نجم سيٺي
عمران خان ۽ سندس فاشسٽ هائبرڊ دور آخرڪار پڄاڻيءَ تي پهتو. اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه، جيڪي سندس سهارو بڻيل هئا، آخرڪار، هن کي سندس ئي پيدا ڪيل ڌٻڻ مان ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه مخالف ڌر خاص ڪري مسلم ليگ (ن) جبر جي سامهون متحد رهي ۽ عمران خان جي سمورين چالن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. پر آخر ۾ اهو عمران خان ئي هو جيڪو پنهنجو بدترين دشمن پاڻ ثابت ٿيو. ۽ اها غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف به ٻين ڪيترين ئي پارٽين وانگر اسٽيبلشمينٽ جي نرسري ۾ وڌي وڏي ٿي. اسٽيبلشمينٽ 2018ع جي چونڊن ۾ ”اليڪٽ ايبل“ کي سندس صفن ۾ شامل ڪرايو. آزاد رڪنن ۽ ننڍين پارٽين کي هن سان ملائي کيس اقتدار ۾ آندو.ان جو مطلب هو ته، پي ٽي آءِ جو جوهري ۽ نظرياتي بنياد ڪمزورهو. اها دٻاءَ جو مقابلو نه پئي ڪري سگهي. اسٽيبلشمينٽ کيس گورننس سيکارڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر جڏهن مايوس ٿي ته، شفقت جو هٿ کڻي ورتو ۽پوءِ اهو هائبرڊ نظام ڏکين حالتن جي سامهون بيهي نه سگهيو.
سٺي ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جي بجاءِ مخالف ڌر کي ناس ڪرڻ تي سموري توانائي زيان ڪرڻ، عمران خان جي وڏي غلطي هئي. جڏهن معيشيت اچي پٽ پئي ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بدعنواني مٿي اڀري آئي ته، پوءِ عمران خان جو گراف ڪرندو۽ نواز شريف جو چڙهندو ويو. 2021ع جي وچ ڌاري اهو موڙ آيو جڏهن عوام ۽ مخالفن جي ڪاوڙ جو رخ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو ان ئي عمران خان کي قوم تي ٿاڦيو هو.
بحراني ڪيفيت تڏهن پيدا ٿي، جڏهن عمران خان اهم معاملن جهڙوڪ اقتصاديات، گورننس ۽ پرڏيهي پاليسين تي پنهنجي محسنن جي ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان روئي هنن کي هڪ قدم پوئتي هٽڻ سان گڏ ٻين رستن تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پر ان سان صرف اعتماد جي شيشي ۾ سَنڌو پيو، ۽ شيون ٿورو خراب ٿيڻ لڳيون.پر فيصلائتو موڙ اهو هو جڏهن عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي داخلي معاملن ۾ مداخلت شروع ڪري ڏني. خاص طور جڏهن هن ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي ترقي ڏيڻ چاهي ته جيئن هو پنهنجي انٽيليجنس ايجنسي کي استعمال ڪندي پنهجو اقتدار مضبوط ڪري وٺي. ان جي بدلي ۾ هن کي معمول جي ابتڙ آرمي چيف بڻائڻ جو واعدو ڪيو. ان ڳالهه عمران خان کي سينيئر جنرلن جي حمايت کان محروم ڪري ڇڏيو. انهن مان هر هڪ جي جائز خواهش هئي ته اهو ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ طاقتورعهدي تي فائز ٿئي. دراصل جنرل باجوه جي اڳواڻي ۾ جنرلن جي هن گروپ ان وقت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن عمران خان ،جنرل فيض حميد جون خدمتون سندن حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.آخر ۾، جنرلن جي ڳالهه ئي مڃي وئي. پر ان وقت تائين، اعتماد جو آئينو ٽُٽي چڪو هو. ٻنهي پاسن کان ڪاوڙ وڌي وئي هئي.
مخالف ڌر وارا پيدا ٿيل ان وڏي وڇوٽي کي ڏسندي پنهنجا اختلاف وساري ڇڏيا۽عمران خان خلاف گڏيل مقصد لاءِ گڏجي ويا. ”اليڪٽ ايبل“ ۽ ”لوٽن“ کي عمران خان صفا نظرانداز ڪيوهو، ڇاڪاڻ ته هو انهن جي حمايت کي مفت ۾ مليل نعمت سمجهي ويٺو هو. اهو گروهه اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو اشارو سمجهي رهيو هو،فوري طور تي اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي سمجهي ويو ۽ مخالف ڌر سان لڳ لاڳاپا وڌائڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ، جيئن چيو وڃي ٿو، باقي تاريخ آهي. اسان کي هلندڙ سال جنوري ۾ ئي عمران خان جي پڄاڻي جا اهڃاڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ اڳڪٿي هئي ته سندس وڪيٽ مارچ ۾ ڪِري پوندي.
بدقسمتيءَ سان عمران خان جو پاڻ تي نرگسي يقين ته هو چڱائيءَ جو مجسمو آهي ۽ مخالف وري بڇڙائيءَ جو مجسمو. اهو سڀ ڪجهه،جمهوري روئي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي ابتڙ آهي. جڏهن هن هر اصول ۽ آئين جي هر ضابطي ۽ قانوني طريقيڪار جي بي ڊپائي سان ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي ته هو سول سوسائٽي جي حمايت به وڃائي ويٺو ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جوسهارو به هن کي ڇڏي ويو. آخري ڪوشش جي طور تي عمران خان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري سنگين غلطي ڪئي. اصل ۾ هو ايوان ساڙي خاڪ ڪرڻ تي سَنڌرو ٻڌي بيٺو هو ،هن جو خيال هو ته جي اقتدار هن وٽ ناهي ته پوءِ ڪوبه حڪومت ٺاهي نه سگهندو.
گذريل ڏهن ڏينهن پاڪستان کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. 10 اپريل واري آ ڌي رات جي پوئين ٻن منٽن ۾ عمران خان جي مخالفت ۾ بي اعتمادي جا ووٽ ڪاسٽ ٿيا.اهو ڏينهن ”يوم دستور“سڏبو آهي،پر ان رات جي آخري ٻن ڪلاڪن وچ ۾ پيش آيل واقعا اسان جي تاريخ جي چوٿين مارشل لا جي صورت وٺندي نظراچي رهيا هئا. عمران خان سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪابينا ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي بغاوت ۾ ساٿ ڏيڻ تي مجبور ڪيو. پر جڏهن هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي عهدي تان هٽائي، سندس جاءِ تي جنرل فيض حميد کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪجهه وزير پوئتي هٽي ويا. آخر ۾ ڊي جي، آءِ ايس آءِ ۽ ٽرپل ون (111) برگيڊ جي ڪمانڊر سان ٿيل ڳالهه ٻولهه سان هو سڌي رستي تي آيو.۽ايئن بي اعتمادي جو ووٽ پيو. پر ان کان اڳ عمران خان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ان جي ڊپٽي کي هلندڙ بس مان ڌڪو ڏئي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.هاڻي ڌمڪيون ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن 11 اپريل تي شهباز شريف وزيراعظم ٿيو ته پي ٽي آءِ جا سمورا ميمبر اجتماعي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا.
شهباز شريف قومي مفاد ۾ عمران خان ڏانهن امن جو هٿ وڌايو آهي. يقين ڏياريو ته انتقامي ڪارروائي نه ڪئي ويندي. پر عمران خان جو چوڻ آهي ته هو نئين حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ هلڻ نه ڏيندو، چاهي هن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بي يقيني جي ملڪ ۽ معيشت کي، ڪيتري به وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي. مطلب ته عمران خان جا مخالف به کيس گند ڪچري ۾ گهلڻ تي مجبور ٿين.نئين حڪومت پنهنجا هدف مقرر ڪري چڪي آهي.
چونڊ قانون ۾ سڌارا آڻڻا آهن ته جئين آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿي سگهن. نيب جي قانونن۾ ترميم ڪري احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻو آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه،عوام کي مهانگائي کان رليف ۽ قرض فراهم ڪندڙ ادارن جي مطالبن ۽ بجيٽ جو توازن قائم،يعني هاڻي ميدان ۾لهڻ جو وقت اچي ويو آهي.پرمسئلو هي آهي ته اپوزيشن کي حڪومت ۾ آڻڻ جي لاءِ جن ڌرين ساٿ ڏنو آهي سي پنهنجو حصو گهرنديون. انهن جي خواهش مختلف رخن کان سرڪار کان طلب جي هوندي. جيڪڏهن شهباز شريف ايندڙ اليڪشن کان اڳ ان معاملي کي سنڀالي نه سگهيو ته عمران خان ڌڪ پچائي وري وار ڪندو ۽ حڪومت لاءِ نت نوان مسئلا پيدا ڪندو رهندو.
تنهن ڪري، جيڪي سمجهن ٿا ته ڊگهي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪو سک جو ساهه کڻي سگهبو، انهن کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ تي نظرثاني ڪن. جمهوريت جي لاءِ مشڪل ۽ تڪليفون ختم ناهن ٿيون.
بشڪريه: فرائيڊي ٽائمز