وسعت الله خان
اسان کي گهر کان وٺي درسگاهه تائين اها ڳالهه ريٽائي ويندي آهي ته هر ڳالهه جا ٻه پهلو ٿيندا آهن هڪ مثبت ۽ ٻيو منفي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان مثبت پهلوءَ کي اجاگر ڪريون. جيئن جيڪڏهن گلاس پاڻيءَ سان اڌ ڀريل هُجي ۽ اڌ خالي هُجي ته اسان کي اهو نه چوڻ گهرجي ته گلاس اڌ خالي آهي پر اسان کي اهو چوڻ گهرجي ته گلاس اڌ ڀريل آهي، ايئن ڪرڻ سان ڪڏهن به مايوسي اسان جي ڀرسان به نه ايندي.
مثال طور تي اسان کي اهو نه چوڻ گهرجي ته پاڪستان جي ٽيهتر سالن جي تاريخ ۾ ڪو لڳ ڀڳ اڌ عرصو ملڪ تي ملٽريءَ جي حڪومت رهي آهي، پر اسان کي اهو به چوڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گھٽ ملڪ جي قيام کان وٺي ملڪ ۾ اڌ عرصو سويلين جي حڪومت رهي آهي ۽ اڄ به جهڙوڪر جهڙي تهڙي سويلين جي حڪومت ئي آهي.
اهڙي ئي نموني اسان کي اهو نه چوڻ گهرجي ته 16- ڊسمبر 1973ع تي ملڪ ٻه ٽڪڙا ٿي ويو هو پر اسان کي اهو چوڻ گهرجي ته ملڪ جو جيڪو هڪ حصو بچي ويو هو اهو هاڻي مڪمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي جو ملڪ مان چند سئو يا چند هزار ماڻهو غائب آهن، اسان اهو ڇو نه ٿا سوچيون ته ملڪ جا ايڪويهه ڪروڙ نوانوي لک ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ موجود آهي ۽ ظاهر آهن، ايئن سوچڻ سان اسان مايوس نه ٿينداسين. اسان جي نظر هميشه ان تي ڇو پوندي آهي ته ملڪ ۾ اڌ جي لڳ ڀڳ ٻارڙا اسڪولن ۾ نه ٿا وڃن، اهو ڇو نه ٿو ڏٺو وڃي ته ملڪ جا پنجاهه سيڪڙو ٻارڙا اسڪولن ۾ داخل آهن ۽ پڙهي رهيا آهن.
اها ڳالهه به يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ صحت ۽ صاف پاڻيءَ جي سهولتن تائين عوام جي پهچ ايتري نه آهي جيتري هجڻ گهرجي، پر اسان اهو ڇا ٿا وساري ويهون ته ان معاملي ۾ اسان جو ملڪ ڪيترن ئي آفريڪي ملڪن کان اڳتي آهي.
اوهان کي جڏهن اهو لڳي ته پاڪستان ۾ صحافت تي پابنديون آهن ۽ اهڙين پابندين ۾ ساهه کڻڻ به مشڪل آهي ته اوهان کي اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ضرور سوچڻ گهرجي ته چين، ايران، خليجي ملڪ، ترڪي ۽ هندستان جهڙا ملڪ به ته آهن، جتي صحافت ايتري آزاد نه آهي جيتري پاڪستان ۾ آهي ته اسان کي ڪافي سڪون ملي سگهندو ۽ مايوسي ختم ٿيندي. پاڪستان جي اهڙي صورتحال تي اهو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته سواءِ ٻن ٽن چينلن ۽ ڪجهه صحافين جي باقي سڀني ميڊيا جي ادارن، چينلن ۽ اڪثر صحافين کي گلاس اڌ ڀريل نظر اچي رهيو آهي.
وار جي کل لاهيندڙ اسان جي ڪجهه صحافي دوستن ميڊيا تي پابندين جي حوالي سان اهو مثال پيش ڪيو آهي ته حساس ادارن ۽ عدليه تي تنقيد جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ مريم نواز ۽ آصف زرداريءَ جي انٽرويوز کي ته هلڻ کان روڪي سگهجي ٿو، اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي پر پاڪستان ۾ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار جي چوٽيءَ جي شخصيت ملڪ رياض جو نالو به نه ٿو کڻي سگهجي جڏهن ته ان وٽ ملڪ جو نه ته ڪو حساس يا غير حساس عهدو آهي ۽ نه ئي وري ڪو سرڪاري عهدو آهي.
ڪنهن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ هڪ اينڪر عاصمه شيرازيءَ جي پروگرام ۾ آيل هڪ مهمان جيڪو گورنر پڻ رهي چڪو آهي ان جڏهن ملڪ رياض جو نالو کنيو ته ڪجهه فني مسئلن ڪري ان جي نالي جي ميم ئي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان جي نالي جو پويون حصو غائب ٿي پئي ويو، اهو عمل هڪ دفعو نه پر ڪيترائي ڀيرا ٿيو.
اهڙا بي تڪا ۽ اڻ گهڙيل اعتراض اهي ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جن کي اثاثن ۽ اسٽريٽجڪ اثاثن ۾ بنيادي فرق معلوم نه هُجي، جنهن شخص کي عدليه، احتسابي حڪومت، نيب، چوٽيءَ جي قومي سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ نوا نوي سيڪڙو ميڊيا جي ادارن جي مالڪن پاران ” ڪلين چٽ“ مليل هُجي، گهٽ ۾ گهٽ ان جي پچر ته ڇڏيو.
اوهان جو ڇا خيال آهي؟، جيڪڏهن ملڪ رياض جي اثاثن جي مني ٽريل ثابت نه ٿئي ها، جيڪڏهن هو ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائي رهيو هجي ها، جيڪڏهن ان کي پرڏيهي قوتن جو آشير واد هُجي ها ۽ اهو هو قانون جي دائري کان ٻاهر رهندي ڪاروبار ڪندو هُجي ها ته ڇا عمران خان خاموش هُجي؟، ڪجهه عقل ڪريو، سائين، ديواني کي پٿر نه هڻو.