ڪجهه عرصو اڳ هڪ اڳوڻي قومپرست شاگرد اڳواڻ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته “ جيڪڏهن پ پ گورننس بهتر بڻائي ته اها سنڌ ۾ ڪنهن رنڊڪ کان سواءِ هڪ سئو سال تائين حڪومت ڪري سگهي ٿي“
سنڌ ۾ هر پاسي ڏسون ٿا ته مسئلا ئي مسئلا آهن، هفتيوار ڪالم لکڻ لاءِ ڪنهن هڪ اهم مسئلي جي چونڊ ڪندا آهيون ته ان وچ ۾ الائي ڪيترا مسئلا ڪَرُ کڻي چڪا هوندا آهن. بجلي جي بحران تي لکڻ جي شروعات ڪيون ٿا ته ڪراچي اندر سنڌين کي مختلف شعبن ۾ تعصب جي بنياد تي نظر انداز ڪرڻ جون خبرون شايع ٿين ٿيون، جنهن ڪري معاملي جي اهميت کي سمجهندي قلم جو رخ ان پاسي ڪري ڇڏيون ٿا، اوچتو وري ڪو سنڌ مخالف واپاري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو راڳ آلاپڻ لڳي ٿو، ان مسئلي کي وحدت مٿان وار سمجهندي ٻه لفظ لکون ئي ٿا ته بدين ۽ ٻين شهرن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو اخبارن جي زينت بڻيل هوندو آهي، اهڙي نموني ٻئي ڏينهن تي ميڊيا ۾ غوثپور ۽ ڳڙهي ياسين ۾ سرڪاري ايمبولينسون نه هجڻ جي ڪري فوتين جا مڙهه موٽر سائيڪل لوڊر ۽ گڏهه گاڏي تي کڻڻ جون تصويرون جيءُ جهوري وجهن ٿيون، جنهن سان سوچ مٽجي وڃي ٿي ته هن مسئلي تي قلم استعمال ڪجي، ساڳئي ڏينهن جي اخبار جي ٻي ڪنڊ ۾ وري ٿر ۾ ٻارڙن جي بي واهي مرڻ جون خبرون نظر مان گذرن ٿيون، ذهن ٺاهي اڃا ان موضوع تي لکڻ جي تياري ڪجي ٿي ته تلهار جهڙي پر امن شهر ۾ هڪ سموسي تي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙو سامهون اچي ٿو، اهڙي جهالت بابت مٿو پٽي قلم کڻون ٿا ته سارنگ شر جهڙن ڪردارن جون خبرون اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجن ٿيون. اهو ڏسي ڪالم ان تي لکڻ جو ارادو ڪيون ٿا ته وري ڪنهن نينگريءَ سان ٿيل لڄالٽ واري واقعي تي سندس امڙ جي هنج هاريندي تصوير ڏسي چئون ٿا ته هن پوڙهيءَ جو آواز بڻجون متان ساڻس انصاف ٿئي، ان دوران اعلان ٿئي ٿو ته هن ڀيري سنڌ ۾ تيز برسات پوندي، جنهن سان گڏ موسميات کاتي جو ريڊ الرٽ به جاري ٿيو, ٿر کان شروع ٿيل اها برسات جڏهن ڪراچيءَ ۾ داخل ٿئي ٿي ته بدانتظامي سبب راڱا ڏيکاري ٿي، جنهن سان، قلم ان کي موضوع بڻائي ٿو، ٻن ڏينهن جي برسات ۾ سڄو شهر پاڻي پاڻي ٿي ويو، گٽر بند ٿي ويا، گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي الائي ڪيڏانهن موڪلائي وئي، ڄڻ ته زندگي مفلوج ٿي وئي، ڪراچيءَ جي گٽرن ۽ نالن تي اڃا ٻه اکر مس لکياسين ته ڪاڇو تباهي جو داستان بڻجي سامهون آيو، جتي برسات بعد نيون وهي اچڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ڌرتيءَ تان ميسارجي، پاڻيءَ ۾ جانورن جي لڙهڻ جا دل ڏاريندڙ منظر اکين مان گذريا ۽ هزارين مارو ماڻهو جيڪي ڪالهه تائين پنهنجن گهرن ۾ سڪون واري زندگي گهاري رهيا هئا، اهي ڪجهه ڪلاڪن اندر روڊن تي اچي ويا، پوءِ قلم پاڻمرادو انهن جي اهنجن تي لکڻ شروع ڪيو ۽ ايئن پئي لڳو ڄڻ قلم ڳالهائندي اهو چئي رهيو هجي ته ڀلي ڪو ٻيو سندن ڀر جهلو نه ٿئي، پر هو ضرور ٿيندو.
چون ٿا ته هن ڀيري ڪاڇي جون اهي نئيون به برسات سبب وهي آيون آهن، جيڪي گهڻي عرصي کان سُڪي ٺوٺ بڻجي چڪيون هيون، خوبصورت جابلو سلسلي واري ڪاڇي جي قسمت الائي ڇو خوبصورت ناهي، ٿر جيان اتي به گهڻا سياح اچن ٿا، خوبصورتي ڏسي واهه، واهه ڪري هليا وڃن ٿا، ڪاڇي جي تباهي تي وڏي وزير سولائي سان چئي ڇڏيو ته موسميات کاتي اُتر سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي نه ڪئي هئي، مراد علي شاهه جهڙي باخبر طور مشهور وزير اعلي جي ان بيان بعد احساس ٿيو ته سنڌ ڪيڏي نه بي خبرن حوالي ٿيل آهي، جو اسان توهان ، جهڙن کي ميڊيا ۾ شايع ٿيل خبرن وسيلي عيد کان اڳ ئي خبر پئجي چڪي هئي ته هيل سنڌ ۾ برساتون پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ پونديون ۽ 6 آگسٽ تي هڪ طاقتور سسٽم اچڻ وارو آھي، پر سنڌ جي حڪمرانن کي صفا خبر ئي نه پئجي سگهي.
سنڌ ۾ پ پ جي اٽڪل 12 سالن کان لاڳيتو حڪومت آهي، سنڌ جا ماڻهو اکيون بند ڪري کيس ووٽ ڏين ٿا، پوءِ ڀلي ڪو متبادل آپشن نه هجڻ ڪري ووٽ ڏيندا هجن يا وري ڀُٽي صاحب ۽ شهيد بينظير ڀٽو سان عقيدت کين ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪندي هجي، جيڪڏهن انهن 12 سالن جو جائزو وٺون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي مليل رليف جي شرح اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندي، جيڪي ڪم ٿين ٿا، اهي به جٽادار ناهن هوندا، هر هنڌ شڪايتون، احتجاج ۽ ماڻهو ناراض هوندا آهن، ڪوبه خوش ناهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين مسئلن جو اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو سنڌي ماڻهن کي ڪڏهن هڪڙي پاسي ته وري ڪڏهن ٻئي پاسي اڇلائي ٿو، پر ان ڌٻڻ مان ڪو کين ڪڍڻ وارو ناهي.
سيد مراد علي شاهه موسميات کاتي تي کين بي خبر رکڻ جو الزام ته هڪڙي منٽ ۾ هڻي ڇڏيو، پر هن ڪاڇي ۾ ايف پي بند جي دوري دوران آبپاشي کاتي جي لاپرواهي تي واسطيدار وزير سهيل انور سيال کي سزا طور گهر موڪلڻ جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي همٿ نه ڪئي، اهو ان ڪري ته سنڌ ۾ “سفارشي راڄ” آهي، جتي وزير ۽ مشير پرچيءَ وسيلي مقرر ڪيا وڃن، اتي گورننس جا حال ته ههڙا ئي ٿيندا، جيڪي هن مهل ٿين پيا. ڪاش وڏي وزير ۽ سهيل انور سيال کي انهن ڇهن ڪاڇي واسين جي ذهني پيڙا جو احساس ٿئي، جيڪي پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڻن تي چڙهي ويٺا رهيا، پر سندن مدد لاءِ سرڪار نه پهتي، وڏي وزير ۽ وزير موصوف کي ڪهڙي خبر ته انهن ڳوٺاڻي عورتن جي ذهنن تي ڇا گذريو هوندو، جيڪي چوڌاري پاڻي هوندي به کٽن تي ويٺل هيون ۽ خبر ناهي اهي بدنصيب ڪير هئا، جن جي گهر جي ويران اڱڻ تي کٽون ۽ ٻيو سامان ترندو رهيو، پر اهي الائي ڪهڙي مصيبت ۾ ۽ ڪٿي ڦاٿل هئا.
سيد مراد علي شاهه ڀلي موسميات کاتي تي الزام هڻي، پر هو ان وسيلي پنهنجي حڪومت جي ڪوتاهين کي لڪائي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٽيم آخر ڪهڙي مرض جي دوا آھي، ان کي موسميات کاتي سان ڪو آرڊينيشن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي ها. لڳي ائين ٿو ته شاهه صاحب جي ٽيم موسمات کاتي جي اڳڪٿي سمجهي ئي نه سگهي، جيڪڏهن ايئن آهي ته اهڙن ماڻهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ گهرجي.
اسان کي سنڌي جي حيثيت پ پ سان هر مرحلي تي همدردي رهي آهي ۽ وفاق جي غير مناسب رويي سميت ڏکئي وقت ۾ اڃا تائين سندس ساٿ ڏنو پيو وڃي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته توهان سنڌين جا اهنج وڌايو ۽ سندن سياسي جذبن سان کيڏو يا فائدو وٺو. هن مهل تائين هر ڪوتاهي نظر انداز ٿي، پر هاڻي شايد سنڌي ماڻهن کي سوچڻو پوي. انهيءَ ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي سنجيده ٿيڻو پوندو، برداشت جي ڪا حد هوندي آهي، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ٻين صوبن جيان سنڌ مان به پ پ جي تڏا ويڙهه ٿئي، جيڪڏهن فوري طور گورننس کي بهتر نه بڻايو ويو ته پ پ پاڪستان جي ڪانگريس ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته عوام آڏو ڪراچيءَ جي گجر نالي ۽ ڪاڇي جي نئين گاج مان سندن گڊ گورننس ظاهر ٿي چڪي آهي.