شير محمد کهاوڙ
گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، پي سي هوٽل ۾ انساني حقن جي حوالي سان هڪڙو سيمينار ٿي رهيو هو، تقريرون ٿي رهيو هيون ۽ مقررن سوالن جا جواب به ڏنا ٿي، اوچتو پوين ڪرسين تان هڪ نفيس قسم جو بزرگ اٿيو، جيڪو پنهنجي ڳالهه به ڪري رهيو هو ته اکين مان نير به وهائي رهيو هو، سليم صاحب چئي رهيو هو ته لنڊن ۾ ڏاڍي سُکي ۽ سڪون واري زندگي گذاري رهيو هئس، رکي رکي دل چوندي هئي ته پاڪستان موٽي وڃا ۽ پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪريان، منهنجي ذهن ۾ خاڪو هو ته پاڪستان ۾ جيڪو روزانو لکين ٽن گند ڪچرو ٿئي ٿو، جنهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو به ڪو انتظام ڪونهي، انکي ڪتب آڻي، ان مان ٻنين لاءِ مِٺو ڀاڻ تيار ڪجي.
سيمينار کانپوءِ اسان جي ڏيٺ وائيٺ ٿي، لاڙڪاڻي مان جيڪي اردو ڳالهائيندڙ ڪٽنب ڪراچي لڏي آيا آهن انهن سان سندس مائٽي هوندي هئي، جنهن ڪري انهن مان هڪ دوست کي ساڻ ڪري هو ڪيترائي ڀيرا مونسان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. سليم صاحب ٻڌايو ته هڪ ڀيرو جنرل ضياءَ لنڊن آيو، هن محب وطن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ اچي سيڙپڪاري ڪن، حڪومت کين هر ممڪن سهولت ۽ مدد مهيا ڪندي. مون ساڻس ملاقات ڪئي ته هن اڃا وڌيڪ سهڻا خواب ڏيکاريا، مان سندس ڳالهين تي ڀروسو ڪيو، مون ڪراچي ۾ اچي گندي پاڻي ۽ گند ڪچري مان مٺي ڀاڻ ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳايو،
پهرين محبت مونسان ڪي ايم سي وارن اها ڏيکاري جو مان جڏهن گٽرن مان گندو پاڻي کڻڻ شروع ڪيو ته هو مون وٽ پهچي ويا ۽ چيائون ته تون جيڪو گندو پاڻي کڻين ٿو ان جو في گيلن جي حساب سان معاوضو ڏي. هو ويچارو پنهنجو سڀ ڪجهه ڪارخاني تي لڳائي چڪو هو، جتي سندس اکين اڳيان لنڊن ۾ ڏٺل خواب چڪناچور ٿي رهيا هئا، ٿورن ڏينهن کانپوءِ پنهنجا سور پاڻ سان کڻي هو هن دنيا مان هليو ويو.
دنيا جي سمورن سڌريل ملڪن ۾ جيڪو ڀاڻ زرعي پيدوار وڌائڻ لاءِ اسان پنهنجن ٻنين ۾ استعمال ڪندا آهيون انجي استعمال تي بندش پئجي چڪي آهي، دنيا مٺي ڀاڻ ڏانهن اچي رهي آهي، جيڪو اسان جا وڏا به انگريزي ڀاڻ جي اچڻ کان اڳ استعمال ڪندا هئا،اهو ڀاڻ مال جي ڇيڻن ۽ گند ڪچري مان ٺاهيندا هئا. اناج، سبزين ۽ ميون تي جيڪو اسان انگريزي ڀاڻ استعمال ڪري رهيا آهيون ان جي نتيجي ۾ دل، جگر، ساهه، بڪين ۽ چمڙي وغيره جي بيمارين ۾ به مبتلا ٿي رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ روزانو سترهن ارڙهن هزار ٽن کان وڌيڪ ڪچرو گڏ ٿئي ٿو، ڪي ايم سي جيڪڏهن سئو سيڪڙو به ڪم ڪري ته ان وٽ اٺن نون هزار ٽنن کان وڌيڪ گند کڻڻ جي گنجائش ڪانهي، انڪري هو ڇا ڪندا آهن جو جيڪو گند جاٿي پيو هوندو آهي ان کي اتي جو اتي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وري جنهن جاءِ تائين گند جي سڙڻ جو دونهون پهچندو آهي، اتان جي رهواسين کي ساهه ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ڪندو ويندو آهي.
ڪراچيءَ ۾ روزانو جيڪو ڪروڙين گيلن گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، اهو به بغير ڪنهن صفائي جي، جيتوڻيڪ اسان وٽ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا ٽريٽمينٽ پلانٽ به موجود آهن، جيڪي پئسا کائڻ لاءِ رڪارڊ ۾ هلندڙ به ڏيکاريا ويندا هوندا پر اصل ۾ اهي سال جو وڏو عرصو بند هوندا آهن، نتيجو اهو نڪرندو آهي جو روزانو ڪروڙين گيلن گندو پاڻي جڏهن سمنڊ ۾ وڃي ٿو ته اهو نه رڳو اسان جا ساحلي علائقا خراب ڪري ٿو پر ان جا آبي جيوت تي به منفي اثر پون ٿا، انڪري اهڙي مڇي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اچي رهي آهي جنهن جي کائڻ سان ماڻهو خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، پر هن طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي.
ڪي ايم سي جون گاڏيون جيڪي شهر ۾ گند ڪچرو کڻڻ جو ڪم ڪنديون آهن انهن وٽ گند کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪو سائنسي طريقيڪار موجود ڪونهي، بس اهي ابراهيم حيدري، سرجاڻي ٽائون يا ڪراچي جي ٻين پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ وڃي ڦٽو ڪنديون آهن جنهن کي به اتي باهه ڏئي ساڙيو ويندو آهي، جنهنڪري اتان جا رهواسي ڄمڻ کان مرڻ تائين بيمارين کان جان ڇڏائي نه سگهندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ نرگس لطيف پنهنجي اين جي او “گُل بَهائو” جي پليٽ فارم تان “ڪچرا دو سونا لو” جي نعري هيٺ ڪچرو گڏ ڪري ان مان ڀاڻ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو هو، هن ڪافي سال محنت ڪئي پر سرڪاري سرپرستي حاصل نه ٿيڻ جي ڪري اها به هاڻي نظر نٿي اچي.
ڪراچي شهر جو سٺ سيڪڙي کان وڌيڪ حصو ڪينٽومينٽ بورڊن جو آهي پر مجال آهي جو گندگي ختم ڪرڻ ۾ هو اسان کي سرگرم نظر اچن، بس هو رڳو ٽيڪس جي اوڳاڙين جا شينهن آهن. ان سان گڏ ڪراچي وارن جي اها به بدقسمتي آهي جو هتي گند ڪچري ۽ گندي پاڻيءَ تي به سياست ٿيندي آهي. اسان وٽ اهڙا به مثال آهن جو گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين لائينن ۾ سيمينٽ جا پاچڪا اڇلايا ويندا هئا، جنهن جو عذاب شهري پيا ڀوڳيندا هئا ۽ حڪومت کي گاريون ڏيندا هئا. سعيد غني جڏهن مڪاني ادارن جو وزير هو ته هو ٽي وي سان ڳالهائيندي چئي رهيو هو ته سندن مخالف نيڪال جي لائينن ۾ سوڙيون ۽ ٻيو سامان وجهي اهي بند ڪن ٿا، هن وقت هو اطلاعات جو وزير آهي، ٻه ٽي ڏينهن اڳ ساڻس سي پي اين اِي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هو چئي رهيو هو ته جيڪڏهن خبر سچي هجي پوءِ سنڌ حڪومت جي هجي يا پيپلزپارٽيءَ جي انکي ڇپجڻ گهرجي، ميڊيا کي آزاد هجڻ گهرجي پر اها ٻين جي اشارن تي نه هلي،
اڄڪلهه هڪ منظم پروپئگنڊا اها ڪئي پئي وڃي ته ڪراچيءَ ۾ مکيون وڌي ويون آهن، هو درست چئي رهيو، هو هفتي کن کان اها خبر ٽي وي اسڪرين تي اڪثر ليڊ نيوز طور هلي رهي آهي. هو چئي رهيو هو، ته مينهوڳي کانپوءِ مکيون جتي ڪٿي ٿينديون آهن، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ به مکين جو آزار وڌيل آهي پر ٽي وي وارن کي رڳو ڪراچيءَ جون مکيون نظر اچي رهيون آهن. ظاهر آهي عيد جي موقعي تي ٿيل برسات ۽ لکين جانورن جي قربانيءَ کانپوءِ صفائي نه ٿي جنهن ڪري مکين، مڇرن ۽ بدبوءِ جو آزار وڌي ويو، اسپتالن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته ٻارن جي بيمارين ۾ ٽي سئو سيڪڙي کان به وڌيڪ واڌ ٿي آهي، ڪي ايم سي جا هزارين سفيد پوش ملازم اهڙا آهن جيڪي پگهارن ۾ ته هڪ ڏينهن جي دير به برداشت نه ڪندا آهن پر ڪم ڪرڻ هو پنهنجي شان جي خلاف سمجهندا آهن. ڪي ايم سي جي گاڏين جو تعداد پڇبو ته اڌ کان وڌيڪ خراب ٻڌايون وينديون پر جڏهن اسان انهن جي تيل وارا رجسٽر چيڪ ڪنداسين ته اهو خراب گاڏين جي پليٽ نمبرن تي به نڪتل نظر ايندو.
اسلام آباد اهو شهر آهي جتي ٿورن ٿورن ڏينهن جي وقفي سان برسات پوندي رهندي آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار ڪلاڪن جا ڪلاڪ به جاري رهندي آهي، برسات پوڻ سان ماڻهن جا چهرا خوشي مان ٽڙي پوندا آهن، جتي نه لائيٽ ويندي آهي، نه ڪرنٽ لڳڻ سبب ماڻهو مرندا آهن ۽ نه وري رستن تي پاڻي بيٺل نظر ايندو آهي، ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جتي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو ته هجڻ ئي نه گهرجي، ان جي باوجود جڏهن به برسات پوي ٿي ته نه رڳو رستن تي ٽريفڪ جام ٿيندي آهي،ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي هلي ويندي آهي پر ڪرنٽ لڳڻ سبب ماڻهن جي مرڻ جون خبرون به اچڻ شروع ٿي وينديون آهن. هاڻي ته الله رحم ڪري برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻارن جي ٻڏي مرڻ جون خبرون به اچن ٿيون، اهڙي هڪ ڏکوئيندڙ خبر ڪالهه ٻڌائي وئي جنهن موجب چار ٻار پاڻيءَ ۾ کيڏندي ٻڏي ويا، هو چارئي ڀائر هئا جن مان ٽي مري ويا، اسان خبر به ٻڌي ۽ افسوس به ڪيو، پر هنن ٻارن جي پيءُ، ماءُ ۽ گهرڀاتين جي دل تي ڇا گذريو هوندو ان جو اظهار ممڪن ڪونهي.
ڪالهه ڏينهن جو رڳو ويهه منٽ مينهن پيو آهي ته ڄڻ سڄو شهر جام ٿي ويو آهي، ٽي وي تي چيلهه جيڏو پاڻي ڏيکاريو پيو وڃي جنهن ۾ گاڏيون ٻڏل نظر اچي رهيون آهن، وفاقي وزير علي زيدي وڏيون ڊاڙون هڻي اسلام آباد مان آيو هو ته هو ڪراچيءَ جي صفائي ڪرائيندو، اچڻ سان هن ڪروڙين رپين جا چندا گڏ ڪيا، قرباني ڪندڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ٽان ٽان فِش ڪري ويهي رهيو.
هفتي کن کان اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال ۽ هاڻوڪي ميئر وسيم اختر ۾ زباني جنگ هلي رهي آهي جنهن ۾ هو هڪٻئي جا پتا پڌرا ڪري رهيا آهن. ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا پنهنجي بيانن مان شهر جي صفائي بابت پر اميد نظر اچي رهيا آهن، پر شهري عذاب ۾ آهن، جن کي گندگيءَ واري عذاب مان ڇوٽڪار ڏيڻ لاءِ ڪنهن به پاسي کان ڪا مناسب حڪمت عملي نظر نٿي اچي. مينهن وسي ٿو ته وڏو وزير مراد علي شاهه به اسان کي پاڻي ۾ پاچا پسائيندي نظر ايندو آهي، ٺيڪ آهي، اهو سندس جذبو آهي، پر اهڙي نوبت ڇو ٿي اچي؟ حڪومت اڳواٽ اهڙا قدم ڇو نٿي کڻي جو مينهن جو پاڻي شهرين لاءِ عذاب نه بڻجي،گجر نالي جا هزارين گهر اهو چئي ڊاٿا ويا ته جيئن مينهن جو پاڻي نيڪال ٿئي پر ان جو به ڪو نتيجو نه نڪتو.هن وقت ڪراچيءَ جي حالت ان ڳئونءَ واري نظر اچي رهي آهي، جنهن جو کير ته سڀئي پيئن ٿا پر کيس گاهه ڏيڻ وارو ڪير ڪونهي!.