رياض ابڙو

ڪجلي: ڪهاڻين جي مجموعي جي اپٽار

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

جهانگيرعباسيءَ جو پنهنجو ادبي قد ڪاٺ تمام وڏو آ، ان ڪري ته جهانگيرعباسي هڪ بهترين ترجمي نگار سان گڏ نثرنويسيءَ ۾ هڪ Exceptional حيثيت به ٿو رکي، سندس جي دسترس ان ڳالھ تي پختي آهي ته نثر ڪيئن سرجي ۽ سرججي ته بهتر سرججي، ان ڪري ڪهاڻين جي ڪوالٽي ۾ جهانگيرعباسي جو نالو به ڳڻي سگهجي ٿو، ان ڪري جديد ڪهاڻي ۾ جيڪي پاڻ ڳڻائن ۽ مڃائن ٿا انهن ۾ جهانگيرعباسي به نمايان آهي، جهانگيرعباسيءَ جي ڪهاڻين جي ٻولي ڏاڍي سليس ۽ سلوڻي آ، جهانگيرعباسيءَ ڪهاڻين اندر لفاظي ۽ فقريبازي ڪڏهن به دقيق ۽ منجهائيندڙ نه ٿو رکي، پر ايڏيDiction Colloquial ٿو اُڻي جو پڙهندڙن کي لڳي ته جهانگيرعباسيءَ جا ڪردار اسان جي Surrounding ۾ ئي ڪٿي روڊن تي، رستن جي اوس پاس، گهٽين ۽ ڪچين ڀتين جي اوٽ ۾، ڪنهن وڻ هيٺان ڪنهن مست الست شخص جي روپ ۾ وسن ۽ رسن ٿا، يا ڪٿي شهرن جي ڳتيل آبادين ۾، اسڪولن، درسگاهن ۽ آفيسن ۾ يا ڪٿي سمنڊ ڪناري ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي ته ڪٿي شهري گوڙ ۾ به پنهنجي ڌرتي جا ڳالھ ڪندي ڪي اڏول ۽ جوڌا ڪردار به Testify ڪري ٿو جيڪي اسان جي اکين جي سامهون موجود هجن ٿا، جن سان اسان جو روز جو ڳانڍاپو ۽ ميلاپ هجي ٿو ۽ انهن ڪردارن سان اسان جي شناسائي هجي ٿي، ان ڪري Realism جي سچي ۽ لازواليت واري پيشڪيش ۾ جهانگيرعباسي هڪ منفرد جاءِ لهڻي.

Social Construct ڪهاڻين ۾ هڪ الڳ ٿلڳ اسپيس گهرن ٿا جنهن ۾ رائيٽر اهو لَکائي ۽ پنهنجي Write up مان اها ڏِکَ ڏئي ته هو زماني جي هر ڳالھ کي سمجهي ٿو ۽ هر ڪردار ۾ وسي رَسي ٿو ۽ هر ڪردار جي ٻولي، ڊڪشن، ڊائيلاگ، Abusing Language کان وٺي افسرشاهيءَ واري ٽَڏَ، مڳي ۽ ٺَٺَ ٺانگرن کي به پاڻ پنهنجي قلم سان لکي ثابت ٿو ڪري ته جنهن ۾ پڙهندڙ اهو سمجهي سگهي ته هو ڪو ناٽڪ يا ڪو Episode ٿو ڏسي ۽ ايتري بهترين لارَ ٿي اهي ڪردار هلن، ڊوڙن ۽ نڀائن ٿا جو سامهون ڄڻ ڪو اسڪرين هجي ۽ اهي ڪردار پاڻ نڀائيندا، هلندا ٿا هلن ۽ گڏوگڏ پاڻ مڃائيندا به وڃن ٿا، ان ڪري انهن ڪردارن جي Social Phenomenon تحت رائيٽر جي پنهنجي ڪاريگري ۽ سمجھ آ ته هو اهي وارتائون ۽ Reasons ڪيئن ممڪن ٿو ڪري ۽ پنهنجي ڪرافٽنگ سان اهي سڀ ميڙي، چونڊي ۽ گڏ ڪري ڪي سبق آموز قصا ڪهاڻيون کڻي ٿو لهي ۽ سهڻي نموني فٽنگ ۽ فڪسنگ ٿو ڪري، جهانگيرعباسيءَ جي اها به ڪرافٽنگ ۽ سيبتائپ آ ۽ سندس جي پروفيشنيلٽي آ جو هو پنهنجي اردگرد جي Observation ۽ Reality جي پرک ۾ پنهنجون اهي سڀ پڙهيل ۽ پرکيل ٿيوريون آزمائي ۽ فٽ ڪري ٿو هلي جو انهن منجھ ڪردارنگاريءَ جي اهڙي اڻت ۽ Networking ٿو ڪري جو اهي ڪردار املھ ٿي ٿا پون، ڪهاڻين جا ڪردار توڻي جو هن ڊجيٽل دنيا ۾ ڦرن، گهرن ٿا، ۽ اهي ڪردار ڪهاڻين جي Streaming ۾ جهانگيرعباسي بهترين طريقي سان اُڻي ٿو ان ڪري رائيٽر جي اهڙي آبزرويشن جس لهڻي، ۽ رائيٽر انهن کي جيئن ڏسي ٿو تيئن Present به ڪري ٿو، رائيٽر جي اها ڪرافٽنف به لاجواب آ جو هن وٽ راويتي رومانسزم يا ”ٽين ايجر“ واري اٻهرائپ ڪهاڻي اندر نه ٿي لهي پر پوشيده گيري ۽ ڏانءَ تحت رائيٽر Filthy Language وارا ڪردار به نڀائي اهڙي روانيءَ سان اها ”فلدي“ ۽ بازاري ڊڪشن به فڪس ڪري ٿو کڻي جو پڙهندڙ محظوظ ٿي ٿو وڃي، يا پنهنجي ليکي ڏند به ٽيڙي ٿو ۽ رائيٽر جي Scale کي به پرکي ٿو ته رائيٽر ڪيئن نه Realism جي پريزنٽيشن ڪندي ڪهاڻيءَ اندر سچ ٿو ڏيکاري ته جيئن پڙهندڙ ان ڪهاڻيءَ جي اسٽريمنگ مان لطف اندوز ٿئي.

هتي GIGO ٽرم جي هتي شرح ڪرڻ ۾ اطميان ٿو لڳي، ان ڪري جهانگيرعباسي ان روايتي رائيٽر وانگي ناهي جنهن وٽ “گاربيج اِن اينڊ گاربيج آئوٽ“ ناهي مطلب جڏهن رائيٽر بيڪار قسم جي آبزرويش ڪندو يا گهٽ وڌ پڙهندو ته لکندو به ڪچرو، ساڳي ڳالھ پڙهڻ جي به آهي ته ليکاري جڏهن ڪجھ پڙهي ئي نه پوءِ لکندو ڇا؟ اهو سوال ان ڳالھ تي ان ڪري به زور ٿو ڀري ته ”ڀلو پڙهجي ۽ ڀلو لکجي“ جنهن رائيٽر پنهنجي تخليقن کي انٽرنيشنل ادب سان سرشار ڪري سگهي ٿو، ان ڪري جهانگيرعباسي جي لاءِ اها ڳالھ ٺهڪي ٿي ته هو هڪ بهترين ”ملٽي پرپز“ رائيٽر آهي جنهن وٽ مشاهدن جا انبار آهن ۽ هو پاڻ کي ڪهاڻي جي ڪرافٽنگ ۾ بزي ٿو رکي، ان ڪري سائين وٽ ڪهاڻيءَ جي رواني انتها درجي جي ڪامل آهي، ڪهاڻيڪار کي ان ڳالھ جو داد ڏيڻ گهرجي ته هو سوسائيٽل ريئلٽي جا پنهنجي مشاهداتي سائنس تحت جيڪي به دستاويز بخشي ٿو ۽ انهن ۾ جيڪي به ڪرافٽنگ ڪري ٿو جنهن ۾ ڀرپور ڊائلاگس اڻي ٿو جنهن مان ڪڏهن اها ڳالھ پڪي پختي لڳندي آهي ته ڪهاڻيڪار احساساتي، علاماتي، ترڪيباتي اندازن ۾ پنهنجن ڪردارن کان ڪم ٿو وٺي، يا اهو به چئون ته ڪهاڻيڪار هڪ Phenomenologist به آهي جو هو ان ڳالھ کي به خوبي پرکي ٿو ته شيون ان جي سامهون جيڪي وهن واپارائن ٿيون انهن جي Reality ڇاهي ۽ ان ۾ رائيٽر جي پنهنجي Input ڇاهي يا ڪهڙي طرح اهي نڀائي سگهجن ٿيون، ڇو ته اهڙيءَ ريت ڪهاڻيون هڪ وهڪري، هڪ مخصوص طبقي يا سطح تي اچي اهڙيون زبردست فنامنائون گهڙن ٿيون جو ڪهاڻيڪار پاڻ کي لاجواب ڪري ٿو ڇڏي، ڇو جو ادب جو سرجڻ پڙهندڙن جي مزاج سان سلهاڙيل ۽ ڊائريڪٽ ڳنڍيل هجي ٿو جنهن جي پڙهڻ سان اهي ڀرپور موٽ ڏين ٿا ان ڪري نقادن سان گڏ پڙهندڙ جي به ٽيسٽ ٿئي جيڪا ان موٽ ۽ داد ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي.

ڪهاڻي ”ڪلارڪ جي زندگي“ ۾ رائيٽر مهانگائيءَ جو ذڪر ۽ هڪ عام ڪلارڪ جو آواز ائين ٿو اٿاري يا مقالا ائين ٿو سرجي ڄڻ ڪهاڻيڪار پاڻ ڪڏهن ڪلارڪ رهيو هجي جو ان ڪهاڻي جي فليش بيڪ ۾ ڪردار جي آڏو گهريلو پريشانيون اسيمبلي ڪري بيهي ٿيون رهن يا رائيٽر جي فنيمنالاجسٽ واري خوبي اها به آهي ته هو ”ڪجلي“ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي وارتا پيش ٿو ڪري ۽ ٻولي اهڙي ٿو سرجي جو ڪهاڻي پڙهڻ تي دل وري وري ٿي چئي ۽ ان ڪهاڻي ۾ ڪيئن بي درد وڏيرو ڪجلي تي پنهنجي وهشت جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ”ڇيڙ“ ٿو ڪرائي، ۽ لفظ ڇيڙ اتي ڀرپور Typicality کڻي ٿو لهي جو رائيٽر جي Diction جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته رائيٽر واقعي ئي گھڻ رخو ۽ ملٽي پرپز رائيٽر آهي، وري ”ريشم“ ڪهاڻي ۾ ايڏي بهترين منظرنگاري به ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪردار (زال مڙس) شاديءَ جي پِٽڪي ۽ اُلڪي ۾ پئجي ٿا وڃن، يا ڪهاڻيءَ اندر مڙس جو ڪردار هڪ رائيٽر جو هجي ٿو، هن ڪهاڻيءَ جي ٻولي ڏاڍي شاندار آ، هن ڪهاڻيءَ مان مثال طور هڪ ڊائيلاگ ٿا رکون ”ادا اياز مان لٽجي ويس، رات مون سان ناحق ٿي ويو، شاهينگن منهنجي معصوم کي کڻي سندس جي هيءَ حالت ڪئي..“ پر ڪهاڻيءَ جي مهڙ ۾ جڏهن ڪهاڻي اٿي ٿي تڏهن سمجھ ۾ ٿو اچي ته اجهو زال مڙس جو جهيڙو ٿيو يا ڳالھ وڃي طلاق تي پڄندي پر ڪهاڻي هڪ ڪردار ريشم تي Twist ٿي وٺي ۽ اها happening ڪهاڻي جي ڪردارن کي ٻيهر دخل ٿي ڪرائي جنهن سان ڪهاڻي ۾ درد ڀرجي ٿو اچي ۽ ڪهاڻيڪار جي اها ڪرافٽنگ ان صورت وڏي ڪمال جي ٿي لڳي، ان ڪري ريشم ۽ ان جي ماءَ انتهائي ڪسمپرسي جي حال ۾ ڏيکاريون ويون آهن اها رائيٽر جي پختگي آ ته هو ڪهاڻيءَ اندر ڦيرو کارائي پڙهندڙ کي مجبور ٿو ڪري ته هو ڪهاڻي اندر ان سيريز ۾ آندل سڀ وارتائون پڙهي، فليش بيڪ کان محظوظ ٿئي ۽ سڀ ٽوسٽ ذهن ۾ رکي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪري يا ڪهاڻيءَ اندر پوليس جي ڪردار کي به رائيٽر روايتي انداز ۾ وائکو ڪيو آ، ”درياءَ جي هن پار“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ روايتي قصي گوئي ٿيل آهي، جنهن ۾ تشبيهون ته زبردست آهن ۽ منظرنگاريون به لاجواب پر Space واري ڳالھ مان ائين ٿو لڳي ڄڻ 40 سال پراڻو ڪو قصو هجي جنهن ۾ گهوڙي سواري، گهوڙي جي ٽاٻڙاڪ ۽ ڪجھ روايتي قصا ۽ ڳوٺاڻا منظر، بهرحال ڪهاڻي اوورآل ڀلي آ.

آخري خواب جي ساڀيان ۾ رائيٽر جي جارحانا ۽ مزاحمتي ڪوشش کي سلام جنهن ۾ ڪردار اجرڪ تي ٺٺول برداشت ناهن ڪندا ۽ موٽ ۾ مزاحمت ڪندا آهن، هن ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ سمنڊ جون سرد لهرون ۽ ٺريل موسم واريون منظرڪشون ڏايون لڀائيندڙ آهن، ڪهاڻي اندر جذباتي منظرن کي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي جنهن ۾ رائيٽر جي ڪاريگيري نمايان نظر ٿي اچي ته رائيٽر پنهنجن لکڻين ۾ ڀرپور آ ۽ نڀائي ٿو، رائيٽر جي ان ڏانءَ ۽ ڪاريگريءَ کي به ساراهجي جنهن ۾ هو هڪ پوشيده گيريءَ واري ڊڪشن ۽ لڪل طرح ٻوليءَ سان اهي سڀ لوازمات به چٽي ٿو جنهن جي ڪري ڪهاڻي ڀرپور اڀري ٿي بيهي، پيار ڪهاڻي اندر ڪهاڻي جو مضمون يا ڪهاڻيءَ جا مقالا ۽ ڪردارنگاري انتهائي درجي جا ساراھ جوڳا آهن جن مزاحمتي ڪردارن ۾ ”چيزل، نوران ۽ آدم“ هجن ٿا جيڪي هڪ ٺيٺ ٻولي به ڳالهائن جن مان ائين ٿو لڳي ڄن رائيٽر ڪي ريئل ڪردار ڪهاڻي اندر لائڻ مهل انهن جي وارتا کي پسيو هجي ڪهاڻي جيون زهر ڍڪ ۾ اڪثر ابهام ۽ منجهيل شيون فٽ ۽ فڪس ٿيل آهن، اها ڳالھ مڃون ٿا ته نثرنويسي نسبتن ڏکيو ڪم آ، پر ڪهاڻيون ان کان به وڌيڪ ڏکيريون آهن، جهانگيرعباسي وٽ ڊڪشن جي بي تحاشا دولت آهي پر سوال اهو آهي ته رائيٽر وٽ Realism جي مفهوم جي ڪهڙي معني ٿي بيهي، يا ان فنامان تحت رائيٽر ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي مفهوم Subjectivity يا ڪردارن جي حيثيت کي ڪيئن ٿو Gauge ڪري يا هو ڪردارن کي پنهنجي آبزرويشن سان ڪيئن ٿو ڏسي ته جيئن ڪهاڻيون Modernism جي ڀرپور عڪاسي ڪري سگهن، بهرحال جهانگيرعباسي صاحب مان اهي سڀ اميدون آهن ڇو ته هو هڪ ميچوئر ۽ جدت پسند رائيٽر آهي ۽ اهڙيون املھ ۽ اڻ ڳڻيون تخليقون، تحريون ۽ لازوال ترجما ڏيندو رهندو جنهن سان ادب جي خدمت ٿيندي رهندي ۽ پڙهندڙ لاڀ وٺندا رهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *