wusatullah khan

۽ هاڻي وري کين عمران خان درپيش آهي!

ليکڪ وسعت الله خان

وسعت الله خان

اها ڳالهه ته طئه آهي ته ڪو به ڪنهن مان خوش نه آهي، ايتري قدر جو جنهن پتلي ۾ خالق جان وجهندو آهي ڪجهه ئي عرصو گذرڻ کانپوءِ اهو پتلو به خالق لاءِ چيلينج بڻجي ويندو آهي، ۽ پوءِ ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف آمهون سامهون اچي بيهندا آهن ۽ هڪ ٻئي لاءِ چيلينج بڻجي ويندا آهن.

پر خالق خالق آهي اهو ڪڏهن به پنهنجا سمورا گر پنهنجي جوڙيل پتلي جي من ۾ نه وجهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پتلي کي شڪست ملندي آهي، ان کانپوءِ وري خالق هڪ نئين امنگ سان هڪ ٻئي ۽ نئين پتلي کي تيار ڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان بعد وري اها ئي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي، جيڪا اڳئين پتلي جي تخليق بعد شروع ٿي وئي هُئي. اهڙي ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ شايد هڪ ئي حل آهي ته پتلي جي کوپڙيءَ کي خالي ڇڏيو وڃي ان ۾ ڪوبه خيال نه وڌو وڃي، پر ائين ڪرڻ سان مسئلو اهو آهي ته پوءِ رڳو اهو پتلو چپ چاپ رهندو ۽ کيس جيڏانهن وڃڻو هوندو اوڏنهن هلي پوندو نه ڪجهه سوچي سگهندو ۽ نه سمجهي سگهندو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي سمجهائي سگهندو، جيڪڏهن اهڙو ئي پتلو جوڙڻو آهي ته پوءِ گهڻن پتلن جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي پوءِ ته رڳو هڪڙو ئي پتلو ڪافي آهي.يا وري اهڙي قسم جي ڪا اٽڪل ڪجي جو پتلو ته جوڙجي پر ان جي ذهن جي پروگرامنگ اهڙي نموني ڪجي جو اهو تابع هُجي، يا وري پروگرامنگ اهڙي قسم جي هُجي جو پتلو رڳو جعلي وظيفا سرانجام ڏئي ۽ خالق جي لاءِ ڪو مسئلو نه بڻجي، جهڙي نموني عقل نه هجڻ جا پنهنجا مسئلا آهن، اهڙي ئي نموني وري مڪمل اطاعت ڪرڻ جا وري پنهنجا مسئلا آهن، پيچيدگيون آهن.

هاڻي اوهان ئي ڏسو ته اسٽبلشمينٽ ڪيڏي نه وڏي محنت سان مختلف قسمن جا پتلا تيار ڪري ٿي انهن جي گرومنگ ( پروگرامنگ ) ڪري ٿي، انهن کي وري دهلن دمامن سان ميدان تي آڻي ٿي، انهن کي هڪ خاص انداز ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ سيکاري تيار ڪري ٿي، انهن جي ننڍين وڏين مادي ۽ ذهني پيچيدگين کي دور ڪرڻ انهن جي مرمت ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪاريگر به مهيا ڪري ٿي، انهن کي محدود سطح جا فيصلا ڪرڻ لاءِ آزادي به عطا ڪري ٿي، ته جيئن کيس ڏسڻ وارا اهو نه سمجهن ته هو ڪو پتلو آهي.

جاپان ۾ بونزائي علم نباتيات جي حوالي سان هڪ علم آهي، ان علم جي ذريعي بڙ جي وڏي ۾ وڏي ۽ گهاٽي وڻ کي به هڪ ننڍڙي ڪونڊيءَ ۾ به پوکي ۽ اپائي سگهجي ٿو، ڏسڻ ۾ اهو ننڍڙو وڻ بڙ ئي لڳندو پر ان جون پاڙون رڳو ان ئي ڪونڊيءَ تائين محدود هونديون آهن جنهن ۾ ان کي اپايو ويندو آهي. اسان وٽ مشڪل اها آهي ته بونزائيءَ جي فن کي ساراهيو ته ويندو آهي، مهانگا مهانگا بونزائي سماج جي امير گهراڻن ۾ موجود به هوندا آهن، اسان وٽ مقامي طور تي به بونزائيءَ کي تيار ڪرڻ جو فن سکندڙن جي هڪ وڏو انگ موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته انهن جي هٿن ۾ جاپاني ماهرن جهڙي ڪا به صفائي نه هوندي آهي. جاپانين ته خير انهيءَ علم کي رڳو نباتيات جي حد تائين ئي محدود رکيو آهي، پر اسان جيئن ته وکري ٽائپ جا ماڻهو آهي ان ڪري اسان جي ماڻهن سوچيو ته بونزائيءَ کي رڳو ڇو نباتيات تائين محدود رکجي ان کي سياست، نظريات ۽ ذهنن کي بونزائي ڪرڻ لاءِ ڇونه استعمال ڪجي.

پر اسان وٽ بدقسمتي اها آهي ته جڏهن به ڪنهن ٻوٽي جي بونزائي ڪئي وئي ته انهن وڌڻ جي ايتري ته ڪوشش ڪئي جو جو ڪونڊي ئي ڀڄي پئي، اسان جي ماهرن ڪڏهن سوچيو ئي نه ته جيڪڏهن بونزائيءَ جو علم رڳو ٻوٽن تي کي بونزائي ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي شعبي جي بونزائي ڪرڻ لاءِ به عمل جوڳو هُجي ها ته اڄ جاپاني به ان علم کي ٻين شعبن تي پڻ لڳو ڪن ها.

انساني سماج ۾ غلاميءَ جي شعبي ۾ هزارين سالن تائين هڪڙو به بونزائي پيدا ٿي نه سگهيو، ايتري قدر جو جسماني غلاميءَ کي پنهنجي صورتحال ئي تبديل ڪرڻي پئي، اهڙو عمل وري نظرين ۽ عقيدن سان پڻ ٿيو آهي، اهي پيدا ٿيا، وڌيا ويجهيا ان بعد وقت ۽ مشڪلاتن انهن جي شڪل ۽ صورت ئي تبديل ڪري ڇڏي ۽ بعد ۾ اهي ختم به ٿي ويا، پراهڙي سموري صورتحال جي پيش نظر انساني سماج جي تاريخ ۾ غلامن جي ذهنن کي به دائمي طور تي بونزائي ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪامياب نه ٿيو.

اسان دولي شاهه جا ڪوئا ته ٺاهيا جيڪي پري کان سڃاتا ويندا آهن ۽ سواءِ پنهنجي نگران جي هڪ به وک اڳتي پوئتي نه ڪندا آهن، اسان پتلا به جوڙيا پر معياري ريگيوليٽر جوڙي نه سگهياسين، تنهنڪري انهن ۾ ضرورت کان گهٽ يا وڌ جان پئجي وئي

اسان کي ماضي ۽ هال جا سمورا تجربا ۽ مشاهدا ٻڌائين ته سياست جي شعبي ۾ جيڪي به بونزائي ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويا آهن، اهي سڀ جا سڀ ناڪام ثابت ٿيا آهن، ها پر ڀٽو، جوڻيجو، بينظير، نواز شريف وغيره وغيره پاران ڪونڊيون ڀڃڻ باوجود اسان جي ماهرن ڪوششون ڪرڻ نه ڇڏيون، ۽ هاڻي وري کين عمران خان درپيش آهي.

مون کي الطالوي ڊرامه نگار لوئيگي پرانديلو جو سو سال پراڻو ڊارمو، ” ڇهه ڪردار مصنف جي ڳولا ۾ “ هنن ڏينهن ۾ بي انتها ياد آيو آهي، ڇهه ڪردار جن کي مصنف تخليق ڪيو پر ان ڪهاڻين کي اڻپورو ڇڏي ڏنو ، هاڻي اهي ڪردار هڪ اهڙي ليکڪ جي ڳولها ۾ آهن جيڪو انهن جي ڪهاڻيءَ کي مڪمل ڪري ته جيئن اهي به پنهنجي زندگي جيئڻ شروع ڪن.

الطالوي ڊرامه نگار لوئيگي پرانديلو جو اهو ڊارمو ڪيترين کي ٻولين ۾ دنيا ۾ سوين هزارين دفعا اسٽيج ٿيو آهي، جڏهن ته اهو ڊرامو اسان وٽ به گذريل 74 سالن کان جاري آهي، ڪيترن ئي ليکڪن اهڙين اڌوري ڪهاڻين کي مڪمل ڪڻ لاءِ تمام وڏيون ڪوششون پڻ ڪيون، انهن ڪهاڻين جا منظر ۽ مڪالما تبديل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون ويون پر هن وقت تائين اهي ڪردار پنهنجي نئين ليکڪ جي ڳولا ۾ آهن ۽ پاڻ به اڻ پورائي جو شڪار آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *