hamid mir

گڏيل عرب امارتن جو اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ وارو معاملو

چونڊمواد حامد مير ليکڪ

حامد مير

اها جنوري 2009 جي هڪ صبح هئي، مون غزه جي القدس هوٽل جي استقباليا تي موجود ڪراڙي شخص کي چيو ته مونکي ڊالرن بدلي مقامي ڪرنسي گھرجي ته جيئن ٽيڪسي جو بندوبست ڪري سگھان. هي وڏي ڄمار وارو شخص مون جيان سڄي رات جو جاڳيل هو. سڄي رات اسرائيلي جهاز القدس هوٽل جي آسپاس بمباري ڪندا رهيا، جڏهن هڪ بم هوٽل جي پوئين حصي ۾ ڪريو ته آئون به پنهنجو ڪمرو ڇڏي ٻاهر اچي ويس، تڏهن اهو شخص مونکي وٺي هڪ کاهي ۾ گھڙي ويو. ان خندق ۾ پهرين ئي ڪيترائي پرڏيهي صحافي پناهه وٺيو ويٺا هئا. اسان سڀ غزه تي اسرائيلي حملن ۾ واڌ کانپوءِ مصر رستي غزا تائين پهتا هئاسين.سڄي رات کاهيءَ ۾ گذاري اسان پنهنجي پنهنجي ڪم تي نڪرڻ جي تياري ۾ هئاسين. مونکي خان يونس وڃڻو هو جتي اسرائيل هڪ مسجد تي بمباري ڪئي هئي ۽ خان يونس لاءِ ٽيڪسي گھربل هئي. استقباليي تي موجود شخص سرگوشيءَ واري انداز سان ٽٽل ڦٽل اردو ۾ چيو ته هوٽل مان ڊالر چينج ڪرائڻ بدران بينڪ هليو وڃ سٺو ريٽ ملندو. مون پڇيو ته توهان اردو ڪٿان سکي؟ چوڻ لڳو گھڻا سال اڳ هو دبئي جي هڪ هوٽل ۾ نوڪري ڪندو هو، اتي پاڪستانين سان ميل جول رهيو ان ڪري اردو سکي ورتي پوءِ ان کي دبئي مان ڪڍيو ويو. بهرحال ان مونکي بينڪ

جڏهن کان گڏيل عرب امارتن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته پاڪستانين کي چيو پيو وڃي ته جذباتيت ڇڏيو ۽ حقيقت پسندي سان زندگي گذارڻ سکو. جذباتيت جي طعني پويان اهو مشورو لڪل هوندو آهي ته جيڪڏهن مصر، اردن ۽ گڏيل عرب امارتن اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو آهي ته پاڪستان به تسليم ڪري وٺي، ڇو جو پاڪستان کي تمام گھڻو فائدو ٿيندو. جڏهن آئون پڇان ٿو ته ترڪيءَ ته 1949ع ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو هو، ترڪيءَ کي يورپي يونين جي رڪنيت ڇو نه ملي؟ ڪو جواب نه هجي ته پنهنجي پاڻ کي تمام حقيقت پسند قرار ڏيندڙ سمجھدار ماڻهو چون ٿا ته توهان ايترا جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو؟ فلسطينين ڪشمير تي پاڪستان جي ڪڏهن حمايت ناهي ڪئي ته توهان فلسطينين لاءِ ايترا جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو؟

جو رستو سمجھايو. مون بينڪ فلسطين جي ڪائونٽر تي سو ڊالر جو نوٽ رکيو. اندران منهنجو پاسپورٽ گھريو ويو. مون پاسپورٽ ڏيکاريو جنهن کانپوءِ ڪائونٽر جي پويان کان منهنجي هٿ ۾ نوٽ ڏنا ويا اهي اسرائيلي شيڪل هئا. آئون حيران رهجي ويس. بينڪ فلسطين وٽ فلسطيني ڪرنسي نه پر اسرائيلي ڪرنسي هئي. مون کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته غلامي ڇا ٿيندي آهي ۽ آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي.

شام جو آئون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري هوٽل واپس آيس ته استقباليي تي موجود ڪراڙي شخص مسڪرائيندي چيو“ حبيبي آءِ ايم سوري” مون پڇيو ڇا ٿيو؟ هن چيو ته توهان اسان وٽ مهمان آهيو، ۽ ڪالهه رات توهان هوٽل جي ڪمري بدران کاهيءَ ۾ هئا. مون چيو ته ڪا ڳالهه ناهي. اهو چئي آئون اڳتي وڌي ويس ته ان پويان وري سڏ ڪيو… “حبيبي، آئون سوري”. مون پڇيو هاڻي ڇا ٿيو؟ چوڻ لڳو ٿي سگھي ٿو توهان کي اڄوڪي رات به کاهيءَ ۾ گذارڻي پوي، ان ڪري ستين وڳي کان اڳ ماني کائي وٺجان. پوءِ اها رات به کاهي ۾ گذري.

جڏهن کان گڏيل عرب امارتن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته پاڪستانين کي چيو پيو وڃي ته جذباتيت ڇڏيو ۽ حقيقت پسندي سان زندگي گذارڻ سکو. جذباتيت جي طعني پويان اهو مشورو لڪل هوندو آهي ته جيڪڏهن مصر، اردن ۽ گڏيل عرب امارتن اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو آهي ته پاڪستان به تسليم ڪري وٺي، ڇو جو پاڪستان کي تمام گھڻو فائدو ٿيندو. جڏهن آئون پڇان ٿو ته ترڪيءَ ته 1949ع ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو هو، ترڪيءَ کي يورپي يونين جي رڪنيت ڇو نه ملي؟ ڪو جواب نه هجي ته پنهنجي پاڻ کي تمام حقيقت پسند قرار ڏيندڙ سمجھدار ماڻهو چون ٿا ته توهان ايترا جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو؟ فلسطينين ڪشمير تي پاڪستان جي ڪڏهن حمايت ناهي ڪئي ته توهان فلسطينين لاءِ ايترا جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو؟

ڪالهه رات پاڪستان ٽيليويزن تي اويس توحيد صاحب جي پروگرام ۾ هڪ اڳوڻو سفارتڪار هر هر اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي مخالفت ڪندڙن کي جذباتيت جا طعنا ڏئي رهيو هو. جڏهن مون پڇيو ته ڇا علامه اقبال ۽ قائد اعظم به جذباتيت جو شڪار هئا، ڇو جو انهن ٻنهي اسرائيل جي تمام گھڻي مخالفت ڪئي هئي ته اهو سفارتڪار خاموش ٿي ويو.ا سرائيل جي مخالفت جو مطلب يهودين سان دشمني ناهي. دنيا ۾ نوم چوسڪي سميت ڪيترائي پڙهيا لکيا يهودي اسرائيلي رياست جا ناقد آهن. مون 1994ع ۾ سوئيٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير شمعون پيريز جو انٽرويو ڪيو هو، پر 2006ع ۾ لبنان اسرائيل جنگ ۽ 2009ع ۾ اسرائيل جي غزه ۾ بمباري کي ويجھڙائي کان ڏسي آئون ان نتيجي تي پهتس ته جيڪڏهن فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جون قراردادون نظر انداز ڪيون ويون ته وچ اوڀر ۾ ڪڏهن امن قائم نه ٿي سگھندو ۽ وچ اوڀر۾ امن قائم نه ٿيو ته عام مسلمانن ۽ اولهه جا لاڳاپا ٺيڪ نه ٿا ٿي سگھن. گڏيل عرب امارتن ايران جي دشمنيءَ ۾ اسرائيل سان اتحاد قائم ڪيو آهي. پاڪستان جا ايران سان تمام مثالي لاڳاپا ناهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان ڪجھه عرب بادشاهن کي خوش ڪرڻ لاءِ علامه اقبال ۽ قائد اعظم جي نظرين کي ڇڏي ڊونلڊ ٽرمپ جا يس مين بڻجي وڃون.

آئون وڌيڪ تفصلين ۾ نٿو وڃان، صرف ايترو عرض ڪندس ته جڏهن 1936ع ۾ فلسطين ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي ته برطانوي حڪومت هڪ رائل ڪميشن بڻايو ۽ فلسطين کي ورهائڻ جي تجويز پيش ڪئي. رائل ڪميشن جي رپورٽ تي علامه اقبال 3 جولاءِ 1937ع تي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ فلسطين جي ورهاڱي کي رد ڪندي عربن کي صلاح ڏني وئي ته اهي پنهنجي بادشاهن تي اعتماد نه ڪن، ڇو جو اهي بادشاهه فلسطين تي ڪو درست فيصلو ڪرڻ جي قابل ناهن. (حوالو: مڪاتيب اقبال، مرتب شيخ عطاءُ الله). 7 آڪٽوبر تي علامه اقبال ۽ قائد اعظم جي نالي خط ۾ زور ڀريو ويو ته مسلم ليگ جي اجلاس ۾ فلسطين لاءِ قرارداد منظور ڪئي وڃي. ان خط ۾ انهن لکيو ته ايشيا جي دروازي تي هڪ اولهه جي ڇانوڻي کي مڙهڻ اسلام ۽ هندوستان ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهي ۽ آئون ان سلسلي ۾ جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان.

ڪجھه ڏينهن بعد آل انڊيا مسلم ليگ لکنئو ۾ پنهنجي 25هين سالياني اجلاس ۾ فلسطينين جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي. اهڙي ئي هڪ قرارداد 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ منظور ڪئي وئي. 29 نومبر 1947ع تي گڏيل قومن فلسطين کي ورهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي ته قائد اعظم 8 سيپٽمبر 1947ع تي آمريڪي صدر ٽرومين جي نالي خط اماڻيو ۽ گڏيل قومن جي قرارداد تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته، توهان فلسطين بابت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو. جڏهن اسرائيل پاڪستان سان سفارتي لاڳاپن جي درخواست ڪئي ته قائد اعظم اها درخواست نظرانداز ڪري ڇڏي. 1951ع ۾ مفتي اعظم فلسطين امين الحسيني پاڪستان آيو ۽ ڪنٽرول لائن تي (اُڙي سيڪٽر) تي چوڌري غلام عباس سان گڏ بيهي ڪشميرين جي حمايت جو اعلان ڪيو. گڏيل قومن جي جنهن قرارداد کي قائد اعظم رد ڪيو اڄ اسرائيل ان قرارداد تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ فلسطينين کي هڪ اهڙي رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن وٽ پنهنجي ڪرنسي هجي. جيڪڏهن پاڪستان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي قراردادن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته ڪشمير تي گڏيل قومن جي قراردادن جي پرواهه ڪير ڪندو؟ گهٽ ۾ گھٽ فلسطينين ۽ ڪشميرين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *