الهه بخش راٺوڙ
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪووڊ-19 معاشري جي سمورين طبقن کي شديد متاثر ڪيو،وائرس کان جتي شهرين جي جان کي خطرو آهي، اتي ان وبا معاشري جي ڪمزور طبقن خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي خاص ڪري متاثر ڪيو آهي.ان وبا دوران ڪيترائي شهري روزگار وڃائي ويٺا ۽ وڏي پئماني تي معاشي مسئلن ڪيترن ئي گهراڻن کي فوٽ پاٿ تي اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ سرڪار پاران ڪورونا کان متاثر ماڻهن لاءِ ايس او پيز به متعارف ڪرايون ويون، سنڌ ۾ هاڻ ڪافي ماڻهو ڪورونا سبب حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ وڌ کان وڌ شهري وائرس کان متاثر ٿيا آهن،اهڙي ريت متاثرن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي.
ڪورونا جي وبا دوران حڪومت پاران معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي، پر اهي علائقا جيڪي پسمانده آهن، جن ۾ ڪراچي جون قديم وسنديون سرفهرست آهن،اتي وبا شهرين کي گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اتان جا رهواسي وڌيڪ پريشان نظر آيا آهن. لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ، ٻار ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتون ۽ خواجا سرائن جي حالت به خراب ڏسڻ ۾ آئي آهي. لياريءَ سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هندو، مسيحي برادري جا ماڻهو ۽ صفائي جو ڪم ڪندڙ وڌيڪ معاشي پريشانين کي منهن ڏيندي نظر آيا آهن، ڪيترن ئي امدادي ادارن پاران معاشري جي ڏتڙيل شهرين سان امتيازي سلوڪ ڪيو. اهڙا واقعا سامهون آيا،جن مان خبر پئي ته هندو مهيشوري برادر خاص ڪري معاشي پريشاني جو شڪار رهيا،ڪيترن ئي سماجي فلاحي ادارن اهو چئي انهن جي امداد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو مسلمان ناهن،بقول ادارن جي ته اسان وٽ زڪوات جا پئسا آهن ۽اهي غيرمسلمانن کي ڏئي نٿا سگهجن.!
ان حوالي سان مهيشوري ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي ڪارڪنن سا ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اندازو ٿيو ته ڪيتريون ئي مهيشوري فيمليز امداد نه ملڻ سبب علائقو ڇڏي پنهنجن اباڻن شهرن ڏانهن هليون ويون آهن.لياري جي علائقي علي هوٽل ويجهو خواجا سرائن جو هڪڙو پاڙو آهي، جتي ان ڪميونٽي جا ماڻهو سالن کان آباد آهن.ان پاڙي ۾ صفائي سٿرائي جو نظام ته انتهائي خراب آهي، پر هي ماڻهو ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جي دوران معاشي طور تي بدحالي جو شڪار ٿيا، هڪ خواجا سرا صنم ٻڌايو ته جڏهن کان لاڪ ڊائون آهي، انهن کان ڪنهن حال نه پڇيو آهي ته معاشي طور گذارو ڪيئن ٿي رهيو آهي، ڪجهه سماجي ادارن ٻن هفتن لاءِ امداد ڪئي ۽ راشن فراهم ڪيو، پر زندگي جو وهنوار جام هجڻ سبب انهن کي ته خيرات به نٿي ملي، هنن مطابق پهريان ته گذارو ٿي ويندو هو،پر هاڻ زندگي ڏکئي ٿي وئي آهي.هن ٻڌايو ته انهن جا ڪيترائي فقير (خواجا سرا) بيمار به آهن انهن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو به آئي آهي، پر انهن جي پرگهور لهڻ وارو ڪوبه نه هو.هن انتهائي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ائين لڳو ته اسان ڄڻ ڪنهن ٻئي سياري جي مخلوق هجون، جن کي زمين تي رهڻ کان منع ٿيل آهي.
لاڪ ڊائون دوران عورتون ۽ ٻار به گهڻو متاثر ٿيندڙن ۾ شامل آهن، عورتون معاشي طور تي مردن تي ڀاڙين ٿيون،ان ڪري اهي وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار آهن، پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ لاڪ ڊائون دوران عورتن تي تشدد جي سوناميءَ سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.صحت جي عالمي اداري عورتن کي فيصلي سازي ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
ڪورونا کان اڳ پاڪستان ڊيموگرافڪ هيلٿ سروي 2018 مطابق اٺاويهه سيڪڙو عورتون ۽ ڇوڪريون، جن جي عمر پندرهن کان اوڻونجاهه سال جي وچ ۾ هئي، جسماني تشدد جو شڪار ٿيون.ٽي سيڪڙو عورتن کي ڳرڀ ڪيرائڻ جي عمل مان گذرڻوپيو، جن جا نوان ڄاول ٻار ضايع ٿيا، ٻاويهه سيڪڙو عورتون جن کي جسماني طور تي ڪٽ ڏنا ويا يا جن جي جسم تي تشدد جون نشانيون واضح طور تي ڏٺيون ويون،ٻارهن سيڪڙو عورتن جي جسم تي سڙڻ جون علامتون هيون ۽ ڇهه سيڪڙو اهڙيون عورتون به هيون، جن جي جسم تي زخم هئا، انهن جون هڏيون ٽوڙيون ويون يا ڏند ڀڳا ويا.
ليبر فورس سروي مطابق عورتون ملڪي ليبر فورس جو چوويهه سيڪڙو حصو آهن، پي ڊي ايڇ ايس مطابق پنجاسي سيڪڙو اهڙيون عورتون آهن،جن کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ڏني وئي ۽ تيرهن سيڪڙو عورتن کان بنا معاوضي جي ڪم ورتو ويو،هي ڳالهيون به سامهون آيون ته عورتن جي ٻارن ڄڻڻ يا ضايع ڪرڻ جا گهڻا فيصلا انهن جي مردن ڪيا ۽ عورتن کان اهو حق به کسيو ويو.
چين جي شهر ووهان ۾ ڪورونا جي مرض ڦهلجڻ کانپوءِ جيڪا تحقيق ڪئي وئي، ان مطابق ٽيهه سيڪڙو مريض شديد ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا هئا،انهن ۾ اداسي، نااميدي ۽ پڇتاءَ جون علامتون شدت سان ڏٺيون ويون.هڪ ٻئي اسٽڊي مان معلوم ٿيو ته قرنطينه ۾ رهندڙن ۾ ذهني دٻاءَ جا 40 سيڪڙو امڪان وڌي ويا.انهن ۾ ڪاوڙ جي ڪيفيت ڏٺي وئي.ڪيناڊا ۾ 2003 ۾سارس نالي وبا ڦهلي ته ان جي نتيجي ۾ به مريضن ۽ عام ماڻهن ۾ ڊپريشن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.اڪيلائپ ۽ ذهني دٻاءُ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن نشي وارين دوائن جو استعمال شروع ڪيو، جن وڌيڪ مسئلا پئدا ڪيا.تازو ئي ڊپريشن جو هڪ سبب وبا جي خلاف موثر دوا جو نه هجڻ به آهي، جنهن سان ماڻهن ۾ مايوسي ۽ موت جو ڊپ وڌي رهيو آهي.
ناليواري نفسياتي ماهر سر سائمن ويسلي لکيو ته ڪورونا وائرس سبب سموري دنيا کي جن نفسياتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي،انساني تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي.لاڪ ڊائون سان ذهن تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان پهريان مشاهدا ۽ نتيجا چين مان ورتا ويا، جتي لاڪ ڊائون سبب ماڻهن پنهنجن سان ملڻ جلڻ ختم ڪري ڇڏيو، ڪيترن ته پنهنجن ٻارن کي به ڇڏي ڏنو،ان دوران گهرن ۾ تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ طلاق جي رفتار وڌي وئي.ماهرن گهر ۾ اڪيلائپ يا لاڪ ڊائون کي ڪيبن فيور جو نالو ڏنوآهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي غير مطمئن ، بي چين،چڙ ۽ شديد بوريت جو شڪار محسوس ڪندا آهن، هي هڪ قيد تنهائي جهڙي بيماري آهي.
ڪورونا جي وبا جي حوالي سان اجالا نيٽ ورڪ جي بينر هيٺ آواز سي ڊيز جي سهڪار سان راستي نالي تنظيم ڪم ڪري رهي آهي، ان اداري پاران معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي مدد ڪئي پئي وڃي.تازو ئي سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان متاثرماڻهن جي انگن اکرن تي ٻڌل هڪ رپورٽ سامهون آئي، جنهن ۾ ڪراچي سميت سموري سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.هن رپورٽ ۾ هي ڳالهه به سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو مرد ۽ صرف 30سيڪڙو عورتون ڪورونا کان متاثر ٿيون آهن. هي ڳالهه به سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن ۾ 90 سيڪڙي کان وڌيڪ مرد ۽ صرف ڇهه سيڪڙو عورتون آهن.
ان رپورٽ جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سڀني کان وڌيڪ نوجوانن کي متاثر ڪيو آهي.انهن ۾ سڀ کان وڏو انگ 20 کان 29 سالن جي نوجوانن جو آهي.ٻئي نمبر تي اهي ماڻهو آهن، جن جي عمر 30 کان 39 سالن جي وچ واري آهي.40 کان 49 سالن جي عمر جا ماڻهو به ڪورونا متاثر ٿيا آهن، 50 کان 59 سالن جا ڪيترائي ماڻهو، جڏهن ته 60 کان 69 سالن جي عمر جي ماڻهن کي وائرس نشانو بڻايو.اهڙي ريت 70 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو به هن وائرس کان متاثر ٿيا، وڏي ڄمار جا ماڻهو به وائرس کان ڪافي متاثر ٿيا آهن،ان وبا کان 9 سالن تائين جا ٻار گهٽ متاثر ٿيا آهن.
مريضن ۾ ظاهر ٿيل عام علامتن ۾ بخار،خشڪ کنگهه، ٿڪاوٽ، گهٽ علامتن ۾ خارش ۽ درد، ڳلي ۾ سوڄ،دست، اکين جو سڙڻ، مٿي ۾ سور، ذائقي يا بو جي خبر نه پوڻ به شامل آهن،چمڙي ۾ داغ ٿيڻ، آڱرين جو رنگ تبديل ٿي وڃڻ به شامل آهن.جيڪڏهن توهان ظاهري طور تي تندرست لڳي رهيا آهيو، پر توهان ۾ هلڪيون علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن، ته پاڻ کي باقي گهر ڀاتين کان الڳ ڪريو ۽ پنهنجي ڊاڪٽريا ڪووڊ-19 ٽيم سان رابطو ڪريو،جيڪڏهن توهان کي بخار آهي، کنگهه ٿي رهي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ته پنهنجي ڊاڪٽرسان ملي ڪري مشورو ڪريو.