سنڌ جي قومپرست سياست سان هڪ ڏھاڪو سلهاڙيل رهڻ ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ڊگهي عرصي کان هجڻ جي ڪري، ان جي ويجهي کان ڪيل مشاهدي بعد اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه پئي ٿئي ته اسان جي قومپرست پارٽين طرفان ڪراچيءَ کي جدوجهد جو مورچو بڻائڻ لاءِ عمل گهٽ ۽ ڳالهيون وڌيڪ ٿيون آھن ۽ اڃا تائين به ان روش جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، گهڻن ئي اڳواڻن جون اهي ڳالهيون ٻڌندي مٿو ئي اڇو ٿي ويو ته هاڻي جدوجهد جو مرڪز ڪراچي شهر هوندو ۽ اتي پارٽين جون مرڪزي آفيسون قائم ڪيون وينديون، پر افسوس ته ٻنهي مان ڪنهن تي به ان نموني عمل نه ٿي سگهيو، جئين دعويٰ ڪئي وئي هئي.
هتي ڪجهه دوست اختلاف اٿاريندي اها ڳالهه ڪندا ته بشير خان قريشي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي ۾ وڏا جلسا ڪري شهر کي جدوجهد جو مرڪز بڻايو،جنهن کي مڃڻ مراد آھي، پر ان بعد اتي ڪهڙي سرگرمي ٿي آھي، ان جو به جواب ضرور ملڻ گهرجي، شايد ڪو اهو به چوڻ جي ڪوشش ڪري ته فلاڻي پارٽي ڪراچي ۾ آفيس قائم ڪئي هئي، ته ان لاءِ به هٿ ٻڌي عرض ڪبو ته اها ان سطح جي آرگنائزيشن نه هئي، جنهن سطح جي قومپرست پارٽي جي ڪراچي ۾ مرڪزي آفيس قائم ٿيڻ گهرجي ها، ان ڪري هتي پاڻ جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ان کي محدود سوچ جي دائري کان نڪري هنياءَ سان هنڊائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان کليل دل يا دماغ سان نه سوچينداسين ۽ پنهنجو احتساب نه ڪنداسين، تيستائين اڳتي نه وڌي سگهنداسين.
پاڻ وٽ قومپرست سياست ٻن قسمن جي ٿي رهي آھي، هڪڙي اها جيڪا علحدگي پسند سوچ رکندي سائين جي ايم سيد جي سياست جي پوئواري ۾ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻي اها جيڪا موجوده ملڪي ڍانچي ۾ رهندي پارلياماني سياست ذريعي سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي وڃي ٿي، مطلب ته سندن محبت جو محور سنڌ آھي، ٻنهي پاسن جي ڌرين جي سياست جو جيڪڏھن جائزو وٺجي ٿو ته هنن ڪجهه موقعن کي ڇڏي ڪراچي ۾ جدوجهد کي سدائين ٻئي نمبر تي رکيو آھي، شايد ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته هنن جي اتي اها تنظيم سازي ناهي رهي، جيڪا ٻين شھرن ۾ آھي ۽ اهو به مڃڻو پوندو ته اها صورتحال اڄ به ساڳئي آھي، اهو ئي نقطو آھي، جنهن تي سوچڻ جو وقت اچي ويو آھي ته جڏھن توهان هتي پنهنجين پارٽين جا مڪمل عهديدار مقرر نه ٿا ڪري سگهو ته اتان جي مالڪي يا جدوجهد ڪيئن ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ ته ڪابه جدوجهد عوام کان کانسواءِ نه ٿيندي آھي، هتي قومپرست پارٽين جي حالت اها آهي ته انهن جي ڪراچي ڊويزن جا عهديدار مڪمل ناهن، ضلعن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ عهديدار هوندا، جڏھن ته اڪثر يونٽ ختم ٿي چڪا آهن، پر دعويٰ وري شهر جي مالڪي جي ڪئي وڃي ٿي.
هڪ سنڌ دوست هجڻ جي ناتي منهنجون همدرديون سمورن سنڌي سڄڻن سان آھن، پوءِ ڀلي سندن تعلق ڪهڙي به قومپرست پارٽيء سان هجي، ڇا پاڻ ڪڏھن اهو سوچيو آھي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڪيتري طاقت آھي ۽ اها ڪئين استعمال ڪجي، دعويٰ سان ڳالهه ڪبي ته چاليهه پنجاهه سالن کان سياست ڪندڙ قومپرست ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي 20 سيڪڙو تائين به نه پهچي سگهيا آھن، پوءِ وري شڪايت ڪئي وڃي ٿي ته مقامي سنڌي ساٿ نٿا ڏين، توهان نوٽ ڪيو ته جڏھن به ڪو قومپرست اڳواڻ ڪراچي ايندو آھي ته سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، بچل ڳوٺ ۽ ملير جي ڪجهه ٻين پراڻن ڳوٺن تائين محدود نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ٻئي هنڌ هنن تنظيم سازي ئي ناهي ڪئي ته اتي ڪيئن وڃن، اڄ اسان کي اها تلخ حقيقيت به مڃڻي پوندي ته قومپرستن ڪراچيءَ ۾ سدائين مهمان ٿي اچڻ کي اوليت ڏني آھي، هنن ميزبان ٿيڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آھي، اڳ ته سالن کان پوءِ ڪراچي ايندا هئا، جڏھن ته پوئين ٻن ڏهاڪن ۾ سندن رفتار ڪافي بهتر ٿي ، جنهن سان اهو تاثر ختم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ته اهي پنهنجي راڄڌاني جي مالڪي نٿا ڪن، پر پنجن سالن جو رڪارڊ کڻي ڏسبو ته صورتحال وري ماضي جهڙي ٿيندي پئي وڃي، هڪ اڳواڻ ته ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ لائيو ٽيليفون ڪال دوران ڪيل سوال تي ڪاوڙجي پيو هو ۽ چيو هيائين ته جڏھن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي سندن جدوجهد لاءِ ٻاهر نٿا نڪرن ته هو ڪراچيءَ ۾ وڏا خرچ ڪري جلسا ڇو ڪن.
ايم ڪيو ايم وارن لاءِ چوندا آھن ته انهن وٽ ڪراچيءَ جي هر تڪ جو تفصيل آهي ته اتي سنڌي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي گهڻا رهن ٿا. ڇا اسان جي ڪنهن به قومپرست پارٽيءَ ڪڏھن ڪوشش ڪئي آھي ته سرڪاري انگن اکرن کان هٽي اهڙي ڄاڻ گڏ ڪجي ته ڪراچيءَ ۾ خالص سنڌي ڳوٺ ڪيترا آھن ۽ سڄي شهر ۾ سنڌين جو انگ گهڻا لک آھي، خالص سنڌي ڳوٺ جو لفظ ان ڪري استعال ڪيو جو ڪراچي ۾ قبضا مافيا ڳوٺن جي نالي زمينن تي قبضا ڪري جيڪي آباديون قائم ڪيون آھن، اتي ڌاريا رهن ٿا، هو ڳوٺ ذريعي اهي اهو تاثر ڏين ٿا ته ڄڻ سنڌين جا هجن ۽ ان بنياد تي هو گهڻا فائدا به وٺي چڪا آھن، اهو ئي سبب آھي ته اصل ڳوٺ سهولتن کان محروم آھن ۽ جعلي ڳوٺن ۾ رهندڙ ڌاريا سنڌي جي نالي تي سهولتون حاصل ڪري رهيا آھن.
هتي قومپرست ڌرين کان اهو به سوال ڪبو ته توهان سڄي سنڌ خاص طور تي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ مستقل بنيادن تي گهڻا ڀيرا پنهنجن ماڻھن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ جي عملي جدوجهد ڪئي آهي يا ڪيترن سنڌين جا ووٽ ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن بابت جواب ايندو نالي ماتر، ڇاڪاڻ ته سڄي شهر جي ٻن يا ٽن علائقن ۾ ورهين بعد جيڪڏھن ڪا پارٽي انفرادي حيثيت سان ڪا ڪوشش وٺي ٿي ته اهو ڪو وڏو ڪارنامو ناهي، اصل ڪم اجتماعي طور تي لاڀ حاصل ڪرڻ جو آھي، جنهن ۾ اسان پوئتي آھيون، پوءِ وري اها شڪايت ٿئي ٿي ته ووٽ نٿا ملن، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ چڱن ڀلن قومپرست اڳواڻن،ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڳوٺن جا آھن ۽ سندن ووٽ به اتي ئي داخل آھن، پر مستقل طور رهن ڪراچي ۾ ٿا، انهي ڪري چئون ٿا ته اسان وٽ ڳالهيون گهڻيون ۽ عمل گهٽ آھي.
پاڻ جيڪي ڳالهيون ڪيون پيا، اهي ڪي نيون ناهن، ورهين کان ڪجهه ترميمن سان ڦيرائي گيرائي ڪندا پيا اچون، هاڻي ته صفا ٿڪجي پيا آھيون، بلڪل ائين جيئن هر ڏھن سالن بعد قومپرست سياست ٿڪجي جمود جو شڪار ٿي ويندي آھي، ڇا ڪڏھن ڪنهن سوچيو آھي ته ائين ڇو ٿو ٿئي، ان جا سبب ڪهڙا آھن، ڪٿي پاڻ احتسابي جي ضرورت ته ناهي ۽ ڇا جدوجهد جا طريقا مٽائي جديد بنيادن تي اڳتي وڌڻ جي رٿابندي ڪرڻ لاءِ گڏجي ويهڻ جو وقت نه اچي ويو آهي، آخرڪار ڪيستائين زنده باد ۽ مرده باد واري سياست ڪئي ويندي، دنيا بدلجي پئي، پراڻا دشمن دوست ٿين پيا، چين ۽ ڀارت آمهون سامهون آھن، آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ وارو آھي، طالبان آمريڪا سان ويهي ڳالهائين پيا، افغان سرحد تان حملا ٿي رهيا آھن، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون عالمي رٿائون سوشل ميڊيا تي عام جام پسجن پيون ۽ پاڻ وٽ وري اڃا تائين پيپلپز پارٽيءَ کي گاريون ڏئي سياست ڪئي پئي وڃي، پر ڪا به اهڙي سنڌ دوست پارٽي نظر نه پئي اچي جيڪا پاڻ کي پيپلز پارٽيءَ جو متبادل بڻائڻ جي عملي ڪوشش ڪندي هجي، رڳو مخالفت براءِ مخالفت جي ٻيو ڪو ڪم ئي ناهي ڪرڻو.
اهڙي مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ قومپرست پارٽين کي پنهنجي اصلاح ڪندي اڳتي قدم وڌائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ڏاڍو ڏکيو هوندو، هر دشمن سنڌين جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، جنهن کي ٻڌيءَ جي طاقت وسيلي اڳ به ناڪام بڻايو ويو آهي ۽ مستقبل ۾ به اهڙي ئي حڪمت عمليءَ تي هلڻو پوندو، جنهن ۾ قومپرستن سان گڏ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو، ان سلسلي ۾ تازو ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل “ڪراچي ڊولپمينٽ فورم” به سٺي ڪوشش آھي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو فورم سنڌين جي سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي، تعليم ، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ جوڙيو ويو آھي، جنهن جو ظاهر ڪيل سمورو پروگرام زبردست لڳو، خاص طور تي اهو موقف ساراهه جوڳو آھي ته فورم ڪنھن به قوم يا ڪميونٽي جي خلاف نه هوندو پر سنڌ خلاف سازش ڪندڙ ڪنھن به گروپ يا ڪنهن به ڌر کي سوشل ميڊيا وسيلي ڀرپور جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
ڪجهه وقت کان جنهن نموني سان سنڌين بابت ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ جنهن انداز ۾ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ سميت ٻيون زيادتيون ڪيون پيون وڃن، ان کان پوءِ اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ڪو اهڙو فورم هجي جيڪو شهر ۾ سنڌين جي مالڪي ڪري، جئين مٿي عرض ڪيو ته قومپرست پارٽيون هاڻي ان نموني سان فعال نه رهيون آھن، جيئن اڳ هونديون هيون.
سڀني کي ياد هوندو ته ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي کي بي ڏوهي قتل ڪرڻ جي ٽن ڏينهن تائين ڪنهن به ان خلاف آواز نه اٿاريو، جڏھن ته قومپرستن تي اها وڌيڪ ذميواري هئي ته اهي تڪڙا اڳتي اچن ها، پر سوشل ميڊيا تي معاملو وائرل ٿيڻ بعد سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا اهو معاملو اٿاريو پوءِ قومپرست ظاهر ٿيا ۽ جيڪڏھن ڪو اثرائتو فورم هجي ها ته قاتل رحيم شاهه پهرين ڏينهن ئي لاڪ اپ جي هوا کائي ها، هتي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن مهل تائين قاتل جي جيل ۾ هجڻ جو سبب سنڌي وڪيل آھن، جن هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري پنهنجون حياتيون جوکي ۾ وجهي سندس ڪيس وڙهي رهيا آھن.
ڪراچي ڊولپمينٽ فورم جي دوستن جن معاملن تي جدجهد جو اعلان ڪيو آھي، اهو انتهائي اهم آھي، پر فورم کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جي سموري آبادي ۽ خالص سنڌي ڳوٺن تي ڪم ڪري لسٽ به جوڙڻ گهرجي ته جيئن کين ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي، ان کانسواءِ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جا نالا ووٽر لسٽن ۾ داخل ڪرائڻ سميت سندن سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ به جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
هتي “ڪراچي ڊولپمينٽ فورم” جي دوستن کي 2 صلاحون ڏجن ٿيون ته سڀ کان پهريان فورم جي آفيس ڪنهن اهڙي علائقي ۾ قائم ڪئي وڃي جتي سڀني لاءِ پهچڻ سولو هجي،۽ ٻيو اهو ته فورم تي ڪنهن به ڌر جي ڇاپ کان پاسو ڪيو وڃي، ڀلي ان ۾ شامل ميمبر يا عهديدار جو تعلق ڪهڙي به سياسي ڌر سان هجي، ڇاڪاڻ ته سول سوسائٽي جي نالي سان ڪيل پروگرامن ۾ اسان ان سياسي سڃاڻپ جو نقصان ڀوڳي چڪا آھيون، ان کان سواءِ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته عملي ڪم ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته زباني ڳالهيون گهڻيون ٿي چڪيون پر عمل نه ٿيڻ جي ڪري مايوسي پکڙي آهي. اميد ڪجي ٿي ته ڪراچي واري مورچي تان عملي ۽ اثرائتي جدوجهد ڪئي ويندي.