hamid mir

گيلاني ۽ عمران خان ۾ ڪھڙو فرق آھي؟

حامد مير ليکڪ

حامد مير

وقت تمام تيزي سان گذرندو آهي. وقت سان گڏ انسان به بدلجي ويندا آهن. هي مارچ 2008ع جا آخري ڏينهن هئا. يوسف رضا گيلانيءَ، پاڪستان جي 18هين وزيراعظم طور حلف کنيو. ان جي ڪابينا ۾ مسلم ليگ ن به شامل هئي. مسلم ليگ ن جي وزيرن پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي حلف کنيو هو ڇو جو حلف وٺندڙ شخصيت جو نالو پرويز مشرف هو.گيلاني صاحب جي وزيراعظم ٿيڻ جي ڪجھه ڏينهن کانپوءِ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مون کي چيو ته ميانوالي ۾ نمل ڪاليج جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ان جو افتتاح ڪرڻو آهي. هن چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ تو هميشه حصو ورتو آهي، هاڻي اسان نمل ڪاليج لاءِ به توهان کان هڪ ڪم وٺڻ چاهيون ٿا. مون بنا ڪجھه پڇڻ جي ئي پنهنجون خدمتون پيش ڪري ڇڏيون. خان صاحب چيو اسان نمل ڪاليج ۾ هڪ تمام وڏي افتتاحي تقريب رکنداسين ۽ چاهيون ٿا ته توهان ان تقريب جي ميزباني ڪريو.آئون هڪدم راضي ٿي ويس پر ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي. عمران خان چيو احسن اقبال تعليم جو وفاقي وزير ٿي چڪو آهي، کيس به هن تقريب ۾ گھرائڻو آهي. مون چيو ته احسن اقبال کي هن تقريب ۾ آڻڻ منهنجي ذميواري آهي. اهو ٻڌي خان صاحب ڏاڍو خوش ٿيو، ٻئي ئي لمحي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به نمل ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾ اچي وڃي ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو. مون ڪجھه سوچيو ۽ عمران خان کي چيم ته ان مقصد لاءِ توهان کي هڪ لکت ۾ دعوت نامو تيار ڪرڻو پوندو، اهو دعوت نامو وزراعظم تائين آئون پهچائيندس ۽ احسن اقبال کي به چوندس ته اهو به وزيراعظم کي نمل ڪاليج ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجوا ثر رسوخ استعمال ڪري.بهرحال نمل ڪاليج جي انتظاميا هڪ لکت ۾ دعوت نامون منهنجي حوالي ڪيو. احسن اقبال به وزيراعظم کي چيو ته نمل ڪاليج هڪ سٺو تعليمي منصوبو آهي، توهان کي ان منصوبي جي افتتاح لاءِ وقت ضرور ڪڍڻ گھرجي.نيٺ وزيراعظم هاءِ ڪري ڇڏي ۽ نمل ڪاليج جي افتتاح جي تاريخ وزيراعظم جي مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي طئي ڪئي وئي. 27 اپريل 2008ع تي نمل ڪاليج جي افتتاحي تقريب ٿي جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني ۽ احسن اقبال خاص طور تي اسلام آباد مان آيا هئا. مون ميزبان طور ٻنهي جو هر هر ٿورو مڃيو، ان ڏينهن عمران خان به عاجزي ۽ انڪساري جو مجسمو بڻيل هو. هو هر هر وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي چوندو رهيو ته آئون توهان جو هي احسان سڄي ڄمار نه وساري سگھندس. گيلاني صاحب ڇاتيءَ تي هٿ رکي ۽ ڪنڌ جھڪائي چوندو هو ته هن ڪاليج لاءِ ڪا به خدمت هجي ته آئون حاضر آهيان، آئون ٻنهي جي عاجزي تان قربان ٿيندو رهيس.توهان سوچي رهياهوندا ته اڄ مون کي تيرنهن سال پراڻيون ڳالهيون ڇو ياد اچي ويون آهن؟ اهي ڳالهيون ياد اچڻ جو سبب ڇهه مارچ 2021ع تي وزيراعظم عمران خان پاران پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير آهي. ان ڏينهن عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو هو.اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو سبب اهو هو جو 3 مارچ تي سينيٽ جي اليڪشن ۾ عمران خان جي اميدوار عبدالحفيظ شيخ کي يوسف رضا گيلاني شڪست ڏئي ڇڏي هئي. عمران خان ان شڪست کي هارس ٽريڊنگ جو نتيجو قرار ڏئي پهرين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي تپي باهه ٿيو ۽ پوءِ ڇهه مارچ تي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري هن قومي اسيمبلي ۾ هڪ دونهيندار تقرير ڪئي. ان تقرير ۾ هن يوسف رضا گيلاني کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڪرپٽ ترين انسان قرار ڏنو. نه ڄاڻ ڇو هو اهو وساري ويٺو ته عبدالحفيظ شيخ ان ئي ڪرپٽ ترين انسان جي ڪابينا ۾ ناڻي وارو وزير هو. جيڪڏهن وزيراعظم ڪرپٽ هو ته ان جو ناڻي وارو وزير ايماندار ڪيئن ٿي ويو؟

اڄ ڪلهه عمران خان جي سياست اها آهي ته جيڪو ان سان گڏ آهي اهو ايماندار جيڪو ان سان گڏ ناهي اهو ڪرپٽ آهي. سندس ڪارڪن ۽ حامي ان ئي احسن اقبال کي جوتا هڻي رهيا هئا جيڪو 13 سال اڳ نمل ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾ مون ذريعي گھرايو ويو هو. اڄ جي تحريڪ انصاف هڪ اقتدار ۾ آيل پارٽي آهي.هن پارٽي کي اهو ئي مقام حاصل آهي جيڪو جنرل ايوب خان جي زماني ۾ مسلم ليگ ڪنوينشن ۽ جنرل پرويز مشرف جي زماني ۾ مسلم ليگ ق کي حاصل هو. ان پارٽي جي اڪثر حامين کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته 2008ع ۾ عمران خان پارليامينٽ جو ميمبر نه هو. يوسف رضا گيلاني يا احسن اقبال کي سندس ووٽ جي ڪا ضررت نه هئي پر اهي ٻئي نيڪ نيتي سان نمل ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيا.اڄ اهي ٻئي ڪرپٽ آهن ڇو جو عمران خان وزيراعظم آهي ۽ اهي ٻئي اپوزيشن ۾ آهن. تحريڪ انصاف وارن احسن اقبال کي جوتو هنيو، مصدق ملڪ ۽ شاهد خاقان عباسي کي مڪون ۽ ٿڏا هنيا ۽ مريم اورنگزيب کي ڌڪا ڏنا. تحريڪ انصاف،  اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي ڇو جو هڪ وڊيو ۾ ان جو پٽ علي حيدر گيلاني حڪمران پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ ضايع ڪرڻ جو طريقو سيکاري رهيو هو. حڪمران پارٽي جا اهي چارئي ميمبر پاڻ اعتراف ڪري چڪا آهن ته اهي علي حيدر گيلاني کان ووٽ زيان ڪرڻ جو طريقو سکي رهيا هئا. انهن چئني ڇهه مارچ تي عمران خان کي ووٽ ڏنو.ووٽ ڏيڻ کانپوءِ انهن چئني عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا جي آڏو مڃي به ويا، اسان علي حيدر گيلاني سان مليا هئاسين، علي حيدر گيلاني غلط آهي ته اهي چارئي ڪيئن صحيح ٿي ويا؟عمران خان چوي ٿو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ کين هارس ٽريڊنگ کي منهن ڏيڻو پيو. هارس ٽريڊنگ ايتري خراب آهي ته توهان صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيٽ جو اميدوار ڇو بڻايو؟ ان وٽ ته سينيٽ ۾ اڪثريت به ناهي. اهو چيئرمين ٿي ويو ته صرف هارس ٽريڊنگ سان ئي ٿي سگھندو.جيڪڏهن هارس ٽريڊنگ گيلاني ڪري ته غلط ۽ عمران خان جو حمايتي اميدوار ڪري ته صحيح؟ سچي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن گيلاني هارس ٽريڊنگ سان کٽيو آ ته سنجراڻي به هارس ٽريڊنگ سان کٽيندو ۽ جيڪڏهن سنجراڻي کٽي ويو ته پوءِ يوسف رضا گيلاني ۽ عمران خان ۾ ڪو فرق نه هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *