الطاف شيخ

ڪنهن مثال جي ضرورت ناهي

الطاف شيخ چونڊمواد ليکڪ

الطاف شيخ

وزير اعليٰ جي سيڪريٽري مس زيتون سان منهنجي ملاقات اڄ کان ويهه سال اڳ 1983ع ۾ ٿي هئي، جڏهن هوءَ 25 سالن جي هئي. انهن ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ملئي ڇوڪريون، خاص ڪري ڳوٺن جون گهٽ هيون. هيءَ انهن چند ڇوڪرين مان هڪ هئي، جنهن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي. سٺي انگريزي اچڻ کان علاوه هن کي مذهب جي به سٺي ڄاڻ آهي. پاڻ اسڪول جي ڏينهن کان تودونگ(حجاب) ٻڌي ٿي، يعني مٿو ڍڪي ٿي ۽ جبي نموني جو عبايا پائي ٿي. منهنجو جڏهن ملائيشيا تي پهريون ڪتاب ”مڪليءَ کان ملاڪا“ ڇپيو هو، ته اهو ڏسي ان جي ٽائيٽل ڪور تي هن چڱو اعتراض ڪيو هو، ته آرٽ ورڪ ئي سهي پر مون کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته اسان جو ٽوئرزم کاتو يا ڪو ڌاريو ملائيشيا کي دنيا سان متعارف ڪرڻ لاءِ انگ اگهاڙيون يا گهٽ ڪپڙن واريون ڇوڪريون ڏيکاري.

”آئندي لاءِ پبلشر کي خاص تاڪيد ڪندس ته ملئي ڇوڪريءَ کي سندس قومي لباس باجو ڪرونگ(Baju Kurung) ۾ ڏيکاري ۽ نه ڪرانگ باجو ۾.“ مون کيس ٿڌو ڪندي چيو هو. ملئي زبان ۾ Baju وڳي، پوشاڪ، ڊريس کي چئجي ٿو ۽ باجو ڪرونگ ملئي ڇوڪرين جي اها ڊريس آهي، جنهن ۾ قميص ۽ گوڏ ڊگهي ٿئي ٿي ۽ سڄو جسم ڍڪيل رهي ٿو ۽ ڪرانگ Kurang جي معنيٰ گهٽ يا مختصر آهي. ڪو چانهه لاءِ کنڊ جو پڇي ته ان کي ”ڪرانگ گولا“ چئي سگهجي ٿو، يعني گهٽ کنڊ يا ”ڪرانگ سُوسُو“ معني ٰگهٽ کير، اهڙي طرح ”ڪرانگ باجو“ معنيٰ گهٽ ڪپڙا.

”مس زيتون، توکي مڙيئي هرو ڀرو جي مردن تي ڪاوڙ آهي.“ مون کلندي ڳالهه ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو جو منهنجو ڪتاب ڏسي چيف منسٽر ۽ ٻيا تعريف پيا ڪن ۽ هي درويش وري راڳ ٻيو کڻي بيهي رهي هئي ۽ جنهن ڳالهه جي هنن کي سڌ نه سماءُ، ان ڏانهن هن پئي هنن جو ڌيان ڇڪايو. هونئن ملئي ڇوڪريون ننڍي هوندي ئي شادي ڪري ڇڏينديون آهن، پر زيتون اڃا ڪنواري هئي. هڪ ڏينهن مون ۽ منهنجي زال هن کان اهو سبب پڇيو، ته هن ٻڌايو ته، جيئن ته هن جو پيءُ گذاري ويو آهي ۽ هن جي ماءُ جو هن کان علاوه ٻيو ڪو اولاد ناهي، ان ڪري هوءَ شادي نٿي ڪرڻ چاهي ۽ پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي.

هڪ ڏينهن مون کان سنجيدو ٿي پڇيو هئائين: ”ڇا هر ڇوڪريءَ لاءِ شادي ضروري آهي؟“

”سٺو ساٿي ملي ته ضرور ڪجي، جو ڏک درد ۾ ڀاءُ ۽ پيءُ کان وڌيڪ سٺو ساٿي مڙس آهي.“ مون چيو هئومانس.

”پر آئون ته نوڪري به ڪريان ٿي.“ هن وراڻيو هو.

”نه، منهنجي خيال ۾ ته اهو منطق ڪو صحيح ناهي، ائين هجي ها ته جاپان، ڪوريا يا يورپ جي ملڪن جي ڪا به ڇوڪري شادي نه ڪري ها، جو اتي ته مرد وانگر هر عورت به نوڪري ڪري ٿي ۽ جيڪا بيروزگار آهي، ان کي سرڪار طرفان ايترو سوشل الائونس ملي ٿو، جو هن جو هر ضروري خرچ پکو، رهائش ۽ کاڌي پيتي کان بجلي ۽ گئس جي بل جو پورائو ٿيو وڃي.“

ملئي سوسائٽي ۾ مرد ڪافي حد تائين سست ۽ ٽوٽي ثابت ٿيا آهن. هو شاديءَ کان پوءِ عورت تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا، ته هوءَ گهر ٻار هلائڻ جو گهڻو بار کڻي ۽ ويتر جي ڇوڪري پئسي واري يا نوڪري ڪندڙ آهي ته مرد جي ڪاهل ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان آهن. ڳوٺن جا ملئي ڇوڪرا به وارا وڏا رکي تيل ڦليل ڪري پيا هلندا، پڙهڻ ۽ نوڪريءَ کان ٻرو، هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا ته ڪا نوڪريءَ واري يا پئسي واري ملئي ڇوڪري ساڻن شادي ڪري سندن زندگي Set ڪري. زيتون شايد ان خوف کان به شاديءَ جو نٿي سوچيو.

هاڻي جڏهن منهنجو ملاڪا وڃڻ ٿيو ته هڪ ڏينهن چيف منسٽر جي نئين آفيس ۾ ويس. ملاڪا رياست جو اڄڪلهه وزير اعليٰ داتڪ ويرا حاجي محمد علي بن محمد رستم آهي. پاڻ منهنجي ڏينهن ۾ به سياست ۾ هوندو هو ۽ خاص ڪري عيد تي ملائيشيا ۾ ٿيندڙ ”اوپن هائوس“ ۾ سندس گهر وڃڻ ٿيندو هو. ملائيشيا ۾ عيد تي مسلمان سياستدان ۽ وڏا ماڻهو، ڏياريءَ تي هندو ۽ ڪرسمس ڊي تي عيسائي وزير ۽ اهم بزنس مين ۽ ڪامورا گهر ۾ دعوت عام ڪن، يعني غريب غربو، عام ۽ خاص مائٽ، دوست يا اڻ ڄاڻ سندن گهر اچي ان همراهه سان ملي به سگهي ٿو، ته وات به مٺو ڪر ي سگهي ٿو. ان قسم جي دعوت کي ”اوپن هائوس دعوت“ سڏجي ٿو ۽ گهڻو ڪري ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان دعوت جو اعلان اخبار ۾ ٿيندو آهي ته عيد جي پهرئين ڏينهن يا ٻئي ڏينهن فلاڻي فلاڻي وزير طرفان اوپن هائوس آهي، سندن گهرن جي ائڊريس هيءَ آهي. ملائيشيا جو وزير اعظم (اڳوڻو) مهاتير به ڪنهن ڪنهن عيد تي اوپن هائوس ڪندو آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي هن سان ملڻ ۽ هٿ ملائڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ايندڙ مهمانن جي کاڌي پيتي يا ٺلهي شربت ڪيڪ بسڪيٽن جو ڇا انتظام ٿيندو هوندو، ان جو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

”ڪيئن لڳي هيءَ نئين آفيس؟“ چيف منسٽر سان ملڻ کان اڳ سندس سيڪريٽري زيتون سان ملاقات ٿي، ته هن يڪدم سوال ڪيو.

”شهر کان ڏهه ميل پري آفيس ٺاهي غريبن جو سر وڃايو اٿوَ.“ حقيقت اها آهي ته هتي ماڻهن کي ورلي ڪو چوڏهين چنڊ آفيس ۾ اچڻو پوي ٿو، نه ته غريب غربي جو ڪم گهر ويٺي ٿيو وڃي. جنهن به ڳالهه لاءِ توهان Apply ڪريو ٿا يا درخواست ڏيو ٿا، پوءِ اها چاهي نوڪري هجي يا امپورٽ ايڪسپورٽ جي پرمٽ، زمين جي ڊوپلمينٽ هجي يا ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽري کولڻ جي اجازت، توهان وقت تي ٽئڪس پياريندڙ آهيو، توهان وٽ ان سبجيڪٽ ۾ ڊگري آهي، توهان کي گهربل ڪم جو تجربو ۽ ڪاغذ پٽ صحيح آهن، ته توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو، ڪنهن آفيس ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڪنهن کان سفارش ڪرائڻ جي به ضرورت ناهي. پاسپورٽ، ڪار جي رجسٽريشن جا پنا يا شناختي ڪارڊ هجي، هر شئي توهان کي مقرر وقت اندر گهر جي ائڊريس تي پوسٽ ذريعي پهچي وڃي ٿي، آفيس جا چڪر هڻڻ، سرڪاري ڪامورن جي اڳيان پويان ٿيڻ ۽ وڏن ماڻهن کان سفارشون ڪرائڻ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ رواج ٿي ويو آهي.

”اهو ٻڌاءِ ته 30 تاريخ تي هتي آهين؟“ مون کي خيالن ۾ گم ڏسي زيتون پڇيو.

”ها، بلڪل هتي آهيان، ان تاريخ تي ڇا ڪو ملاڪا ۾ قومي يا صوبائي فنڪشن ٿي رهيو آهي؟“ مون پڇيو.

”نه…“ زيتون کلڻ لڳي.

”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو منهنجو هجڻ ضروري آهي ان ڏينهن تي!؟ پاڪستان مان ڪو ڊيليگيشن اچي رهيو آهي؟“ مون پڇيو، جو انهن ڏينهن ۾ به اهڙن موقعن تي آجيان لاءِ اڪثر مون کي گهرايو ويندو هو.

”ٻڌائيندي ته مون کي عجيب ٿو لڳي.“ زيتون آخر لفظ چٻيندي چٿيندي ڳالهه ڪئي، ”۽ توکي ته تعجب لڳندو ته هن مهيني جي 30 تاريخ تي منهنجي شادي ٿي رهي آهي.“

آئون سمجهي ويس ته هوءَ ان ڳالهه تان شڪي ٿي رهي آهي ته هاڻ هو وڏي عمر ۾ شادي ڪري رهي آهي ۽ هن کي اهو ڊپ پڻ هو ته متان آئون ڪو چرچو ڪريان، پر مون هڪ سٺي مهمان جو ڏيک ڏيندي کيس ڪامپليڪس مان ڪڍڻ ۽ همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ چيو، ”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه آهي ڪا نه، بينظير به ته وڏي عمر ۾ شادي ڪئي.“

”تون ته هر ڳالهه ۾ بينظير جي ڳالهه ٿو ڪرين. بينظير مون وانگر 5 4 سالن جي پوڙهي ٿي ته شادي نه ڪئي هئي.“

” پوءِ ڀلا ايلزبيٿ ٽيلر جو مثال ڏيان ڇا؟“ مون سنجيده شڪل ٺاهي چيو.

”نه، ڪنهن جي به مثال جي ضرورت ناهي.“ زيتون چيو.

”شادي اها شئي آهي جيڪا آسمانن تي لکيل هوندي آهي، جڏهن ۽ جنهن سان ٿيڻي هوندي آهي، تڏهن ۽ تنهن سان ٿي ويندي آهي. اسان جي زبان ۾ هڪ پريبهاسا (چواڻي/پهاڪو ) آهي ته ”مڱيون رهجيو وڃن، لکيون پرڻجيو وڃن.“ آئون شادي ضرور اٽينڊ ڪندس. منهنجي زال ۽ ٻار به توکي ڏسڻ لاءِ آتا آهن.“

” Terima kasih (مهرباني).“ هن ملئي زبان ۾ چيو. مون سندس ٿورا مڃيا ۽ چيف منسٽر سان ملڻ لاءِ هن جي آفيس جو در کولي هليو ويس.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے