amar jaleel

ڪنهن ۾ ته دم آهي

امر جليل ليکڪ

امر جليل

اڄڪلهه لڳاتار سٺيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن.سٺين خبرن ۾ هڪ اعليٰ خبر اها به ٻڌڻ جي لاءِ ملي رهي آهي ته عدليه عظميٰ ناجائز حد دخلين ۽ سرڪاري زمينن تي تعميراتي مافيا جيڪي  عمارتون تعمير ڪيون آهن.انهن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ سان گڏ متروڪ ملڪيتن تي قبضي جو سخت نوٽيس ورتو آهي.لاڳاپيل ادارن کي چيو ويو آهي ته اهي متروڪ ملڪيتن تي قبضن جي هڪ معتبر فهرست عدالت عظميٰ وٽ  پيش ڪن.

مان سمجهان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ مشهور زمانه هندو جيمخانه تي قبضي جي خلاف درخواست جي سماعت دوران متروڪ ملڪيتن تي بنا جهل قبضن جي معاملي جو  ذڪر عدالت عظميٰ  جي نوٽيس ۾ آيو آهي،ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ ۾اهڙيون وارداتون نه ٿينديون هيون جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪي وڃي پر ورهاڱي کانپوءِ ننڍي کنڊ جو حال ساراهڻ جوڳ نه آهي. اظهار جي آزاديءَ جي سرحدن جو مونکي چڱي ريت علم آهي، ننڍي کنڊ ۾ ڏينهون ڏينهن اسان کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي لاءِ اهڙيون اهڙيون وارداتون ملي رهيون آهن جو انسانيت جو ڪنڌ هميشه  جي لاءِ جهڪي ويو آهي.َپر اڃان به ننڍي کنڊ ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻن جيترا ماڻهون اهڙا آهن جيڪي ناجائز کي جائز بڻائڻ وارن جي لاءِ مزاحمت جو وڏو سبب بڻجي سامهون اچي رهيا آهن، ان حوالي سان ڪراچي ۾ هندو جيمخانه تي ناجائز قبصي جو معاملو سامهون آيو آهي.

پهرين ته هندو جيمخانو متروڪ ملڪيت نه آهي،ڇاڪاڻ جو هندو جيمخانو هندو ڪميونٽي جي ملڪيت آهي،مختلف ادارن جي ور چڙهڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت هندو جيمخاني  تي قبضو ڪري ورتو هو.جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ سرڪار پنج هزار رپيا ماهوار مسواڙ تي هڪ اداري جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هندو جيمخانو اڃان تائين انهن جي استعمال ۾ آهي،معاملو عدالت عظميٰ وٽ غور هيٺ آهي. هتي مان هڪ ڇرڪائيندڙ نڪتي ڏانهن عدالت عظميٰ جو ڌيان ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، مان ڪراچيءَ جي جهونن رهيل سهيل اڱرين تي ڳڻن جيترن آخري ڪجهه ماڻهن مان هڪڙو آهيان، مان اکين ڏٺو شاهد آهيان.هندو جيمخانو مختصر پر اکين کي وڻندڙ عمارت تائين محدود نه هو،جيمخاني جي پوئين پاسي هڪ پويلين ……آهي،پويلين جي سامهون  هندو جيمخاني جو عاليشان ڊگهو ويڪرو ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو هو.جتي سنڌ جو پهريون ڪرڪيٽر  جي نائو مل کيڏندو هو، 1926 جي ال انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر هو.تڏهن ڪراچيءَ ۾ مختلف ثقافتن ۽ عقيدن جا ماڻهون رهندا هئا.انهن جون پنهنجون پنهنجون ڪرڪيٽ ٽيمون ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندا هئا.

مثال طور هندو جيمخاني جي ويجهو مسلم جيمخانو هوندو هو بلڪه اڃان پڻ آهي، اتي ڪرڪيٽ ميچز نه پر شاديون ٿين ٿيون. پارسين جو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ ۾ هوندو هو، پارسي ٽيم پاڪستان جي پهرين ڪرڪيٽ کي اوپننگ بيٽس مين روسي ڊنشا ڏنو هو.انهيءَ پارسي گرائونڊ تي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ميچ 449 رن ٺاهي حنيف محمد عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو، جيڪو ڪيترن سالن بعد ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر برائن لارا پاران 500 رن ٺاهي ٽوڙيو هو. صوبن وچ ۾ ميچ جي لاءِ سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ مسلمان ،هندو،پارسي ۽ عيسائي ٽيمن جا سٺا سٺا رانديگر شامل هوندا هئا. وقت گزرڻ سان گڏوگڏ قبضا مافيا راندين جي ميدانن تي قبضن ڄمائڻ کانپوءِ پنهنجي استعمال ۾ آڻي ورتو.

بمبئي جي مشهور زمانه آزاد ميدان وانگر ڪراچي وٽ پولو گرائونڊ هوندو هو،نالو ته پولو گرائونڊ هُئس پر اتي بي شمار نئين ٽهي وارا ۽ نوجوان ڪرڪيٽ کيڏندا هئا.هاڻي اتي پبلڪ پارڪ جي نالي تي  جيڪو ڪجهه به ٺهيل آهي، اهو پبلڪ پارڪ نه آهي، صدر ڪراچيءَ ۾ جهانگير پارڪ جي نالي سان ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو هو،جتي ڏهه ٽيمون پريڪٽس ڪنديون هيون، هفتيوار ميچز منعقد ٿيندا هئا. رانجي ٽرافي جيان ڪراچي جي اسڪولن وچ ۾ ٿيندڙ روبي شيلڊ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا گهڻا ميچ جهانگير پارڪ کانسواءِ ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ ،مسلم جيمخاني ڪراچي، ڪوئن ايسوسيئشن گرائونڊ ۽ هندو جيمخاني ۾ کيڏيا ويندا هئا.

محمد حنيف،مناف، اڪرم الاهي، والس ميٿائس،خالد وزير،انتخاب عالم ۽ ٻيا نامور رانديگر روبي شيلڊ مان اڀري سامهون آيا هئا، ڪراچي ڪوئن ڪرڪيٽ گرائونڊ، پراڻي نمائش جي ويجهو هوندو هو.هاڻي اتي خبر ناهي ڇا ٺهيل آهي،صدر ۾ جهانگير پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ مغل شهنشاهه جهانگير سان منسوب نه هو، اهو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪراچيءَ جي پارسي سخي، جهانگير ڪوٺاريءَ ٺهرايو هو. ان ئي ڪلفٽن جو مشهور گنبذ سرخ راجسٿاني پٿر جي سيڙهين سان ۽ پاٿ وي …..راهه داري ٺهرايو هو.

هاڻي جهانگير پارڪ ۾ باغيچو ٺهرايو ويو آهي،جتي مختلف مافيائن جو اثر موجود آهي. ڪراچيءَ ڪامرس ڪاليج جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پوليس قبضو ڄمائي رکيو آهي،صدر جي علائقي مان غلط پارڪنگ سبب کنيل گاڏين جي ڏنڊ جي ڏي وٺ جو ڪاروبار ڪامرس ڪاليج جي ڪرڪيٽ ۾ هلندو رهندو آهي،سر، هندو جيمخاني جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سنڌ سرڪار پاڪستان بڻجڻ جي فورن بعد قبضو ڪري ورتو هو،هاڻي اتي ٽي ماڙ وائڙين عمارتن جو جهنگ بڻيل آهي،جتي ڪراچيءَ پوليس جي نفري رهي ٿي.گرائونڊ جي آڳر ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ عورتن جو ٿاڻو پڻ ڪم ڪري رهيو آهي،سر، اهي سوين فليٽ متروڪ نه آهن بلڪه هندو ڪميونٽي جي ملڪيتن تي ٺهيل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *