زوريان مۡرڪ رۡڪيل
پوء به ظاهر ٿي پيو,
ھيٺيون ڏند ڀڳل …..
ڊاڪٽرتنوير عباسي جو مٿيون ٽيڙو, جيڪو هن درويش منش شايد پنهنجي لاء لکيو هيو, سو ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڪالھ ھيٺين پوسٽ پڙھي يڪدم ذھن تي تري آيو. ڪيئي ورنهن ڊاڪٽر صاحب ڪتابن ,ادب,ميوزيم ڪيورٽيٽر ۽ تاريخ جون جھلڪيون ۽ سارڻيون سنڌ جي ماڻھن سان ونڊي, جيڪا نيڪ نامي ڪمائي هئي, سا هڪڙي ڌڪ سان ٻاهر نڪري آئي .
ڊاڪٽر پٺاڻ اندر ويٺل ملان ,ڪابل ۽ قنڌار جي انهن طالباني ذھنن, جن باميان ۾ گوتم جي مجسمي کي ڊاهي خود ميسارڻ جي شروعات ڪئي هئي ,ساڳيا گڻ ڊاڪٽر صاحب اندران ڪر کڻي نڪري پيا آھن. مون ڪالھ به ڪنهن دوست, شايد استاد خالد يا ننگر چني جي پوسٽ تي لکيو هيو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي ننڍڙي پوسٽ ۽ چند سٽون ماڻھن جي سڄي ڄمار جو پورهيو لوڙھي ڇڏينديون آھن, بدقسمي سان ڊاڪٽر صاحب به زندگيء جي هن ٻاھترائي ۾ پاڻ سان ائين ئي ڪيو آھي.
ڪالھ جڏھن مون ڊاڪٽر صاحب جي هيٺين پوسٽ پڙھي ۽ ان جو اسڪرين شاٽ به ورتو ته, مونکي ان وقت ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي هئي, ته ڊاڪٽر صاحب جي پيٽان ڏاڙھي تيزي سان ڦٽي رهي آھي. اڄ منهنجي انهيء تشويش جي وڌيڪ تصديق ان وقت ٿي, جڏھن ڊاڪٽر صاحب جي وال تي سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو مٽائڻ لاء وضاحتون پڙھڻ لاء مليون. ڊاڪٽر پٺاڻ ھيٺين مختصر پوسٽ ۾ جيڪي ٻه نقطا کنيان آھن انهن جي چونڊ ئي ٻڌائي ٿي ته, هو ڇا ٿو چوڻ چاهي.
"ماضي” جا سمورا "بت” نه ٽوڙبا ته رجعت پرستي مان نه نڪري سگهبو. ماضي معني سنڌ جو اهو ماضي جنهن جو تعلق سنڌ جي تهذيبي ورثي يعني انڊس ويلي سويلائيزيشن سان آھي ۽ جنهن ۾ بدقسمتيء سان سائين جي ڪنهن به ڪابلي ۽ قنڌاري ڪلچر ۽ مذھب جي ڪا به هڪڙي جھلڪ به موجود نه آھي. ٻيو نقطو سائينجن موجب "بتن” کان ڇوٽڪارو, يعني ان تھذيب سان جڙيل سمور آرٽ پيس ڍڳا, مورتيون, سڪن تي اڪريل نقش, ديوين ۽ پروهتن جا عڪس وغيره ,انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ.
سائيجن جا لوگو بابت وڌيڪ دليل پڙھي هاڻي سڀني تي واضع ٿيڻ گهرجي ته ڊاڪٽر پٺاڻ ۾ محمود غزنوي جو روح ۽ جن جاڳي پيو آھي ۽ کيس سنڌو ماٿري جون اهي سڀ نشانيون, جن لاء سڄي سڌريل دنيا ۽ انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙ Anthropologist چريا لڳا پيا آھن, سي کيس سوم ناٿ مندر ۾ پيل بتن جيان لڳن ٿيون ۽ هو انهن سڀني نشانين کي ڪفر جي باقيات سمجھي نابود ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ اهو صرف ان لاء ته, سائين کي پنهنجي نوڪري ۽ حياتي جي پڇڙي ۾ نعت, مولود, مناجاتون ۽ قصيدا ڇاپرائڻا آھن, جڏھن ته ڪافر سنڌين جي عظمت, تهذيب ۽ تمدن جو اھڃاڻ رهندڙ "پليت ڊگھو”, کيس دينيات جون چوپڙيون چاپرائڻ کان روڪي رهيو آھي.!!!
مونکي خبر نه آھي ته سنڌي جو پھاڪو "اڇي ڏاڙھي, اٽو خراب” اهڙي ئي موقعي ۽ مھل لاء چيل آھي يا ٻئي ڪنهن صورتحال لاء , پر ڊاڪٽر صاحب کي جهڙي ريت ميمبر BoG واري عارضي ۽ بي بقا نوڪري عيوض, نروار ٿي, لوگو هٽائڻ وارن ڪمزور۽ دقيانوسي دليلن ۽ بي وقتائي ڪم تي لڳايو آھي , سو سندس عمر, رياضت ۽ ڪمايل ناموس لاء اهڙو ئي ڪم ڪندو جھڙو برسات, گل حيات انسٽيٽيوٽ ۽ اڌ سنڌ سان ڪيو آھي .
هينئر تائين سنڌ جي تمام گهڻن اديبن, ليکارين, صحافين, تهذيبن ۽ تاريخ جي اهميت سمجهندڙ انيڪ ماڻھن لوگو مٽائڻ واري عمل کي ٻاراڻو ۽ غير ضروري ڪوٺيندي ,پنهنجا دليل ۽ احتجاج رڪارڊ تي رکيو آھي. بورڊ جي چيرمين سميت ٻيا سڀ ميمبر ڇپ هڻي ويهي رهيا آھن, جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي دينيات ۽ پاڪستان اسٽڊي جو جھنڊو کڻي نڪري پيو آھي.
آسين ڊاڪٽر صاحب کي انتهائي ادب سان عرض ڪندي چوڻ چاهيون ٿا ته, سائين بورڊ آف گورنرز جي عارضي نوڪري ۽ ڪنهن جي خوشنودي لاء توهان ان حد تائين نه وڃون. جيڪڏھن توهان کي ڇيرمين صاحب جي خوشنودي حاصل ڪرڻي آھي ته پنهنجي انسٽيٽيوٽ جي مونو گرام ۾ مخدوم نوح صاحب جي مزار جو عڪس يا سائين طالب المولي’ جي تصوير هڻو, اسانجون اکيون ٿڌيون. توهان ڀلي سڄي حياتي بورڊ ميمبر رهو,توهان لٺ تي هلندي ,ڏڪندڙ ھٿن ۽ ڳاٽي سان ان اداري ۾ لامارا ڏيندا رهو. پرمهرباني ڪري سنڌ جي انهن اھڃاڻن سان غير ضروري هٿ چراند نه ڪيو, جيڪي ادارا ۽ اهڃاڻ سنڌ جي تمام وڏن ماڻھن جي عشق ۽ پورهئي جو نتيجو آھن. جن ماڻھن, پيغام لطيف, سنڌ جا سورما لکيا ۽ ان ادبي اداري کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي نشانين سان ڳنڍيو,تن Nation Building ۾ پنهنجي حصي جو ڪم پئي ڪيو.
يقين ڪيو ته Islamization جي نالي ۾ هن ڌرتي جي تاريخ کي ميسارڻ جي ڪوشش قاسم جو پٽ, ضياالحق ۽ هي رياست وڏي عرصي کان ڪندي پئي اچي, ڀل توهان به ان ۾ پنهنجو حصو وجهي ڏسو. سائين توهانجي ڪوشش آھي ته سنڌ جي تاريخ کي فاسٽ فارورڊ ڪري 1947 کان شروع ڪجي, ته جئين پاڪستان اسٽڊي جي ڪورس کي سچو ثابت ڪري سگهجي.پر ياد رکو ته ان تاريخ کان شروع ٿيندڙ سنڌ جي تاريخ ٻڙي آھي.
مونکي مڪمل يقين آھي ته سنڌ جي تاريخ کي ٻۡڙي ڪرڻ جي ڪوششن سان توهان پاڻ به تاريخ ۾ ٻۡڙي يعني Big Zero ٿي ويندئو.اهيو ڪيڏو الميو هوندو ,جو سڄي ڄمار تاريخ جا ڪتاب سهيڙيندڙ ۽ ان جون جهلڪيون ٻين سان ونڊيندڙ پاڻ تاريخ ۾ ٻڙي ٿي وڃي!!!!