ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ٿَر، جيڪو سنڌ جي سُونهن به آهي ته درد وَندن جو ديس به آهي. اهو ٿر ئي آهي، جتان جي مارئيءَ سمورن سنڌين کي حب الوطنيءَ جو درس ڏنو.
تاريخ هتي رهندڙن هندن، مسلمانن، ميگهواڙن ،ڪولهين ۽ ڀيلن کي اصل سنڌي ڄاڻائي ٿي. هي ماڻهو هزارين سالن کان هتي ئي آباد آهن. ٿر جي وارياسين ڀٽن جي ڊپ کان هِن پاسي شايد ئي ڪا لڏ پلاڻ ٿي هُجي، جيڪي ٿريا ڏڪار ۾ لڏي ويندا آهن، سي به واپس اچي ويندا آهن. سنڌ توڙي سنڌي ٻوليءَ سان ٿرين جو ازلي عشق آهي. توڙي جو ٿر جا ڪجهه قبيلا پاڻ ۾ ڍاٽڪي يا مارواڙي ڳالهائن ٿا پر مجموعي طور سندن ٻولي سنڌي ئي آهي. هو صدين کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهن ٿا ، شاعري ڪن ٿا ۽ لکپڙهه ڪن ٿا.
ڍاٽڪيءَ لاءِ اسان جي مختلف عالمن لکيو آهي ته، اهو سنڌي ٻوليءَ جو لهجو آهي. ڪي ٿورا محقق ان کي الڳ ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. لکت جي لحاظ کان ان جي ڪا حتمي رسم الخط ناهي، تازو منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر ڦُلوميگهواڙ ڍاٽڪي لوڪ ادب تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي.
جڏهن کان ٿر ۾ ڪارو سون ( ڪوئلو) نڪتو آهي ته؛ ڏاڍي خوبصورت طريقي سان ٿرين جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۾ ڏار وِڌا پيا وڃن، جنهن جو اصل مقصد ٿرين کي اڪيلو ڪرڻ ۽ سندن حقن کان محروم ڪرڻ آهي. ٿر ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪول شروع ڪيا ويا آهن، جيڪو چڱو عمل آهي پر انهن اسڪولن وسيلي هڪ ڪم اهو به شروع ڪيو پيو وڃي ته ؛ پرائمريءَ ۾ ڍاٽڪيءَ جي تعليم ڏني وڃي. اڳئي هلي سنڌي مضمون کي پاسي ڪيو وڃي . مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هُئي ته نالي وارني ليکڪن نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر جي ڪوشش سان دي سٽيزنس فائونڊيشن اسڪولن/ ٿر ۾ سنڌي مضمون / ميڊيم جي شروعات ڪئي آهي. جڏهن ته ٻين هنڌن تي ٽي سي ايف وارا سنڌي نه ٿا پڙهائن . اوچتو ڍاٽڪيءَ جو ٻُڌي حيراني ٿي. ڍاٽڪيءَ جي جيڪا الف ب ٺاهي وئي آهي، اها به سنڌي الف ب واري ناهي.
ڍاٽڪيءَ سان منهنجي محبت آهي، اهو ئي سبب آهي ته مون اردو يونيورسٽيءَ ۾ ان تي پي ايڇ. ڊي ڪرائي. ظاهري طور ته ڍاٽڪيءَ سان محبت ڏيکاري پئي وڃي پراندرين ڪهاڻي ٻي آهي. ان جا نتيجا سڄيءَ سنڌيءَ قوم ۽ خاص ڪري ٿرين کي ورهائي ڇڏيندا. ورهاڱو ڌرتيءَ ڌڻين جي فائدي ۾ ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لهجي جي الڳ تعليم ڏني ويندي ته اڳتي هلي اُترادي پنهنجي ۽ لاڙي پنهنجي لهجي واري الف ب ٺاهي تعليم شروع ڪندا.ان کان پوءِ هتي رهندڙ بلوچ ۽ پٺاڻ وغيره پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ تعليم شروع ڪندا نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. ٻوليءَ جي وحدت جو ٽٽڻ قوم جو ٽٽڻ هوندو آهي.
انگريزي دنيا جي عالمي ٻولي آهي پر تعليم هڪ ئي اي بي سيءَ وسيلي ڏني وڃي ٿي. ان جي لهجن کي الڳ ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ ۾ صدين کان سنڌي ٻولي تعليم جو ذريعو رهندي پئي اچي .انگريزن سرڪاري طور سنڌي الف ب جو هڪ معيار مقرر ڪري، تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو، جيڪو هلندو پيو اچي. ٿر ۾ به ساڳيو ئي نصاب آهي. ٿري سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا . جڏهن آدمشماري ٿئي ٿي ته اڪثريت مادري ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکي ٿي. ڍاٽڪيءَ جي تعليم ان سوچ کي به نقصان پهچائيندي. جڏهن ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ گهٽبا ته ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتون پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ ۾ به آساني سمجهنديون. ڪراچيءَ وانگر آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو جواز به آسانيءَ سان پيدا ٿي سگهندو.
ٿر جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سُڄاڻ هن مسئلي تي خاص ڌيان ڏين . ثقافت جو وزير سيد سردار علي شاهه ، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ نصير ميمڻ ، محسن ٻٻر ، آزاد سميجو، حاجي محمد ڪنڀا ، ڀارُو امراڻي ۽ ٻيا دوست پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.