ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا باءِ پولر ٿي وئي هئي معنيٰ هڪ طرف آمريڪي هٺ ڌرمي ۽ ٻئي طرف دنيا جي سڀني ملڪن بسميت روس ۽ چين جي وري نائين اليون دنيا کي ٽراءِ پولر ڪري ڇڏيو معنيٰ جتي آمريڪا جي زور آوري هئي اتي روس ۽ چين جي اتحادي ملڪن به زور آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان سبب هٿيارن جي جنگ وڃي معاشي ڊائنامزم تي بيٺي، پر هاڻوڪي سيڪيورٽي واري صورتحال ۾ دنيا جا رخ وري معاشي چٽاڀيٽي کان هٽي ساڳي جنگ ۽ جدال تي وڃي بيٺا آهن، ان ڪري روس جي يوڪرين تي جنگ ۽ چين جي تائيوان تي زور زبردستي ۽ آمريڪا جا ايٽمي هٿيارن جي بهاني ايران ۽ پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ هٿ ان ڳالھه جا ثبوت آهن ته دنيا ڪنهن ٻئي طرف ٿي ڪاهيندي هلي،، هاڻوڪين طالبان پاليسين جي ڪري آمريڪا جو اسٽانس چٽو ٿي سامهون اچي ويو آهي ته آمريڪا به جنگ ٿو چاهي، ان ساڳئي تناظر ۾ هڪ مثال ٿا وٺون ته جيڪي غيرملڪي يورپي ملڪن ۾ وڃي اتي رهائش پزير ٿيندا آهن ته انهن تي هڪ شرط لاڳو هوندو آهي ته جي اهي حڪومت کان ڪنهن به قسم جي امداد وٺندا ته انهن جي مٿان هڪ ”چيڪ“، پابندي لڳي ويندي آهي ته اهي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به باشندي کي ”اسپانسر“ نه ڪري سگهندا، ان ڪري ته جڏهن اهي پنهنجو پيٽ نه ٿا پالي سگهن ته اتي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي اسپانسر ڪيئن ڪري سگهندا، ان ڪري ساڳي ڳالھه ۽ مثال پاڪستان تي به عائد ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن هڪڙو ملڪ پنهنجو پيٽ نه ٿو پالي سگهي تڏهن اهو، جنهن ملڪ جي معاشي حالت خراب هجي، جنهن ملڪ جي اڪانومي جو اهو حال هجي جو اهو آبپاشي جا نظام سنڀالي نه سگهي ۽ ملڪ ٻوڏ متاثر بڻجي وڃي، جيڪو قرض ۾ ٻڌل هجي، جيڪو ملڪ پنهنجي سڪي جو قدر نه بچائي سگهي، جيڪو ملڪ پنهنجي سرحدن جي حفاظت جي لاءِ طالبان جو ”ڪانسينٽ“ لهي، حاصل ڪرڻ جي لاءِ جتن ڪري ان ملڪ کي پوءِ يونائيٽيڊ نيشنز جي سيڪيورٽي ڪائونسل نه بخشيندي.
اها هڪ ٻي ڳالھه ٿي وئي ته جڏهن يورپ پاڻ ڦاسندو آهي تڏهن نزلو ٻين ملڪ تي به ڪيرائيندو آهي، مثال: ”ڪري عيسيٰ ڀري موسيٰ“، ”هم تو ڊوبين گي صنم تمهين بهي لي ڊوبين گي“ جيئن ماحولياتي گدلاڻ ڪن اهي 10 وڏا ملڪ ٿا پر ڀرن اهي غريب ملڪ ٿا، جيڪي وچ ايشيائي آهن پر انهن 10 ملڪن جي مٿان انهن جي صنعتي ترقي جو دونهون نه ٿو ڪري ان ڪري ته اهي 10 ملڪ دونهون ڀلي ڪن پر انهن جا نقصان ۽ نتيجا انهن جي ڳچيءَ ۾ قطعن ناهن، ”اوزون“ جي سڄي هيٺاهين، ليٽَ رڳو ايشيائي ملڪن، خاص پاڪستان تي آهي، اها ڳالھه به آهي ته سوشل سائنس، اپلائيڊ سائنس، مئنيجمينٽ سائنس جون ٿيوريون، تجربا حرف آخر ناهن هوندا ان ڪري اها ڳالھه به سڀاڻي غلط ثابت ٿيڻي آهي ته صنعتي ملڪن جو دونهون، اوزون جا اثر رڳو پاڪستان تي ڇو؟، هائپر ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ سيڊنگ ٽيڪنالاجي جا موجد ۽ ڊرائيونگ فورسز ڪهڙا ملڪ آهن (بهرحال، اهو وري ٻيو بحث ٿي ويندو) پر اسان ته ان ڳالھه تي آهيون ته جڏهن يورپ ڦاسي ٿو ته اهو ڳولي رڳو ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز ٿو، جڏهن پاڻ ترقي پئي ڪيائون ته تڏهن نه دونهون هو نه گدلاڻ هئي نه ئي ماحولياتي گدلاڻ، جڏهن هاڻي پاڻ ڦاسن ٿا ته ان ۾ به ڏوھ غريب ملڪن جو جن وٽ کائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني ناهي اهي ڇا ڪندا، ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪا جاپان تي 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ 1945 تي لاڳيتا ٻه بم ڪيرائي به دنيا جي آڏو اهو ثابت ڪيو ته دنيا کي ڪو خطرو ناهي ان ڪري جيڪو آمريڪا ڪيو اهو صحيح هيو هاڻي جي اهي ئي هٿيار جيڪي زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ وارا آهن، جيڪڏهن پاڪستان ۽ ايران جي هٿ وس ٿي پيا آهن ته دنيا کي خطرو آهي، ان ڪري ته هو سمجهن ٿا ته اهي بم جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري جي هٿ لڳي ويا ته اهي ڪجھ به ڪري سگهن ٿا ان مان مراد ته جيڪڏهن آمريڪا کي خطرو آهي ته دنيا کي به خطرو سمجهو.
بائيڊن ۽ ٽرمپ(معنيٰ ڊيموڪريٽڪ، ٽرمپ معنيٰ ريپبليڪن) صدرن مان اها ئي اميد هئي ته اهي مسلمان ملڪن جي ايٽمي اثاثن تي يو اين او جي اندر ڪجهھ ڏينهن ۾ متان اهڙي قرارداد پيش ڪن ته ايران وانگي پاڪستان به ايٽمي هٿيار جي نمائش ۽ واڌ (پروليفريشن) نه ٿو ڪري سگهي ان ڪري ته جنهن ملڪ وٽ کائڻ لاءِ ڪجهھ ناهي اهو قرض وٺي هٿيار صاف نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيئن ايران تي يو اين او جي ٽيم 2015 ۾ هڪ قرارداد پاس ڪرائي هئي (جنهن ۾ سعوديءَ وڏي حام ڀري هئي) ۽ ”آءِ اي ئِي اي“ جي ٽيم ايران جي ايٽمي هٿيارن تي ”سِيلون“ هڻي وئي هئي ته اهي ايراني ڪنهن به طرح هاڻي ايٽمي هٿيارن جي واڌ ويجھ نه ٿا ڪري سگهن ۽ اهي چوويھه ڪلاڪ يواين او جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ ”آءِ اي ئي اي“ جي سخت ترين نگهباني ۾ هوندا انهن جي مٿان سيٽلائيٽ جون ڪيمرائون ۽ مخصوص ٽيمون مقرر ڪيون ويون هيون (جيڪي اڃان تائين اهي ضبط ڪيون ويٺيون آهن) ان ڪري ته ”آپ نه پالي ڪتا ڌاري“، پاڪستان ۾ يو اين او جو سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ٻوڏ متاثرن جي جيڪا حالت ڏسي ويو هيو، اها حالت رڳو سنڌي ڪچن ڳوٺن جي نه هئي پر اها حالت هڪ ملڪ جي به هئي، جيڪا پڪچر ٻاهرين ملڪن تائين پڳي، اها خراب هئي ۽ ان اميج پڻ اها ڳالھه ويتر خراب ڪري ڇڏي هئي ته جنهن ايٽمي ملڪ جا ماڻهو هڪڙي پيناڊول ٽڪيءَ جي لاءِ تڙپن. اهي حڪمران ايٽمي هٿيارن جي لائق ناهن، ان ڪري ان تناظر ۾ ۽ مسلمان ملڪ هجڻ جي ناتي دنيا اسان کي ٻي نظر سان ٿي ڏسي ۽ اسان هتي ٻيون هنبوشيون ٿا هڻون، رڳو بندوق صاف ڪرڻ به جيئڻ جو سامان نه ٿو بخشي، ان ڪري معيشت جو بهتر ۽ استقامت وارو هجڻ به ضروي آهي.
ڳالھه رڳو لفاظي واري به ناهي، جوبائيڊن واري ڳالھه قرارداد ٿي ويٽو ٿي وئي ته ملڪ جي لاءِ وڏي خطري جي گھنٽي هوندي، اها ڳالھه به اهميت جي حامل آهي ته پاڪستان جي مٿان رڳو آءِ اي ئي اي، ايف اي ٽي ايف، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، يو اين يو، سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڪرڙي اک به آهي، پر ساڳي جاءِ تي ملڪ جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اڙيل به آهي، هڪ پاسي روسي ۽ چيني پاليسين جي سوڙھ اٿن ته ٻئي پاسي آمريڪي دٻڙ دئونس، پوءِ ملڪ ڪاڏي وڃي؟ مثال سنڌ جا ڪوسٽل ايريا چين جي حوالي ٿا ڪن ته آمريڪا اکيون ٿو ڏيکارين، يو ايس ايڊ جي ڳالھه ٿا ڪن ته چين جي پريشر کي منهن ٿا ڏين ان ڪري هي ملڪ ٻن گهرن جو مهمان آهي، پوءِ هاڻي ڪاڏي وڃي؟ هڪ پاسي باھ آهي ته ٻئي پاسي پاڻي آهي، پر ان سڄي صورتحال ۾ حڪمرانن جي ”سيريز“ ۾ ٿيل غلطيون به آهن جيڪي هڪ ڏينهن ۾، رات پيٽ ۾ سڌري، سڌاري نه ٿيون سگهجن ان ڪري جو اها حالت به صدين جي مسافت آهي، رڳو ايٽمي طاقت جو هجڻ غريب ملڪ جي ماڻهن جي معيشت بهتر نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري ملڪ جي معاشي حالت سڌارڻ به انهن سڀني 75 سالن ۾ ايندڙ ويندڙ حاڪمن جو اولين فرض هيو ته اهي معيشت جي بحالي ممڪن ڪن هان ۽ ٻين ملڪن جي امدادن تي ملڪ کي ڇڏي نه ڏين هان، ۽ هنن کي اهي سڀ شيون تماشو لڳيون، اهي سمجهن پيا ته ملڪ ائين الله جي آسري هليو هلندو، ان ڪري ڪجهھ ڪرڻو ناهي رڳو لساني، ٻيائي، تعصب پرستي ۽ نفرت واري واري سياست ڪري جان ڇڏائڻي هين، پنج سال گذارڻ کانپوءِ هڪ اسٽيٽمينٽ ڏئي جان ڇڏائڻي هوندي اٿن ته اسان کي حڪومت جا ليکا چوکا سمجهھ ۾ نه ٿا اچن.
آمريڪي پاليسي به ٻٽي رهندي آهي ۽ ايتري ڊپلوميٽ جو ڳالھه سمجھه کان ٻاهر، مثال جي هاڻي چون ٿا پاڪستان خطرناڪ ترين ملڪ آهي ته اهي اها ڳالھه ثابت ڪري به ڏيکاريندا، ان ڪري ته جڏهن نائين اليون کانپوءِ هنن ثابت ڪيو ته طالبان دنيا جي لاءِ خطرو آهن ته آمريڪا دنيا جي آڏو اساما بن لادن جهڙا ”پَپَيٽ“ ڄڻي ثابت ڪيو ته آمريڪا صحيح آهي، هاڻي چون ٿا طالبان بي ڏوهي آهن ته ان ڳالھه کي به ثابت ڪري ڏيکارين ته طالبان جو ڪو ڏوھ ناهي ۽ عام معافي ڏيون، ان ڪري طالبان کي رڳو پاڪستان ان ڪري پيدا ڪيو جو انهن کي روس جي جارحيت کي ٻنجو ڏيڻو هيو ان ۾ طالبان غريبن ۽ ويچارن جو ڪو ڏوھ ناهي، ان ڪري پاڪستاني بارڊر کي کوليو ته جيئن اهي طالبان پاڪستان جهڙي ملڪ (خاص سنڌ صوبي) ۾ ويهن ۽ آمريڪي پاليسيون وري ڪارفرما آڻين ۽ هاڻي جڏهن هي وري پاڪستان کي خطرناڪ ترين ملڪ قرارا ٿا ڏين ته ان ڳالھه تي به وري ”آءِ اي ئي اي“ جون ذميواريون لڳائيندا ته اهي ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ پاڪستان ايٽمي اثاثن تي ايران وانگي هڪڙو ”آءِ اي ئِي اي“ جو ڪانءُ ويهارن جيڪو سڄو ڏينهن ويٺو ٽاڻي ته جيئن پاڪستان کي واقعي ئي خطرناڪ ملڪ قرار ڏئي سگهن ۽ طالبان جي ميٽر کي تيز ڪري سگهن. ان ڪري جو جنهن ملڪ جي حڪمرانن کي رڳو ڪرسيءَ جي ڳڻتي هجي، جنهن ملڪ جا باشندا ٻن ويلن جي ماني جي لاءِ تڙپن ۽ رڳو سڄو ڏينهن اٽي جي اگهن پٺيان ملڪي معيشت گهمي، اهي يو اين او جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪهڙو بچاءُ ڪري سگهندا؟ آمريڪا سان ڪهڙا سينا ساهيندا؟