ابراھيم ڪنڀر

ڊائلاگ لاء لازمي شرط آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ھجڻ گھرجي

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو لاھوروارو جلسو بہ ٿي ويو، جلسي کانپوءِ پي ڊي ايم ميثاق لاھور جو بہ اعلان ڪندي 31 جنوري تائين جي ڊيڊ لائين ڏيندي اھو چتاءُ ڏنو آھي تہ عمران خان وزيراعظم جي عھدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي ٻي صورت ۾ اپوزيشن لانگ مارچ ڪري استعيفي ڏيندي، اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف طاھر القادري جي مارچ ۽ حڪومت جي استعيفي جي مطالبي کان وٺي عمران خان جي 2014ع واري مارچ ، ڌرڻي ۽ پارليامينٽ يا پي ٽي وي تي حملو ڪري اھڙي صورتحال پيدا ڪري ڪنھن چونڊيل وزيراعظم کان استعيفي وٺڻ وارو طور طريقو سياسي ڪونھي، پر شرط آھي تہ اھا حڪومت چونڊيل ھجي، مڙھيل، ٿاڦيل يا سلڪٽڊ نہ ھجي، عمران خان يا سندس حڪومت اھو ئي لڻي رھي آھي جيڪو ھنن 2014ع ۾ پوکيو ھو انھي جي ڪري ھاڻ اپوزيشن جي اتحاد کي ڪڏھن ملڪ دشمن جي ايجنڊا تي ھلڻ جو طعنو ٿو ڏنو وڃي تہ ڪڏھن وري ملڪي نظام خلاف سازشون ڪندڙ ٽولو قرار ڏنو وڃي ٿو، وزيراعظم جي استعيفي جو مطالبو ڪڏھن کان غير آئيني ٿي ويو آھي؟ عمران خان تہ انھي پارليامينٽ تي نہ رڳو حملو ڪيو ھو پر انھي پارليامنيٽ توڙي انھي جي ميمبرن جي نالي جيڪو ڪجھ چيو ھواھو سمورو رڪارڊ جو حصو آھي.
پي ڊي ايم اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي نتيجي ۾ وجود آيو، انھي اتحاد پنھنجو پھريون جلسو گجرانوالا ۾ ڪيو انھي کانپوءِ ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، ملتان ۽ لاھور ۾ جلسن جو پھريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آھي، لاھور ۾ وزيراعظم کي ڏنل ڊيڊ لائين جو حڪومتي جواب بہ اچي چڪو آھي، شاھ محمود قريشي پنھنجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيتريون ئي تڪراري، مبھم ڳالھيون ڪيون آھن، ھڪ ئي پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم جي اعلان لاھور ۽ سندس مطالبن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ساڳي وقت اپوزيشن کي ڳالھين جي بہ دعوت ڏئي ويٺو آھي جڏھن تہ انھي پريس ڪانفرنس ٽئين قوت کان ڊڄاري بہ رھيو آھي تہ ملڪ جي سياسي صورتحال بند گلي ۾ ڦاسي پوڻ جو بہ اعتراف ڪري ويٺو آھي، ٻہ ٽي شيون حڪومت کي واضع ڪرڻ گهرجن، جيڪڏھن اپوزيشن جا جلسا ناڪام ٿي ويا آھن، عوام پي ڊي ايم جي بيانئي کي رد ڪري ڇڏيو آھي، نواز ليگ جي سياست دفن ٿي وئي آھي، پيپلز پارٽي رڳو سنڌ جي ڪجھ ضلعن تائين محدود ٿي وئي آھي، اختر مينگل جي سياست مان ھوا نڪري وئي آھي، عوام رڳو ئي رڳو عمران خان جي مھارت، سمارٽنيس، انھي جو مشڪڻ ۽ مرڪڻ ڏسڻ جي لاءِ بيتاب آھي، عوام جيڪڏھن عمران خان کان سواءِ ٻِي ڪا واھ بھتر نٿو سمجھي تہ پوءِ وزيراعظم، وزير، مشير، خاص معاون، عام معاون ۽ درجن ڀر حڪومتي ترجمان ايترا پريشان ڇو آھن؟ پرويز مشرف جي خلاف جڏھن وڪيلن تحريڪ شروع ڪئي تہ ھو بہ انھي قسم جا بيان ڏيندو ھو جھڙا بيان وزيراعظم يا سندس وزير ۽ ترجمان ڏئي رھيا آھن، سو اپوزيشن جي تحريڪ جو تير ٺيڪ ھنڌ تي لڳڻ جو وڏو ثبوت حڪمران ٽولي جي پريشاني آھي، جيڪڏھن جلسا ناڪام ٿي ويا، تحريڪ ختم ناڪام ٿي وئي، اپوزيشن غرق ٿي وئي تہ حڪومت کي گدگد ٿيڻ گهرجي، بار بار اھا ڳالھ ڇو ٿي ورجائي وڃي، اپوزيشن تہ ھڪ جلسو ڪري وري ٻي جلسي جي تياري شروع ڪري ٿي، حڪومت کي انھي جلسي جو ايترو ٽينش ٿو ٿئي جو جيستائين ھزار ڀيرا انھي جلسي کي ناڪام ناڪام نہ چون تہ سندن ننڊ پوري نٿي ٿئي، حڪومت ايترا تہ مقامي گوئبلز تيار ڪيا آھن جن جو ڪم ٻيو ڪو بہ ناھي ھڪڙو ڪم اپوزيشن جي تحريڪ جي ناڪامين کي ڳڻائڻ، ٻيو اپوزيشن جي سموري قيادت کي چور لٽيرو ثابت ڪرڻ، گذريل ڏھن سالن جي سياسي يا معاشي ڪاميابين کي زيرو ڏيکارڻ کان سواءِ حڪومت پنھنجي ڪم کانسواءِ ھر ڪم ڪرڻ جي لاءِتيار آھي، حڪومتون رڳو زبان درازي سان، الزامن سان، طعنن ۽ مھڻن سان نہ ھلنديون آھن، انھي ۾ عملي ڪم ڪرڻو پوندو آھي، عوام جي ڀلائي، فلاح بھتري جي لاءِ عملي قدم کڻڻ سان حڪومتن کي ھلايو ويندو آھي، وزيراعظم عمران خان اڄ بہ اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، جڏھن تہ کيس حاڪم وقت جو ڪردار ادا ڪري اپوزيشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انھن پاليسين جو اعلان ڪرڻ گهرجي جيڪي پاليسيون عوامي سطح جون ھجن جن سان عوام کي فائدو ھجي. ٻيو تہ وزيراعظم صاحب ھر موقعي تي اين آر او جي ڳالھ ڪئي آھي، اپوزيشن جي اڳواڻن جي تقريرن، جلسن، مطالبن جي موٽ ۾ ھن ھڪڙي ئي ڳالھ ڪئي آھي تہ اين آر او نہ ڏيندس، جيڪڏھن اين آر او ناھي ڏيڻو تہ پاڻ وٽ رک اھو ڪھڙو اين آر او آھي جيڪو وزيراعظم جي ھٿن مان اڇل ڏئي نڪرڻ جي لاءِتيار آھي جنھن کي وزيراعظم ھر ڀيري پڇ مان جھلي نھين دونگا نھين دونگا جي دٻ لايو ويٺو آھي، ھڪڙي ڀيري چئي ڇڏيو بس ڪافي آھي، پنھنجي ڪل مختياري جو ثبوت ڏيڻ جي لاءِ بار بار اھا ڳالھ ڪرڻ جي ضرورت ڪھڙي آھي، جڏھن تہ ماڻھن کي اوھان جي سليڪشن کان وٺي اوھان جي اختيارن جي حوالي سان سڀ خبر آھي.
ھاڻ اچون ٿا تہ پي ڊي ايم جي تحريڪ جي ڪاميابي يا ناڪامي جي معاملي تي، انھي قسم جي اتحادن يا مختلف پارٽين جي تحريڪ جڏھن بہ شروع ٿيندي آھي تہ اانھن جي ناڪامين جو سوال تمام گهٽ ھوندو آھي، جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل پرويز مشرف جي خلاف تحريڪون بہ نتيجا ڏئي ويون، عمران خان جيڪا امپائر جي آڱر جي اشاري جي تحريڪ ھلائي ھئي اھا بہ نواز شريف جي حڪومت ۾ ڊينٽ وجھڻ کانپوءِ عدالتي ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ نواز شريف کي اقتدار مان لاھي ڦٽو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ھئي، انھي جي ڪري اھا ڳالھ عمران خان يا سندس پارٽي جي اھم ماڻھن کي سمجھ ۾ اچي رھي آھي تہ تحريڪون ناڪام نہ ٿينديون آھن، انھي جي ڪري ھاڻ ڊپ ڏئي رھياآھن تہ اھو سلسلو رھيو تہ ٽئين قوت اچي ويندي، اصل ڳالھ اھا آھي تہ عمران خان جي پوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آھي، سوا ٻن سالن ۾ ڪارڪردگي زيرو ھجڻ جي ڪري، حڪومتي اتحاد کي سنڀالي نہ سگھڻ، عوام سان ڪيل واعدا پورا نہ ڪرڻ، معاشي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ، اقتدار واريون شرطون پوريون نہ ڪرڻ جي ڪري ھو وچ ۾ ڦاسي پيو آھي، عمران خان صاحب کي الٽيميٽم رڳو اپوزيشن يا پي ڊي ايم نہ ڏنو آھي پر جن کيس آڱر مان پڪڙي ڪرسي حوالي ڪئي ھئي انھن بہ چيو آھي تہ پنھنجا معاملا پاڻ سنڀال اسان مان ھاڻ ڪا اميد نہ رکجان. انھي جي ڪري چئي سگھجي ٿو تہ عمران خان جي پويان باھ آھي تہ اڳيان کاھي آھي، شاھ محمود قريشي، فواد چوڌري، فيصل واوڊا، يا ٻين جي زباني جيڪي ڊائلاگ ڊائلاگ جا ٻول ٻولايا پيا وڃن اھا انھي حڪومت جي خواھش آھي جنھن گذريل سوا ٻن سالن کان اپوزيشن کي رت جا لولا ڏئي ڇڏيا ھئا، ھاڻ جڏھن سمجھن ٿا تہ اپوزيشن سڀ ڪجھ ڪرڻ ۾ آزاد آھي تہ ھاڻ ڳالھين جو رستو وٺڻ جي لاءِ بيتاب آھن.
پاڪستان ۾ جڏھن بہ انھي قسم جي ڊيڊلاڪ جي صورتحال پيدا ٿيندي آھي تہ انھي ۾ ڪا نہ ڪا ٽياڪڙي ٿيندي آھي، انھي جي ڪري انھي ۾ ڪو شڪ ناھي تہ اپوزيشن جيڪي جلسا يا احتجاج ڪري رھي آھي انھن تي ڳالھيون ڪرڻ جي لاءِ وڏو بار آھي، پر ھاڻ روايتي ڳالھين کان ڳالھ چڙھي وئي آھي، ھاڻ اڌ اقتدار يا بنا اختيار واري اقتدار يا ڪرسي وارو معاملو ناھي، پي ڊي ايم جيڪا ايجنڊا سيٽ ڪئي آھي ڳالھيون انھن حدن ۾ ٿيڻيون آھن، ھن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ قوت رکندڙ خلق خدا آھي، جڏھن اھا رستن تي نڪرندي آھي تہ وڏا وڏا آمر جھڪي پوندا آھن، ووٽ جي پرچي، جمھوريت، پارليامينٽ يا آئين کان خوف اصل ۾ عوام کان خوف ھوندو آھي، انھي خوف جي ڪري سياسي پارٽين کي ڳالھين جي لاءِ راضي ڪيو ويندو آھي، انھي ۾ ڪڏھن سونھري مستقبل جا خواب،ڪٿي لٺ ڪٿي چٺ پر اھي سموريون چالاڪيون سياست کي سياست سان ويڙھائڻ جي لاءِ ھونديون آھن، ھن وقت بہ پس منظر ۾ ڪيترائي رابطا، ڳالھيون، حڪمت عمليون ٿي رھيون آھن، پر پي ڊي ايم ۾ شامل ڪا بہ پارٽي ڪنھن ٿوري مفاد جي خاطر ڪجھ بہ قبول ڪيو تہ اھو ھن اتحاد جي پٺ ۾ ئي خنجر نہ ھوندو پر عوام کان خوف کائيندڙ قوتن کي وري شھ ڏيڻ برابر ھوندو،ڪنھن بہ مشڪل صورتحال، سياسي گھوٽالي يا ڊيڊلاڪ جو ٽوڙ بيشڪ ڳالھيون آھن پر ڳالھيون عوام جي شرط تي قبول ڪرڻ گھرجن،رڳو عمران خان کي گهر موڪلي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي وري روايتي قسم جي حڪومت ڪنھن ھڪ يا ٻي پارٽي حوالي ڪرڻ واري شرط تي ڳالھيون مستقبل جي لاءِ ڪو فائدو نہ ڏينديون، جيڪڏھن ڳالھيون ڪرڻيون آھن تہ ھڪ پاسي سياسي قوتون ھجن، ٻي پاسي مقتدر حلقا ۽ وچ ۾ آئين ھجي، ۽ ڳالھيون ڪرڻ وارا يعني سياسي قوتون چون تہ پھرين آئين جو حلف کڻي آئين سان وفاداري جو وچن ورجايو، انھي جي دائري يا پنھنجي پنھنجي حدن اندر رھي ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪريو انھي کانپوءِ ڳالھيون ٿينديون، ڳالھين جي خواھش جو اظھار بہ مقتدر قوتن وٽان آيو ھو انھي جي پس منظر ۾ ھلڪا ڦلڪا رابطا ٿيا آھن ٿيندا پيا رھن، پر اڃان ڪو واضع نتيجو سامھون نہ پيو اچي،ھن سياسي گھوٽالي مان ڪڍڻ جي لاءِ اعلي عدالتي ثالثي جي تجويز جو بہ پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھي پر عدالت جو سياسي معاملن ۾ پوڻ نہ گهرجي، جڏھن اسٽبلشمنٽ کي سياسي مداخلت کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ ٿي رھي آھي تہ انھي صورت ۾ عدليہ جو سياسي ڪردار ڪئين ٿو قبول ڪري سگھجي، انھي جي ڪري ڊائلاگ کان سياسي قوتن کي انڪار نہ ڪرڻ گهرجي پر ڳالھيون ملڪي نظام بابت آئين جي روشني ۽ آئين جي دائري ۾ رھي ڪرڻ واري شرط تي نہ ٿيون تہ وري ٻن ٽن سالن کان اھي سياسي پارٽيون ديوار سان ئي لڳل ھونديون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے