سيڪيورٽي الرٽ

ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو خطرو، الرٽ جاري

خبرون

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد واقعن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي خطري بابت گهرو کاتي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو

گهرو کاتي خط جي متن ۾ چيو آهي ته ٽن پابندي مڙهيل تنظيمن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو آهي

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  بي آر اي، براس ۽ ايس آر اي دهشتگردن ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار ورهائي ڇڏيا آهن

خط موجب برهمداغ بگٽي جو سالو شجاع بگٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي، هو انٽيليجنس ڪمانڊر طور پنهنجي تنظيم کي ٽيڪنيڪلي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو

گهرو کاتي موجب  شجاع بگٽي سکر ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو ارادو رکي ٿو، خيرپور واسي زاهد چانڊيو جو واسطو بي آر اي سان آهي، کيس سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *