ڪير ٿو چئي ته بک بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني جي ور چڙهيل سنڌ ۾ سنڌين جون مهمان نوازي ۽ سخاوت واريون روايتون ختم ٿي ويون آهن، ڪير ٿو چئي ته سنڌ وارن هجرت ڪري ايندڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون آهن، جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيو ڪن ٿا سي بلڪل ڀليل آهن، ڇو ته سنڌ اڳي به ڌارين ۽ هجرت ڪري ايندڙن کي پناهه ڏني هئي ۽ هاڻي به اهڙي قرباني ڏيڻ لاءِ ان باوجود تيار آهي ته سنڌين کي ڪٿي به پناهه ملڻ جو (خدا نه ڪري)ڪو آسرو به ناهي،سنڌ ۾ ڀلي ڪنهن جي به حڪومت ڇو نه هجي؟ڪير به اقتدار جي مسند تي ويٺل ڇو نه هجي؟ پر انهن جون پاليسيون اهڙيون ته ” سخاوت“ واريو هجن ٿيون،جو ڏندين آڱرين اچيو وڃن،اها تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هميشه ڌارين کي جيءُ ۾ اهڙيون جايو ڏنيون آهن، جو انهن وري پنهنجي ديس واپس وڃڻ جو نالو نه ورتو،اهو ورهاڱي جو وڍ هيو،جنهن ۾ رت مان لال ٿي ايندڙ اسان جا پنهنجا مسلمان ڀائر هيا،جن کي ڪٿي به ”پناهه“نه ملي هئي ته اهي به هن ئي ديس اچي ويا،جنهن ڪراچي ۾ ورهاڱي کان اڳ لڳ ڀڳ 97 سيڪڙو سنڌي رهندا هيا،اتي اڄ اهي ڀائر ئي رهن ٿا،۽ اڄ به 47ع واري سخاوت اڃا تائين سنڌ جي ڳڄي ۾ تلوار جيان لٽڪيل آهي،جيڪا جيڏانهن به ڦري ان جا گهاءُ انهن کي ئي ملن ٿا،جن کي ويلڪم ڪيو هو، ان سخاوت جو جيڪو سنڌ ۽ سنڌين کي سلو مليو ۽ ملي رهيو آهي، اهو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي،هاڻي وري مٿان ٻي سخاوت جو سنيهو ملي رهيو آهي، خبر ناهي ڇو؟ ملڪ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ کڻي ڇا به ٿئي، پر ان جا اثر سدائين سنڌ مٿان ئي پوندا رهيا آهن، سنڌوندي جو وهڪرو جيئن ٻيا سڀ صوبا ۽ شهر آباد ۽ سرسبز ڪري ٿو، پر جن ڌرتي ڌڻين جو اهو درياءُ آهي، سي سدائين پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان هجن ٿا، تن جا شهر درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هوندي به اڃ ۾ مرن ٿا، بلڪل ائين ئي آفتون ڪٿان به شروع ڇو نه ٿينديون هجن پر انهن جو اثر اچي هتي پوي ٿو،پوءِ اها ڇو نه افغاستان ۾ آمريڪا جي مڙهيل جنگ هجي، ڪشمير ۾ آيل زلزلو هجي يا وري هاڻي سوات ۽ بونير وارن ضلعن ۾ شروع ڪيل فوجي آپريشن،! انهن سمورن قدرتي ۽ هٿرادو پيدا ڪيل آفتن جو اثر،خودڪش حملن ۽ ”نون مهاجرن“ جي صورت ۾ سنڌ مٿان پوندو رهيو/ آهي، جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا حملو ڪري طالبان کي تڙي ڪڍيو ته اتان جا به ”عام شهري“ مهاجر بڻجي هڪڙا طورخم ته ٻيا وري سنڌ جي مختلف شهرن اچي آباد ٿي،جنهن مان گهڻائي ڪراچي ۾ اهڙا ديرا ڄمايا، جو انهن وري واپس وڃڻ جو نالو نه ورتو، ايتري قدر گڏيل قومن جي اداري ”نارا“ انهن غير قانوني افغان مهاجرن جي سروي ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته انهن ”عام متاثر شهرين“ نارا ٽيمن تي به حملا ڪري کين ڀڄائي ڪڍيو هو. نارا جي انگ اکرن موجب سنڌ ۾( 6-2005 تائين) لڳ ڀڳ 25 لک کان وڌيڪ ڌاريا رهيل آهن، انهن جي اڪثريت ڪراچي ۾ رهي ٿي، جن مان گهڻن ته نارا وٽ پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو ۽ پوءِ خبر پئي ته اڻ ڳڻيا افغاني مهاجر ته نادرا وٽان 5، 6 سئو روپين جي خرچي ۾ ئي ”محب وطن پاڪستاني“ بڻجي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ جڏهن واپسي جو سلسلو شروع ٿي ته جيڪي مهاجر لکن جي تعداد ۾ ڪهي آيا هيا، سي پوءِ سون جي انگ ۾ به مس پنهنجي ملڪ واپس ٿيا. هن وقت به سنڌ افغان مهاجرن، بهارين، بنگالين، برمين ۽ ٻين ڌارين کي برداشت ڪري رهي آهي، ساڳئي طرح جيئن ڪشمير ۾ زلزلو آيو ته اتان جي متاثرن به سنڌ ڏانهن رخ ڪيو، ڪيترائي زلزلي متاثر ڪشميري سنڌ آيا؟ جن جو رڪارڊ به نه جوڙيو ويو،تن جي اها به خبر ناهي ته اهي مهاجر پنهنجي ديس ويا به يا نه؟ ان بابت به ڪو سرڪاري رڪارڊ ڳولهي به نه ٿو ملي؟! کوکرا پار سرحد ذريعي جيڪي ڌاريا هتي ڀائرن سان ملڻ آيا،انهن مان به گهڻن جي خبر ناهي ته هو واپس ويا به يا نه؟، هاڻي وري سرحد صوبي مان بي سهارا بڻيل خاندان سنڌ ڏانهن اچي رهيا آهن. جن جو سنڌ سرڪار دل کولي مهمان نوازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر سرڪار جي مهمان نوازي ڪرڻ کان اڳ ئي هزارين سوات ۽ بونير واسي سنڌ پهچي چڪا آهن، ”ڪراچي ۾ 30 هزار کان وڌيڪ متاثر آيا آهن اسان انهن جي مدد ڪري رهيا آهيون“. اي اين پي ڪراچي مرڪز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل جمعا خان بابر ٻڌايو، جنهن موجب جيئن متاثر جو سرحد ۾ ڪوبه مٽ مائٽ ناهي. تن کي پارٽي اڳواڻ سنڌ ڏانهن موڪلي رهيا آهن ۽ هتي اسان انهن جي مدد ڪري رهيا آهيون، جمعا خان بابر موجب، سوات متاثر سڀ ڪجهه لٽائي هتي اچن پيا،انهن کي کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙي لٽي ۽ هنڌ بسترن تائين سڀ ڪجهه اسان پاڻ ڏيون پيا، جيڪڏهن کين رهڻ لاءِ مسواڙ تي گهر ٿو کپي، ته اهو به اسا پاڻ چندو ڪري وٺرائي ڏئي رهيا آهيون. جڏهن ته اها ساڳئي ڳالهه اي اين پي جي هڪ ٻئي اڳواڻ به ڪئي ته سوات متاثر هزارن جي انگ ۾ اچي چڪا آهن، اڃان به اهو سلسلو جاري آهي، جن جو رڪارڊ به هو پنهنجي طور تي رکن پيا،ان جو مطلب ته هن وقت جيڪي به ڌاريا اچن پيا تن جو رڪارڊ جوڙڻ بابت سرڪار سڳوري اڃا اهڙي ڪا تڪليف ناهي ڪئي،جڏهن ته هن وقت ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، لانڍي، بنارس، ڪورنگي، منگهوپير، نارٿ ناظم آباد، سائيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ هزارين جي انگ ۾ سرحد مان مهاجر اچي چڪا آهن، جن کي نه رڳو اي اين پي اڳواڻ پناهه ڏئي رهيا آهن ،پر تن لاءِ مستقل روزگار جو بندوبست به ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته ان کان اڳ باجوڙ ۽ وزيرستان مان به هجرت ڪري هزارين ماڻهو ڪراچي اچي چڪا آهن جن جو به ڪو رڪارڊ ناهي جوڙيو ويو نه ئي انهن مان اڪثريت واپس وئي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪي خاندان هتي اچن پيا ۽ اچي چڪا آهن،جيڪڏهن انهن کي مفت ۾ گهر ن سان گڏ روزگار به ملي ته پوءِ اهي ڪيئن هي سڀ ڪجهه ڇڏي واپس کنڊر بڻيل وادين ڏانهن ويندا؟جتي جنگ شايد ورهين تائين هلندي رهي، جيئن ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ۾ اهو پاليسي بيان ڏنو آهي ته 47 کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا آهن،وزيراعظم جي هنن فرمايل سٽن مان ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته بهتر ٿيندو ته جيئن ورهاگي وقت ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب مهاجرن لاءِ پنهنجي جيءَ جون جايو بند ڪري ته ٽرينن کي سنڌ ڏانهن اماڻيو هيو ته ”پاڪستان اڳتي آهي“ تيئن اها ساڳي ڪهاڻي هاڻ به ورجائجي رهي آهي ،ڇو ته جيئن ئي سرحد ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيو ته پنجاب پنهنجون سرحدون سيل ڪري ڇڏيون، جنهن جو مک ڪارڻ سرحد مان ايندڙ متاثرن کي پنجاب ۾ ٺڪاڻا ٺاهڻ کان روڪڻ ئي آهي،باقي بم ٻڌي ايندڙن کي سرحدون سيل ڪرڻ سان نه ڪير اڳي روڪي سگهيو آهي نه ئي هاڻي ڪير روڪي سگهندو،تنهن ڪري متاثرن پنجاب ۾ پناهه نه ملڻ ڪري سنڌ جو منهن ڪيو آهي، ڇو ته هتي کين اهڙي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي،چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾ قانون هوندو آهي،رول آف لا هوندو آهي، اتي ڏوهه تمام گهٽ ٿيڻ سان گڏ نظام به صحيح رخ ۾ هلندو آهي، پر جتي قانون ئي نه هجي، اتي ڏڦيڙ، هنگاما، بدامني، بيروزگاري ۽ بدحالي ڪوڙ جيان ڪڏهن به ختم ناهي ٿي سگهندي، اها ساڳئي ڪار سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي، جتي پنهنجا ماڻهو بک پيا مرن، روز لساني فساد ۽ هيانءُ ڏاريندڙ واقعا ٿين پيا، پر حڪومت جو ”حڪم“ ڪٿي به نظر نه پيو اچي، ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ڏانهن اچن پيا، پر حڪومت سنڌ جي پراڻي سخاوت واري روايت کي جيئرو رکڻ لاءِ سرحد مان ايندڙ نون مهاجرن کي جيءُ ۾ جايون ڏيڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، ڇو ته ڏکي وقت ۾ ”وڏو ڀاءُ“ جڏهن مدد نه ڪري ته ”ننڍي ڀاءُ“ کي پهل ضرور ڪرڻ گهرجي، شايد اهوئي سبب آهي جو پنجاب پنهجون سرحدون سيل ڪري ڇڏيون آهن ته، سنڌ حڪومت پنهنجون سرحدون کولي ڇڏيون آهن، اها ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ سرڪار پگهارن لاءِ مهينن کان پڪاريندڙ ۽پير ن تي ڪري پوندڙ ماسترياڻين کي پگهار ته نه ٿي ڏي سگهي، پر سنڌ سرڪار سوات متاثرن جي لاءِ رات پيٽ ۾ 17 ڪروڙ روپيه امداد وزيراعظم حوالي ڪري ڇڏي ٿي!!سنڌ حڪومت کي سڀ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ گهرجن،پر چوندا آهن ته پير سوڙ آهر ڊگهِيڙڻ گهرجن،اهڙيون لک سخاتون غريب سنڌ جا حڪمران ڀلي ڪن،پر اهڙي سخاوت نه ڪرڻ گهرجي، جو سنڌ ۽ سنڌي قوم(خدا نه ڪري) اڳتي هلي پاڻ پناهه لاءِ ڀٽڪندي وتي، پر اڄ جا متاثر ڀائر سڀاڻي کين پنهنجي ڌرتي هوندي به پناهه نه ڏين.
