حامد مير
بلوچستان جون ڪجھه ڏکويل مائرون، ڀينرون ۽ نياڻيون فريادي بڻجي اسلام آباد آيون ته جيئن وزيراعظم عمران خان تائين انهن جو آواز پهچي سگھي. افسوس ته عمران خان جي حڪومت جي ڪجھه وزيرن انهن ڏکارين مائرن، ڀنيرن ۽ نياڻين جو فرياد ٻڌڻ بدران سندن آڏو پنجاب جي مظلوميت جو ڪيس پيش ڪري ڇڏيو ۽ طعنو ڏنو ته بلوچستان جون مائرون ته پنجاب ۾ احتجاج ڪري سگھن ٿيون ڇو جو هتي ڪو انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي انهن کي گولي نه هڻندو پر پنجاب جي انهن مائرن جو ڇا ڪجي جن جي ٻچن کي بسن مان ڪڍي گوليون هنيون وڃن ٿيون.
ان ڪري بلوچستان ۾ پنجابين تي ظلم جي به مذمت ڪئي وڃي. هڪ وزير فواد چوڌري بلوچستان ۾ پنجابين تي ظلم جي مذمت ڪئي ته عمران خان جي هڪ اتحادي ايم اين اي شاهه زين بگٽيءَ ان کي جواب ۾ چيو ته پنجابي اسان جا ڀائر آهن پر توهان نفرت نه پکيڙيو، توهان جي بيان سان غلط پيغام وڃي رهيو آهي.
غور جوڳي ڳالهه اها به هئي ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان تعلق رکندڙ بلوچ عورتون اصل ۾ پاڪستاني بڻجي، پاڪستان جي راڄڌانيءَ ۾ پاڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات جي خواهش کڻي آيون هيون پر هتي انهن کي بلوچ ۽ پنجابيءَ جي تڪرار ۾ منجھايو ويو. هڪ هفتو اڳ جڏهن اهي عورتون اسلام آباد آيون ته خاموشيءَ سان پنهنجي گم ٿيل پيارن جون تصويرون هٿن ۾ جھلي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران ويهي رهيون پر پوليس کين ترت اٿي وڃڻ جو چيو.
پوليس جي تنگ ڪرڻ تي وائيس آف بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصر الله بلوچ ۽ گم ٿيل ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي 12 ورهين جي ڌيءُ سيمي بلوچ نيشنل پريس ڪلب جي انتظاميا کان مدد گھري. نيشنل پريس ڪلب وارن پوليس کي چيو ته هي عورتون ۽ ٻار پري کان آيا آهن، توهان انهن جي ڪا مدد نٿا ڪري سگھو ته کين تنگ نه ڪريو.
ايئن انهن ڏکويل عورتن کي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي ڪيمپ هڻڻ جي اجازت ملي وئي. ڇهن ڏينهن تائين اهي عورتون پريس ڪلب ٻاهران خاموشي سان ويٺيون رهيون. هنن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تائين پنهنجي درخواست پهچائي ته اسان کي عمران خان سان ملرائي وٺو پر ڪا شنوائي نه ٿي ته ڇهين ڏينهن اهي پارليامينٽ هائوس ڏانهن نڪري پيون.
انهن کي روڪڻ لاءِ پوليس پوري ڪوشش ڪئي پر 2009 کان لاپتا ذاڪر مجيد بلوچ جي پوڙهي ماءُ کي ڪو ڪيئن روڪي سگھيو ٿي جنهن جي زندگي ۾ ڌڪن ٿاٻن کان سواءِ هاڻي ڪجھه ناهي بچيو. حسيبه قمبراڻيءَ کي ڪو ڪيئن روڪي جيڪا پنهنجي گم ٿيل ڀائرن جي غم ۾ هر وقت ڳوڙها ڳاڙيندي آهي.
اهي عورتون پوليس سان وڙهندي وڙهندي ڊي چوڪ تائين پهتيون ته اسان جي حڪمرانن کي پنجاب جو ڪيس ياد اچي ويو. اهي اهو وساري ويٺا ته ظالم جو ڪو نسل، مذهب ۽ قوم ناهي هوندي.
ظالم ته صرف ظالم هوندو آهي ۽ مظلوم صرف بلوچ، سنڌي، پختون ۽ پنجابي ناهن هوندا مظلوم صرف مظلوم هوندو آهي. گم ٿيل ماڻهو صرف بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ نه پر پنجاب ۾ به آهن. آمنه مسعود جنجوعه جو مثال اسان جي سامهون آهي جيڪا 2005ع کان پنهنجي مڙس مسعود جنجوعه جي بازيابيءَ لاءِ ڌڪا کائي رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو هيل تائين حل ڪري ڇڏڻ گھربو هو. ان مسئلي جي حل نه ٿيڻ تي پهرين اختر مينگل عمران خان جي حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏني هاڻي ڪجھه وڌيڪ اتحادي به ڪاوڙيل نظر اچي رهيا آهن.
حڪومت جي وزيرن کي پنهنجي پنهنجي صوبي جو نه پر پاڪستان جو وزير بڻجي ڏيکارڻ گھرجي. ننڍن صوبن ۾ پنجاب تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته تنقيد جو جواب تنقيد سان ڏيڻ بدران انهن سببن کي ختم ڪريو جن جي ڪري پنجاب تي تنقيد ٿئي ٿي. جيڪڏهن ننڍن صوبن جا ماڻهو اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏين ته اسان جا اهم ليڊر پنجاب ۾ ڇو ماريا ويندا آهن؟
اسان جي ليڊرن کي پنجاب جي جيلن ۾ ڇو بند ڪيو ويندو رهيو، پنجاب جي ليڊرن کي ٻين صوبن ۾ ڇو ناهي بند ڪيو ويندو؟ پوءِ توهان ڪهڙو جواب ڏيندؤ؟
ڪجھه ڏينهن اڳ مولانا گلزار احمد مظاهري جي جيل ڪهاڻي پڙهي رهيو هئس، جنهن کي ان جي پٽ ڊاڪٽر حسين احمد پراچه ترتيب ڏنو آهي. مولانا گلزار احمد مظاهري جو تعلق جماعت اسلاميءَ سان هو ۽ هو مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ جو ويجھو ساٿي هو. ان ڪتاب ۾ ان جي جيل جي ڊائري شامل آهي ۽ اها ڊائري ٻڌائي ٿي ته لائل پور (فيصل آباد) جيل ۾ ان سان گڏ عبدالصمد خان اچڪزئي به قيد هو.
هي اهو زمانو هو جڏهن عمران خان جو فيورٽ ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان پاڪستان جوحڪمران هو. همراهه جماعت اسلامي تي پابندي هڻي ان جي پنجاهه کان وڌيڪ اڳواڻن کي جيل ۾ وجھي ڇڏيو. جيل ۾ عبدالصمد خان اچڪزئيءَ جي مولانا گلزار احمد مظاهري سان دوستي ٿي وئي.
ٻئي پاڻ ۾ بيڊمنٽن کيڏندا، هڪ ٻئي کي ماني کارائيندا ۽ ان مسئلي تي به بحث ڪندا هئا ته امام ابو حنيفه رح پشتون هو يا نه؟ ڪتاب جي مطالعي سان خبر پوي ٿي ته پاڪستان ۾ پهريون مارشل لا لڳو ته عبدالصمد اچڪزئيءَ کان شيخ مجيب الرحمان ۽ خان عبدالغفار خان کان وٺي مولانا مودودي تائين سڀ ان مارشل لا خلاف هئا ۽ پوءِ سڀني محترمه فاطمه جناح رح جي حمايت به ڪئي.
مولانا گلزار احمد مظاهري جي جيل ڪهاڻي پڙهندي آئون سوچيندو رهيس ته عبدالصمد خان اچڪزئيءَ کي بلوچستان جي ڪنهن جيل ۾ ڇو نه رکيو ويو؟ ڀٽي دور ۾ چوڌري ظهور الاهيءَ کي مڇ جيل اماڻيو ويو ته گورنر اڪبر بگٽي کيس واپس پنجاب اماڻي ڇڏيو، بعد ۾ اڪبر بگٽيءَ کي ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد ڪيو ويو. وري ذوالفقار علي ڀٽي کي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. مشرف دور ۾ ڪجھه وقت لاءِ نواز شريف کي ڪراچي ۾ رکيو ويو پر پوءِ پنجاب ۽ پوءِ جدّي پهچايو ويو.
آصف علي زرداري گھڻو وقت راولپنڊي ۽ لاهور جي جيلن ۾ ڇو گذاريو؟ فوجي ڊڪٽيٽرن پنهنجو اقتدار قائم رکڻ لاءِ سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهايو، سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪيو ۽ صوبن ۾ نفرت پکيڙي.
نفرت کي نفرت سان نه صرف محبت سان ختم ڪري سگھجي ٿو. هڪ صوبي جي مظلومن کي ٻئي صوبي جي مظلومن جي حمايت ڪرڻي پوندي ۽ ظالم کي صرف ظالم چوڻو پوندو.
قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گھرجي. بلوچستان جي جج لاءِ اهو ئي فيصلو ٿيڻ گھرجي جيڪو پنجاب جي ججن لاءِ ٿيندو آهي. بلوچستان جي مظلوم کي به اهو ئي ڌيان ملڻ گھرجي جيڪو پنجاب جي مظلومن کي ملي ٿو. سڀني مظلومن سان هڪجهڙو ورتاءُ ٿيندو ته قائد اعظم جو پاڪستان مضبوط ٿيندو.