيل لازمي درآمدي شين جي فهرست جي مطابق ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي) کولڻ جي اجازت جي باوجود ايل سي جي ضمانتي بڻجڻ کان انڪاري آهن. تنهنڪري هن وقت ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن تي ٻاهرين ملڪ مان اچڻ واري مال جو ڍير لڳل آهي، ڪسٽمز گودامن ۾ 358000 ٽن خوردني تيل سيز جي ڪليئر ٿيڻ جو منتظر آهي. گودام ۽ ايل سي جي تاخير جا چارجز روزانو جي حساب سان مال گهرائڻ واري تي پئجي رهيا آهن. جڏهن ته پوڻا ٻه لک ٽن خوردني تيل سان ڀريل 10 جهاز ڪليئرنس نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان بندرگاهه جي ٻاهران بيٺل آهن. تنهن ڪري ملڪ ۾ خوردني تيل جي کوٽ ۽ قيمت جو بحران مٿي تي آهي. پاڪستاني پنهنجي ضرورت جو 90 سيڪڙو خوردني تيل ٻاهران گهرائيندو آهي. اها ئي حالت صنعتي مشينري جي امپورٽ کي به درپيش آهي، روپئي جي گهٽتائي سبب اندروني ملڪ جي مارڪيٽ به سوڙهي ٿي رهي آهي، زرعي اوزار ٺاهڻ واري سڀ کان وڏي مقامي اداري ملت ٽريڪٽرز به ڇهه جنوريءَ کان ٽريڪٽرز جي پيداوار اڻ اعلانيل مدي تائين روڪي ڇڏي آهي، ڇو ته گهرج ۾ خاصي گهٽتائي ٿي آهي ۽ ائين ڪمپني مالي بحران جي ور چڙهيل آهي، جڏهن ته ٽريڪٽرز ۽ اسپيئر پارٽس ٺاهيندڙ يونٽن کي ملڻ وارن 8 ارب روپين جي ٽيڪس ريبٽ تي به گذريل ٻن سالن کان فيڊرل بورڊ روينيو عمل درآمد ڪرڻ کان قاصر آهي. ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن جي پيداوار ۾ به انهيءَ مشڪلات جي سبب گهٽتائي ٿي آهي. نشاط، ڪريسنٽ ۽ سرتاج جهڙا وڏا صنعتي گروپس پنهنجي ٽيڪسٽائيل جي پيداوار ۾ ڪٽوتيءَ جو اعلان ڪيو آهي. اُن جو مطلب آهي ته پهرين کان موجود لکين بيروزگارن ۾ وڌيڪ ڪجهه لکن جو اضافو. ڇاڪاڻ ته اقتصادي بحران عارضي قدمن ۽ سرسري علاج کان ٺيڪ ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ پهرين کان حاصل قرضن جي ادائگيءَ جي لاءِ وڌيڪ قرضن جي لاءِ ڀڃ ڊُڪ جاري آهي، تنهن ڪري جنهن جنهن جو وس هلي رهيو آهي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جا خواب پهرين کان وڌيڪ ڏسي رهيو آهي. رياستي قسمت تي قابض فيصلاساز اشرافيه ته پنهنجو ۽ گهروارن جو مالي ۽ رهائشي مستقبل جو بندوبست پهرين کان خليجي رياستن، يورپ ۽ ڏکڻ امريڪا ۾ ڪري ورتو آهي. هاڻ وڏا وڏا صنعت ڪار ۽ تاجر به پنهنجو سڀ ڪجهه آهستي آهستي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري رهيا آهن. مهانگائيءَ جو اشاريو سالياني حدون پار ڪري ماهوار کان ٿيندي هفتيوار جي حدن ۾ ڊبل عدد سان گڏ گهڙي چُڪو آهي. ٻه سال پهرين 100 رپئي جي جيڪا قوتِ خريد هئي هاڻ اُها 40 کان 50 روپئي جي برابر رهجي وئي آهي. لکين پينشن يافته انهن حالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن، مڊل ڪلاس ڪهڙي منهن سان چون ته هاڻ اهي عملي طور لوئر مڊل ڪلاس بڻجي چُڪا آهن، جيڪي بمشڪل ٻارن جي تعليمي فيس، دوا دارو ۽ روزمرهه جي دال ڀاڄيءَ جو خرچ پورو ٿيڻ تي ئي شڪرمند آهن. پر اُهي جيڪي چوندا آهن ته سڄي خدائي هڪ پاسي زال جو ڀاءُ هڪ پاسي. نواز شريف جو سمڌي اسحاق ڊار المعروف وزيرِ خزانه ۽ ڀيڻويو شهباز شريف المعروف وزيراعظم روزانو تسلي ڏئي رهيا آهن، گهٻرائڻو نه آهي، دوست ملڪن مان امداد به اچڻ واري آهي، آءِ ايم ايف جي پيڪيج جي نائين قسط اڄ سڀاڻ ۾ ملڻ واري آهي (ڄڻ جڏهن آگسٽ ۾ اٺين قسط ملي هئي ته کير جون نديون وهي نڪتيون هيون). هاڻ شايد توهان کي احساس ٿئي ته آئون 52 سال اڳ خليج بنگال پهچڻ واري ستين امريڪي بحري ٻيڙي کي ڇو ياد ڪري رهيو آهيان.
