sohail warraich

ڳڻپ پوري ٿي وئي!

سهيل وڙائچ ليکڪ

سهيل وڙائچ

ڪافي مونجهارو آهي پر بي اعتمادي واري رٿ لاءِ اپوزيشن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪيترن ئي هفتن کان ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وئي ته اپوزيشن وٽ تعداد پورو به آهي يا ناهي. هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته آصف زرداري اندران ئي اندران ڳڻپ مڪمل ڪري چڪو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو انگ انهن ميمبرن کانسواءِ  آهي جيڪي فلور ڪراسنگ جي دائري ۾ پيا اچن. اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ شروع کان ئي پراسرار رنگ اختيار ڪيل رهي آهي، زرداري جي ڪيمپ يا شهباز شريف جي ڪيمپ مان ڪا به اندرين خبر ٻاهر  نه پئي اچي. هر ڪنهن  پنهنجا ڪارڊ سيني سان لڳائي رکياآهن، پر پيپلزپارٽي هاءِ ڪمانڊ ۽ ن ليگ جي اعليٰ قيادت کي يقين آهي ته هو ڪامياب ٿي  رهيا آهن.

حقيقت ۾، بي اعتمادي جي رٿ  جو مقصد رڳو عمران خان کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ  نه آهي، پر ان جو مقصد ايندڙ چونڊن، ايندڙ آرمي چيف جي مقرري يا مدي ۾ واڌ ۽ ايندڙ سياسي سيٽ اپ لاءِ به رستو ٺاهڻ به آهي. حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ڏکيو  ۽ محنت طلب ڪم آهي، حڪومت وٽ ايترا وسيلا ۽ اختيار آهن جو اُها وزارتون، عهدا ۽ فنڊ ايم اين ايز ۾ ورهائي سگهي ٿي، جڏهن ته اپوزيشن عوام کي رڳوسڀاڻي  منصوبا ۽ ايندڙ ڏينهن جي واعدنجي آسري تي معاملو هلائي سگهندي آهي.  ڏيندي آهي. پر اهو ڏکيو ڪم زرداري ۽ شهباز شريف جي مڪمل هڪ  ٻئي جي ڳالهه سمجهڻ سمجهائڻ سان  سان پڄاڻي تي پهتو آهي. چيو ٿو وڃي ته اتحادي پارٽين سان ڳجهي سفارتڪاري ذريعي ڳالهيون ڪري انهن کي راضي ڪيو ويو   آهي. اهو به فرض ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن سموريون اتحادي پارٽيون  نٿيون  ٽٽن  ته ان جو هڪ حصو پنهنجي مخالفن کي بي اعتمادي واري رٿ جي بظاهر حمايت ڪري خاموش ڪرائي سگهي ٿو.

رهيو جهانگير ترين ۽ عليم خان جي ڳالهه ، ته هو پنهنجي حڪمت عملي موجب ان جو اعلان ڪن يا نه ۽ ان اعلان لاءِ يقينن  صحيح وقت جي چونڊ ڪندا، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته اهي ٻئي وزير اعظم عمران خان جي خلاف ٿي ويا آهن ۽ انهن ۾ مفاهمت جو امڪان آهي. اڳ ۾ اهو اندازو لڳايو ويو هو ته عليم خان گروپ ۽ ڇينه   گروپ کي رڳو پنجاب جي قيادت تي اعتراض آهي پر اندر جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته انهن جون وفاق ۽ وزير اعظم سان پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رنجشون آهن، اهي شايدمناسب وقت تي  ئي ظاهر ڪن. عليم خان هجي، جهانگير ترين گروپ هجي يا ڦرندڙ  ميمبرهجن، انهن سڀني کي خوف آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ کين پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ نه ملندي، ان ڪري کين هاڻي کان ئي پلان ڪرڻو پوندو ته  ايندڙ اليڪشن ڪهڙي پارٽيءَ مان وڙهندا. مزي جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان پارٽي ڊسپلين  ۾ تمام سخت آهي پر پنجاب ۾ ان ڊسپلين  جي حالت تمام خراب آهي، صوبائي وزير اوپن فارورڊ بلاڪن ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن ۽ عمران خان ۽ عثمان بوزدار جي گرفت ايتري ته ڪمزور آهي جو هو نه ته انهن کي ڪابينا مان ڪڍي نه پيا سگهن، ايتري تائين جو اهي  پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس به نه پيا ڏئي سگهن.

بي  اعتمادي جي رٿ ته  وفاق ۾ آهي پر پنجاب ۾ ان جو اهڙو اثر ٿيو آهي جو لڳي ٿو ته هتي عام بغاوت ٿي چڪي آهي، ڪيترائي گروهه ۽ ڪيترائي فڪر سامهون اچي ويا آهن، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پنجاب ۾ افراتفري آهي. جيڪا ايتري قدر وڌي وئي آهي جو  تبديلي اڻٽر آهي.

وفاق ۾ اپوزيشن جو ٽارگيٽ ته  172 ميمبرن جو آهي پر اهي ان تعداد کي 200 تائين پهچائڻ چاهين ٿا، ته جيئن نمبر گيم ۾ ڪو شڪ نه رهي. اپوزيشن پنهنجي نمبر گيم مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪري رهي آهي، پهرين متحده اپوزيشن حڪومت کان اتحاد ي ٽوڙڻ تي زور ڏنو، شروع ۾ ان ۾ ڌکيائي پيش آئي،ڇاڪاڻ جو اتحادين جي سرڪار سان مفاد جڙيل هوندا آهن، ان بعد حڪمت عملي ۾  تبديليون آڻي پي ٽي آءِ اندر ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ شروعاتي ڪاميابي ملي پر پي ٽي آءِ آرٽيڪل 63 جون  ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. ايتري قدر جو پي ٽي آءِ جي مرڪز ۾ موجود باغي گروپ دم ٽوڙي ويو هو.

حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي پارٽي جي ايم اين ايز کي ڪنهن به صورت ۾ بي اعتمادي  جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ نه ڏيندي، حڪومت به ان حوالي سان پنهنجي سموري رياستي طاقت استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. انهن اطلاعن کانپوءِ اپوزيشن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي پنهنجو سڄو ڌيان حڪومت جي اتحادي پارٽين ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اپوزيشن کي يقين آهي ته هو حڪومت جي انهن  لوٽن جي مدد  کانسواءِ اتحادي پارٽين جي مدد سان حومت کي هٽائي ڇڏيندي.

اپوزيشن پاڻ ئي فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويندو.اسيمبليون مدو پورو ڪنديون ، جلدي چونڊون نه ٿينديون.

ٻئي طرف اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن ٻن وزيرن شيخ رشيد ۽ چوڌري فواد حسين بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ جي صورت ۾ 6 مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،هنن جي موجب اصل ڌريون وچ ۾ اچي معاملو نبيرين،  ٻي صورت ۾بي اعتمادي  جي رٿ ڪامياب ٿي يا ناڪام ٿي، ٻنهي صورتن ۾ ملڪ ۾ استحڪام نه رهندو. انهن ٻنهي وزيرن جي راءِ کي قبول ڪيو وڃي ٿو يا نه اهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معلوم ٿيندو.

بي اعتمادي جي رٿ حقيقت ۾ هڪ آئيني ۽ جمهوري عمل آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ جڏهن بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي ته ان وقت جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد معاملي کي اهڙي سهڻي نموني نڀايو جو پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي ئي اسپيڪر جي تعصب جو شڪ پيدا ٿيو ۽ آخر ۾ عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿي وئي. . قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي اڃا به بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان معاملي کي ايوان جي اندر محدود ڪرڻ گهرجي. اسپيڪر قومي اسيمبلي جو نگران هوندو آهي، هو حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون ڪري، سڀني کي راند جي ضابطن جو پابند بڻائي، بي اعتمادي جي صورت ۾ آئين يا قانون کان ڦرڻ سان  نقصانڪارٿيندو، بي اعتمادي جي صورت ۾ جي سمورا معاملا قانون ۽ آئين جي موجب ٿيا ته حڪومت وڃڻ باوجود به جمهوريت قائم رهندي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے