ابراھيم ڪنڀر

ھائبرڊ حڪومتي نظام جو آئيندو

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ ست آڪٽوبر کان خراب ٿيل معاملا نبري نہ سگھيا آھن، سوشل ميڊيا تي ھلندڙ مھم ھڪ طرفي آھي، اسان جي سوشل ميڊيا واري سنگت سچ بہ دڦ تي بندوق ڇوڙڻ جي عادي ٿي چڪي آھي ھنن تہ ھڪ اھم اداري جي اھم عھديدار جي مقرري ڪري انھي جو نوٽفيڪشن صحيح ڪري پنھنجي ٽيبل جي خاني ۾ رکي ڇڏيو آھي ھاڻ سندن مرضي آھي جڏھن جاري ڪن، پر حيرت جي ڳالھ آھي تہ جنھن کي سوشل ميڊيائي سنگت مقرر ڪيو آھي انھي جي قوم کي بدلائي پنھنجي کاتي ۾ وجھي ڇڏي آھي، اسلام آباد جون زمينون حقيقتون انھي کان مختلف آھن، راولپنڊي جا حلقا دعوا ڪري رھيا آھن تہ وزيراعظم ھائوس کي ڪي بہ ٽي نالا نہ ويا آھن جيڪڏھن ويا آھن تہ اھي ٽئي نالا اھي آھن جو اعلان اھم عھدي جي لاءِ آئي ايس پي آر اڳ ۾ ڪري چڪو آھي، رڳو نالي جي زير زبر ۾ فرق آھي.
سرتاج ڀٽائي گھوٽ چيو تہ جئين مينھن ڪنڍي پور، تئين دوس وراڪو دل سان، سو راولپنڊي ۽ اسلام آباد واري سنگت جي صورتحال بہ اھڙي آھي ڪيفيت ٻي آھي بظاھر مينھن ڪنڍي پور وجھيو بيٺي آھي، يعني سڱ سڱن ۾ اھڙا قابو آھن جو ھڪ مينھن جا سڱ وڍجن تڏھن ئي صورتحال کي بھتر ڪري سگھجي ٿو. ھي وراڪو محبت واارو ناھي پر ھي باقاعدہ جنگ واري صورتحال آھي پاڻ ھن کان اڳ واري ڪالم ۾ لکي چڪا آھيون تہ اھا صورتحال ڪو پھريون ڀيرو پيدا نہ ٿي آھي اھا صورتحال پاڪستان ۾ اقتدار جي جنگ جي ڪري سدائين پيداٿيندي رھي آھي.ھن وقت بظاھر اھو تاثر ڏنو پيو وڃي تہ صورتحال معمول تي اچي وئي آھي پر اھو بہ سچ آھي تہ پاڪستان ۾ جڏھن بہ انھي قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آھي تہ في الوقت انھي ۾ ڪا ماٺار اچي بہ وڃي تہ بہ انھي جا نتيجا ھاڃيڪار ،ڀيانڪ ۽ خطرناڪ نڪرندا آھن ايستائين جو اندازي يا ڪاٿي کان وڌيڪ خطرناڪ نڪرندا آھن..
ھن وقت بہ صورتحال نارمل بدران غير يقيني آھي، انھي جي ڪري اھو چئي سگھجي ٿو تہ ڪجھ بہ ممڪن آھي، ھونئن بہ پاڪستان جو سياسي جمھوري نظام پھرين ڏينھن کان وٺي پير کوڙي نہ سگھيو آھي انھي جو مک ڪارڻ طاقتور ادارن جي ھڪ ھٽي ۽ ٻين ادارن جي ساڻن ملي ڀڳت ئي آھي، ھن وقت بہ سياسي نظام کڻي سليڪٽڊ ئي سھي پر ڪمزور ترين نظام آھي پارليامينٽ کان سواءِ باقي سمورا ادارا مضبوط آھن ان جي مضبوطي جي لاءِ ڪجھ قدم کنيا بہ ويا مثال طور ٽي نومبر 2007 ع وارن پرويز مشرف جي ايمرجنسي وارن غير آئيني قدمن جي خلاف سنڌ ھائيڪورٽ بار جي درخواست تي ا فتخار چوڌري چوندو ھو تہ سنڌ ھائيڪورٽ بار ڪيس جي فيصلي کانپوءِ پرويز مشرف جي کنيل غير آئيني قدمن جھڙن سمورن قدمن خلاف سپريم ڪورٽ فولادي ديوار بڻجي بيٺي آھي،ھاڻ ڪنھن بہ اداري کي غير آئيني قدم کڻڻ جي جرعت نٿي ٿي سگھي، پيپلز پارٽي ارڙھين ترميم ۾ آرٽيڪل ڇھ يعني سنگين غداري واري آئيني شڪ ۾ ڪجھ ترميم ڪرڻ کانپوءِ اھو باور ڪرائيندي رھي آھي ھاڻ ڪافي ٿي ويو، ھاڻ ڪنھن بہ غير آئيني قوت ۽ غير سياسي اداري کي آئين سان ھٿ چراند جي جرعت نٿي سگھي، پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري جو ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ مسلم ليگ نواز اھو چوندي رھي تہ ملڪي تاريخ جي پھريون ڀيرو ڪنھن آمر جي خلاف سنگين غداري جو ڪيس داخل ٿيو آھي انھي جي ڪري ھاڻ مارشلا يا غير آئيني قدمن جا دروازا بند ٿي چڪا، عالمي صورتحال بہ ڪجھ تبديل ٿي چڪي اھي سمورا قدم مثبت طور اڳيان وڌندا رھيا پر او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي جي مثال، ھتي اڃان گهڻو ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھي سموري قدم کڻڻ جي باوجود عام زبان تي جيڪا شي بحث ھيٺ ايندي رھي آھي اھا ھي آھي تہ پاڪستان ۾ سڀ ڪجھ ممڪن آھي. انھي ٿيڻ جو ڪارڻ اھو آھي جو جنھن ڪمزور ترين جمھوري نظام ۾ اسان ھلي رھيا آھيون انھي نظام جي دفاع، بقا يا انھي کي جٽادار ڪرڻ ۽ چار چنڊ لڳائڻ خاطر ھن ملڪ ۾ ڪجھ بہ ممڪن آھي انھي جي ڪري ڪڏھن ڪڏھن ارڙھين ترميم، سنڌ ھائيڪورٽ بار فيصلو يا وري پرويز مشرف جي خلاف غداري جي ڪيس واري فيصلي واري سموري مشق فضول قسم جي لڳندي آھي انھي جو ھڪ ڪارڻ آھي، ھن ڀيري بہ عمران خان جي شڪل ۾ ھڪ ھائبرڊ نظام ملڪ تي مڙھيو ويو، يعني ميان نواز شريف جي ھلندڙ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي لاءِ جيڪي بہ سٽون سٽيون ويون، جيڪي تياريون ڪيون، عمران خان کي اڳيان آڻڻ جي لاءِ جيڪي رياستي تياريون ڪيون ويون ۽ ملڪ تي ھڪ ھائبرڊ جمھوري نظام مڙھڻ جي لاءِ جيڪي پروگرام تيار ڪيا ويا جيڪا مشق ڪئي وئي ۽ ملڪ کي ھڪ نئين ليبارٽري مان گذاري جيڪو تجربو ڪيو ويو اھو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي.
پاڪستان ۾ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪجھ ڪيو آھي انھي جي اڌ جيترو ڪم ٻين وزيراعظمن ڪيو، انھن سان جيڪو حشر ٿيو آھي اھو تاريخ ۾ لڪيل آھي، پاڪستان کان ٻاھر ويھي پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي کي بيان ڪرڻ، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري قانون کي واضع ڪرڻ يا سمري موڪلڻ کان وٺي ھاڻ ڳجھي اداري جي سربراھ جي مقرري تائين جيڪي بہ شعوري يا لاشعوري جھول سامھون آيا انھي کي جيڪڏھن ملڪ جي پاپولر سياسي قيادت جي وقت ۾ ڪندو ڏسجي ھا تہ مٿن غداري جون سوين فتوائون ئي نہ لڳن ھا پر ھيستائين ملڪ جي سوين ٿاڻن تي سندن خلاف درخواستون داخل ٿي چڪيون آھن، عمران خان اھو دادلو آھي جنھن ھڪ ڀيرو کيڏڻ جي لاءِ چنڊ گھريو تہ عوام جو ساھ سندس مٺ ۾ ڏئي اقتدار کيس ڏنو ويو، عمران خان جڏھن انھي عوام کي سبق سيکاارڻ جي لاءِ ٻيھر چنڊ گهريو تہ بہ کيس لاھي ڏنو چنڊ لاھي ڏيندڙن جو بہ ڪجھ فائدو ھو پر ھاڻ وري ھو مستقبل روشن جي لاءِ ڪرڻ جي لاءِ ساڳيو چنڊ گهري رھيو آھي ۽ جن جي ھٿن ۾ چنڊ آھي انھن جو ڪو مستقبل ناھي، انھي جي ڪري انھن رڳو چنڊ ڏيڻ کان ئي انڪار نہ ڪيو آھي پر ھنن کي اڳ ٻہ ڀيرا چنڊ ڏيڻ واري غلطي جو احساس بہ ٿي چڪو آھي.
وفاقي گاادي ۾ کاھوڙي، تجربيڪار ۽ مشاھدي سان گڏ ڪجھ انفارميشن رکندڙ صحافين جو خيال آھي تہ ھن ڀيري راولپنڊي کي اھو احساس وڪوڙي ويو آھي تہ معاملا نبرڻ بدران منجھي چڪا آھن اھو شخص جنھن کي مسيحا سمجھيو ويو اھو پنھنجي ھر ناڪامي جو بار اسان جي ڪلھن تي وجھي رھيو آھي، ھڪ پاسي اھا سوچ آھي تہ بس گهڻو ٿي چڪو، ھاڻ معاملن کي معمول تي آڻڻ جو وقت اچي ويو آھي اھو ياد رکڻ گهرجي تہ ٽن سالن ۾ جيڪي معاملا خراب ٿيا يا جنھن حد تائين خراب ٿيا آھن انھن کي سڌارڻ جي لاءِ بہ گهڻو وقت گهربل آھي، ائين ناھي تہ جنتر منتر ڪري معاملا منٽن اندر درست ڪري ڇڏجن، عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ پنھنجي سمورين پاليسين، سمورن پاسن ۽ حسابن کان ناڪام ٿيو آھي، ھي جنھن تازي صورتحال جنم ورتو اآھي انھي جي چونڪ چوراھن تي جھڙي ريت بحث ھيٺ آندو پيو وڃي اھڙي نازڪ صورتحال ڪڏھن پيدا نہ ٿي آھي، پاڪستان جڏھن کان ٺھيو آھي تڏھن کان نازڪ صورتحال مان گذريو آھي پر ھن وقت اھا صورتحال ٻيڻي ٽيڻي نازڪ ٿي چڪي آھي.ؐخابرو حلقن جو چوڻ آھي تہ ڇھ آڪٽوبر تي جيڪو اعلان راولپنڊي مان ٿيو اھو حتمي ۽ آخري سمجھيو وڃي انھي جي نفي ڪرڻ جي جرئت ڪنھن ۾ ناھي، ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿيندو آھي تہ طاقتور حلقن کي پنھنجي وقار بچائڻ جي خاطر پوئتي پير ڪرڻا پوندا آھن پر تاريخ شاھد آھي تہ اھا حڪمت عملي وقتي ھوندي آھي،جيڪڏھن مستقل بنيادن تي اھو احساس ٿئي ھا تہ شايد صورتحال قطعي طور ٻي ھجي، جاگرافيائي، معاشي، افرادي قوت سان مالا مال رياست کي رڳو ھلڻ جي لاءِ آزادي نصيب ٿئي ھا تہ اقوام عالم ۾ اسان جي حالت ھي قطعي نہ ھجي ھا پر اقتدار جي حوسين کي سون ٺاھيندڙ مجوسين جيان ڪجھ ٻيوئي ڪرڻو ھو ۽ اھو ڪري ملڪ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيائون، سائي رنگ جي پاسپورٽ کي جيڪا عزت ۽ مقام ملي رھيو آھي انھي مان اندازو لڳايو تہ اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟
تاريخ اھم ھوندي آھي پر ڪيلنڊر جون تاريخون ھن ھائيبرڊ نظام ۾ اھم حيثيت حاصل ڪري چڪيون آھن، ڪالھوڪي اپ ڊيٽ اھا آھي تہ پاڪستان جي سپر ايجنسي جي وجود کان وٺي ھيستائين اھڙو ڪجھ نہ ٿيو آھي جيڪو عمران خان جي حڪومت ڪيو آھي، اھا بہ شاھدي ملي ٿي تہ آرمي چيف جي مدي جي واڌ واري نوٽفڪيشن ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو آھي اھو بہ عمران خان جي دور اقتدار دوران ٿيو، اڄ جي خبر اھا آھي تہ معاملا نبري چڪا آھن پر انھن معاملن کي نيبرڻ ۾ عمران خان جو ڪو ڪردار ناھي، ھاڻ ٻئي ڌريون يعني اسلام آباد ۽ راولپنڊي پنھنجي پنھنجي الڳ راءِ جي باوجود انھي نتيجي تي پھچي چڪيون آھن تہ معاملا کي وڌيڪ خراب ڪرڻ بدران بھتر انداز ۾ حل ڪيا وڃن.انھي جي ڪري ھاڻ پاڻ کي مثبت خبر اھا ئي ھلائڻي آھي تہ معاملا خوش اصلوبي سان طئي ٿي ويا آھن. انھي خبر جي چيڙڦاڙ ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو سمجھڻ انتھائي ضروري آھي ۽ سڀني تي اھا ڳالھ عيان ٿي چڪي آھي تہ عمران خان کي ھڪ سازش تحت ملڪ مٿان مڙھيو ويو، انھي جو ڪارڻ ٻيو ڪجھ نہ ھو پر ھاڻ اھا شي ظاھر ٿي رھي آھي تہ نواز شريف ۽ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ڪجھ ڳجھين رپورٽن تي ختم ڪري ڪاڪ محل اڏڻ جا رڳو خواب ڏٺا ويا جن اھي خواب ڏٺا يا جن انھن خوابن کي سچ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون اھي سڀ پڌرا ٿي چڪا آھن. اڳيان ھلي اھو بہ ٻڌايون تہ جيڪي ٽي نالا ڏيڻ جي خبر ھئي اھا خبر عمران خان حڪومت ھلرائي ھئي، انھي جي پويان ڪا صداقت ناھي، نالو ھڪ ئي ھو جنھن جي لاءِ ڪنھن سوشل ميڊيا تي اھو بہ لکيو تہ ٽي نالا آيا آھن، نديم انجم، نديم خان، نديم احمد انجم بس انھي کان وڌيڪ نالا نہ ايا آھن.
دنيا ۾ جمھوريت ھر نئين ڏينھن تي ترقي ڪندي رھي آھي، انھي جو بنياد ھڪ سسٽم آھي جنھن جي پيڙھ آئين تي رکيل ھوندي آھي، رڳو لکيل صورت ۾ ئي آئين نہ پر جمھوري روايتن تي ٻڌل اڻ لکيل آئين تي بہ شاندار جمھوري سسٽم قائم آھي، برطانيا جنھن جي پارليامينٽ کي پارليامينٽ جي ماءُ سڏيو ويندو آھي انھي ۾ ڪو لکت ۾ آئين ناھي، نيوزلينڊ جنھن جا ماڻھو مھذب، سلڇڻا، اخلاق جا مجسم ۽ نماڻا آھن انھي ملڪ جو آئين بہ لکت ۾ ناھي، اسرائيل جيڪو مسلم دنيا جو دشمن ملڪ تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ ھڪ مڙھيل رياست ئي سھي پر اتي بہ آئين لکت ۾ ناھي. اسان انھن سمورن ملڪن جي پرڏيھي پاليسين کي ذڪر ھيٺ آڻڻ يا انھن جي اندروني معاملن کي ڇيڙڻ بدران رڳو اھو چونداسين تہ اتي جمھوري نظام ڪئين نہ پنھنجو ڪم ڏيکاري ھر نئين ڏينھن تي انھن ملڪن جي جمھوري قدرن کي سگھارو ۽ بھترين ڪري رھيو آھي، ٻي طرف اھي ملڪ آھن جن وٽ لکت ۾ آئين آھن رياستون انھي جي پاسداري ڪندي عمل ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪري رھيون آھن، دنيا جي ھڪ ڪنڊ ۾ اسان بہ آھيون جنھن ۾ رياست کي آئين ٺھڻ کانپوءِ ھر نئين ڏينھن تي نئين مشڪل کي منھن ڏيڻو پيو آھي، آئين پھرين تہ رياست وٽ آئين نہ ھو جڏھن آئين ٺھيو تہ انھي آئين کي آمرن ٽي ڀيرا سڌو سنئون پيرن ھيٺيان لتاڙيو جڏھن تہ ڪيترائي ڀيرا آئين کي اڻ سڌي ريت بي توقير ڪيو ويو، اسان جي رياست جي دنيا ۾ جيڪو نالو ڪمايو آھي اھو آئين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو رد عمل آھي. جڏھن ڪو آمر حڪمران سياست کان رياست اھم آھي جو نعرو ھڻي آئين کي لتاڙي ڇڏي ۽ انھي کي غداري جي سزا جي باوجود سزا ڏيندڙ عدالت کي غير قانوني تصور ڪرڻ وارو فيصلو وٺجي تہ انھي ملڪ کي پوري عالم ۾ ايتري ئي عزت ملڻي آھي،پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي اسان جي اڳيان آھي، ڀارتي وزيراعظم اسان جي وزيراعظم جو فون کڻڻ کان انڪار ڪيو تہ اسان اھو بيانيو ٺاھيو تہ ڀارت سان تيستائين ڳالھيون نہ ٿينديون جيستائين ڪشمير جي پراڻي حيثيت بحال نہ ڪئي ويندي، بھرحال ڪشمير جي معاملن تي ڀارت اھو بہ بيان ڏيڻ جي لاءِ تيار ناھي تہ ھو پاڪستان سان ڳالھيون ڪندو، افغانستان جي صورتحال اسان جي سامھون آھي، حڪومت ۽ رياست جي ڪوشش آھي تہ دنيا افغانستان جي طالبان حڪومت کي تسيلم ڪري وٺي، چين جي بہ اھا خواھش آھي پر ترڪي، آمريڪا، برطانيا، فرانس سميت طاقتور ملڪ پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ انھي جي ڪري تيار ناھن جو پاڪستاني حڪومت جو سربراھ انھي حوالي سان کٿل قسم جا بيان ڏئي رھيو آھي جنھن سان دنيا سمجھي پئي تہ حڪو مت ڪھڙي پاليسي اختيار ڪري رھي آھي.
ھڪ شي طئي آھي تہ سڀاڻي جيڪو بہ نوٽفڪيشن جاري ٿئي انھي کان پوءِ ڇا ٿيندو، انھي جو نتيجو ڪڍڻ وارا ڪڍي چڪا آھن، عمران خان جيڪو ضد ڪيو آھي اھو ضد کڻي جو وقتي سر پورو ٿي وڃي پر اڳيان ھلي عمران خان جو پتو ڪٽجڻ وارو آھي، اڄ کان اھا شي لکي وٺو تہ عمران خان جو اختيارن کي ڪٽ لڳي چڪو آھي، ھاڻ عمراان خان اھڙُو وزيراعظم آھي جيڪو نواز شريف 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ بڻجي چڪو ھو، يعني کيس رڳو ڪجھ منصوبن جي افتتاح، ڪجھ ڪنٽرولڊ انٽروويو، ڪجھ مختصر قسم جي فيصلن جو اختيار ھوندو، عمران خان جنھن اٿارٽي کي پنھنجو صوابديدي اختيار سمجھي ويٺو انھي جو قانون ۽ آئين ۾ ڪو ذڪر ناھي، حڪومتي سربراھ ھجڻ جي ناتي سان ھو ڪو وڏو فيصلو وٺي سگھي ٿو پر ھو وٺي نہ سگھندو، کيس اقتدار کان ٻاھر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترا پشن آھن انھن مان ڪھڙو ڪارگر ھوندو انھي تي ڪم شروع ٿي چڪو ھوندو، ٻين سمورن آپشنز کي ڇڏي رڳو عدم اعتماد واري پاسي کي ئي ڏسجي تہ انھي تي عمل کان اڳ ئي وزيراعظم ناڪام ٿي چڪو ھوندو،انھي صورت ۾ ھو اسيمبلي ٽوڙي بہ سگھي ٿو، پر ھن جھيڙي کانپوءِ عمران خان راند جي لاءِ چنڊ گهرڻ وارو ضد ڪڏھن نہ ڪري سگھندو، اھو بہ لکي وٺو تہ عمران خان جي ايندڙ چونڊن ۾ خوشي سان نہ ويندو،ويندو تہ سندس اميدوارن جو حال بي حالن وارو ھوندو.جيستائين رھيو سوال ھائيبرڊ نظام وارو؟ انھي جو جواب اھو آھي تہ جيڪڏھن سياسي جماعتن جو ڪردار اھو رھيو، سندن ھمت حوصلو ساڳيو رھيو انھن جو عوام سان رابطو ۽ واسطو اھو ئي رھيو تہ ايندڙ پنج ڇا ڏھ سال يا انھي کان بہ مٿي ھائبرڊ نظام ئي رھڻو آھي،عمران خان جي جاءِ تي کڻي وزيراعظم ڪو ٻيو ھجي پر اانھي نظام مان سياسي قيادت جي فقدان ۽ بي ھمتي جي ڪري جان ڇٽڻ مشڪل آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے