Imtiaz Alam

ڪيستائين دل کي پيا بهلائينداسين …

امتياز عالم چونڊمواد ليکڪ

امتياز عالم

ڪورونا وائرس جي يلغار کي ٽي مهينا ٿيندا، جيڪا اڃان تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، عوام کي رڳو ڪوڙيون تسليون پيون ڏنيون وڃن، دم دلاسا پيا ڏنا وڃن، ڪورونا وائرس جو نه ته ڪو علاج آهي ۽ نه ئي وري اهو ڪنهن دم درود سان ختم ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري ڪو طبي ٽوٽڪو ڪم ٿو اچي. بس قدرت جي حوالي آهيون، ماهر ۽ ڊاڪٽر بي وسيءَ جي عالم ۾ سزا ۽ جزا جهڙي غير يقيني صورتحال ۾ آهن. غريب مزدوريءَ کان محروم ٿي ويا ته انهن جي دم کان سواءِ ڪارخانه ڪيئن هلن ۽ ڪارخاني وارا ڪمائين ڪيئن. ايڇ آءِ وي، هسپانوري فلو، ايبولا ۽ سارس جهڙيون وبائون آيون جن لکين ماڻهن جون زندگيون کسي ورتيون، انساني قوت مدافعت يا قدر جي چونڊ هٿان مجبور ٿي ويهي رهجي يا وري ختم ٿي وڃجي. سائنس ۽ تحقيق جيڪا اجرتي غلام وانگر منافعي خورن جون غلام هجن اهي به هن وبا جو علاج ڳولي لهڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. هاڻي ڪورونا وائرس آهي ۽ منافعي خورن سرمائيدارن جون دوا ساز ڪمپنيون آهن ۽ مجبور انسانيت آهي، وڏي کان وڏو ترم خان هٿ ٻڌيون بيٺو آهي ۽ صدر ٽرمپ کان وٺي برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن سڄي دنيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻجي ويا آهن.

لاڪ ڊائون کان منهن موڙڻ واري حڪمت عملي اسان لاءِ ڳلي جي هڏي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته فلپائن جي خوني صدر روڊ ريگو لاڪ ڊائون جي خلاف وزري ڪندڙن لاءِ گوليءَ جي حڪم ڪري ڇڏيو آهي،۽ اسان جو ڪپتان آهي جو اڃان تائين لاڪ ڊائون لاءِ راضي نه آهي، هن وقت تائين مشاهدا اهي سامهون آيا آهن ته دنيا جي جن به ملڪن پوءِ کڻي اهي ترقي يافته ڇو نه هجن انهن لاڪ ڊائون، گهر ۾ بند رهڻ ۽ سوشل ڊسٽننگ کان انڪار ڪيو آهي، ملڪ انتهائي سنگين نموني ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا، ۽ جن ملڪن ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون، قرنطينيه ٽيسٽنگ ۽ علاج ڪيو انهن ملڪن سڀ کان پهريان ڪورونا وائرس کان پنهنجي جان آجي ڪرائي، اهڙن ملڪن ۾ چين ۽ ڏکڻ ڪوريا فتح ياب ٿي چڪا آهن. چين جي شهر ووهان ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو آهي ۽ زندگيءَ جون سموريون رونقون بحال ٿي ويون آهن.

ساهه کي سوڙهو ڪندڙ اهڙي وائرس بابت دنيا جي ڪيترن ئي طبي ماهرن گذريل ڏهاڪي کان وٺي اگاهه پئي ڪيو آهي پر ڇا ڪجي

مارڪيٽ جي نظام ۽ منافعي جي لالچ سرمائيدار دنيا جي طبي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ هو، بجاءِ سرمائيدار دنيا موذي مرض جو علاج ڪرڻ جي سلسlي ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۽ وڌ ۾ وڌ منافعو ڪمائڻ جون ڪوششون ڪيون، هاڻي رڳو انسانيت ئي نه پر پراڻو سرمائيداري نظام پڻ داءَ تي لڳل آهي. جيڪي رياستون مارڪيٽ جي پيداوار آهن انهن جي وڏي کان وڏي ڪوشش اها آهي ته اهي پراڻي سرمائيداري نظام کي بچائن.

پر جيڪڏهن موذي ڪورونا نه مڙيو ۽ وري وري موٽيو ۽ ان لکين ڪروڙين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو تڏهن به بچيل ماڻهو سرمائيداريءَ جي چڪيءَ ۾ وري به پيsجندا رهندا. سرمائيدار دينا کي جيڪڏهن رڳو فڪر آهي ته اهو پنهنجي سرمائي جي تحفظ جو، ان جي وڌ ۾ وڌ وڌڻ جو آهي ۽ محنت ڪندڙ مزدورن جو خون چوسڻ جي آهي.

هاڻي دنيا وارن جو اهو ئي خيال آهي ته ڪورونا کان اڳ واري دنيا ڪورونا وبا جي خاتمي بعد ساڳئي نه رهندي، ۽ ڪافي ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته پراڻو ورڊ آرڊر ڪنهن نه ڪنهن طور تي جاري ئي رهندو . انهن لاءِ جيڪڏهن دنيا جي ويهه ٻاويهه ڪروڙ ماڻهو مري ويا ته ڇاهي، ڀلي مري وڃن. جيڪي بچي ويندا اهي ٽيڪانالاجيءَ جي چوٿين پيڙهيءَ جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ خودڪار صنعتي نظام، انٽرنيٽ، روبوٽس ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا، ان جو مقصد اهو ٿيندو ته هن وقت جيڪا انسان ذات جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي اها انهن لاءِ آباديءَ ۾ ڪم ڪرڻ واري انهن جي منصوبي جو حصو آهي، ڪاسٽ، بينيفٽ جو تجزيو پڻ اهو ئي ٿو چئي.

عالمي سامراج ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون جيڪو به چاهين اها انهن جي مرضي آهي پر هاڻي پراڻو سرمائيداري نظام هلڻ وارو نه آهي، جڏهن رياست منڊيءَ ۾ مداخلت ڪئي آهي تڏهن ئي عام ماڻهن کي رليف مليو آهي، گهٽ ۾ گهٽ صحت، تعليم سماجي شعبا ۽ انساني سلامتيءَ جا کاتا ته نجي سرمائيڪاريءَ جي سهاري نه ٿا ڇڏي سگهجن.

بنيادي انساني حقن جي دائري کي سماجي، معاشي، طبي، تعليم وارن شعبن کي انساني بقا ۽ ترقيءَ جي وسيع دائري تائين ڦهلائڻ کان سواءِ هاڻي ڪو چارو نه آهي. سرمائيدار طبقي ۽ سرمائيداراڻه نظام جي پيداوار کي جمهوري شراڪتي نظام ۾ تبديل ڪرڻ کان سواءِ رياستن جي گهري مان نڪرڻ ممڪن نه آهي. ترقي پذير ملڪن ۾ ته اهڙو عمل انتهائي آسان پڻ آهي، پرڏيهي قرضن مان جان ڇڏائي وڃي، مقامي طور تي حاصل ذريعن کي استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ته جيئن مقامي طور تي فاقا ڪشيءَ واري صورت ۾ رهندڙ عوام خوشحال ٿي سگهي.

درآمد گهٽ ٿي ويون يا وري بند ٿي ويون ته هلندڙ نقصان پڻ بند ٿي ويندو، رهيوn قرضن جون قسطون ته اهي به ڊگهي مدي لاءِ پوئتي ٿي وينديون. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته حڪمرانن کي ڏيڍ ڪروڙ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ 17 هزار روپيه ماهوار وظيفي جو بندوبست ڪرڻو آهي ته جيئن ماڻهن کي بکن کان بچائي سگهجي. رهيو صحت جو نظام ته ان کي منافعي خورن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ شوڪت خانم اسپتال جي طرز تي عوام جو ڀلو ڪن، پر انهن مافيائن جو ڇا ڪجي جيڪي اوهان کي عوام کي گهيري ۾ ڪيون ويٺيون آهن ۽ اشرافيه جون سموريون جماعتون انهن تي قابض آهن، اها صورتحال ڪيستائين جاري رهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *