ابراھيم ڪنڀر
ملڪ جي موجودہ سياسي صورتحال ۾ پاڪستان جي ٻن سياستدانن بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز شريف جي بي بي سي کي ڏنل انٽرويوز ڌماڪو ڪري ڇڏيو،ٻنھي انٽرويوز کي جتي ٽوئيسٽ ڪيو ويو اتي انھي کي سياسي مخالفن خالي طور حڪومت پنھنجي مرضي جو رنگ ڏنو، ٻنھي جي انٽرويو کي ٽارگيٽ ڪري حڪومت جنھن اک سان ڏسي انھي جي تشريح ڪئي حقيقي طور انھن انٽرويوز ۾ اھڙي ڪا ڳالھ نہ ھئي، ٻنھي انٽرويوز ۾ چيل اصلي ڳالھين کي پاسيرو رکي پنھنجي مقصد جا جملا ڪڍيا ويا، جھڙي ريت ڪوئيٽا ۾ اپوزيشن جي ھيڏي وڏي جلسي مان رڳو انس نوراني جي انھي جملي تي تنقيد ٿي جيڪو جملو ادا ڪرڻ وقت سندس زبان ترڪي پئي ھئي جنھن سان حڪومت کي واويلا جو وڏو موقعو ملي ويو. بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي انٽرويو ۾ جيڪو ڪجھ چيو ھو حڪومت پي ڊي ايم ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش طور ورتو، سموري حڪومتي مشينري انھي ڪارج ۾ لڳي وئي تہ ھڪ اھڙو تاثر پيدا ڪجي جو ماڻھو يقين ڪري وڃن تہ پي ڊي ايم ۾ ٽوڙ ڦوڙ پيدا ٿي چڪي،حڪومت جي ھر ترجمان انھي انٽرويو تي ڳالھايو، سڀني جو زور انھي تي ھو تہ پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويندي، شيخ رشيد تہ ھيستائين سدائين پنڊي وارن جي ترجماني ڪندو رھيو آھي اھو ھاڻ پاڻ کي شايد پيپلز پارٽي جو ترجمان سمجھي رھيو آھي،انھي جي ڪري بار بار چئي رھيوآھي تہ پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي بيانئي سان گڏ نہ ھلندي نہ وري استعيفي ڏيندي،اصل ۾ انھي انٽرويو ۾ ٻيو ڪجھ نہ بلاول ڀٽو اھو چيو ھو تہ نواز شريف جڏھن فوجي سربراھ سميت ٻن اھم ماڻھن جا نالا ورتا ھئا تہ ھن کي ڌچڪو لڳو، ڇاڪاڻ جو کيس انھي جو اندازو انھي جي ڪري نہ ھو جو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي اھوطئي ٿيو ھو تہ عمران خان جي حڪومت سميت نظام جي سمورين خرابين جو ذميوار اسٽبلشمينٽ کي قرار ڏئي اھو طئي ڪيو ويو تہ جتي ڪٿي اسٽبلشمنٽ جو نالو ورتو ويندو،بلاول ڀٽو زرداري بعد ۾ انھي صورتحال جي وضاحت بہ ڪئي،مريم نواز سان ملاقات بہ ٿي، لازمي ڳالھ آھي تہ ٻنھي ۾ ڪجھ طئي ٿيو ھوندو، انھي کان پوءِ نواز ليگ جي قيادت کي انھي بيان تي ڪو اعتراض بہ ناھي، بلاول جي انٽرويو جي انھي حصي جي تشريح اھا بہ ٿي سگھي ٿي تہ بلاول رڳو ھڪ ٻن شخصيتن نہ پرپوري اداري تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي چئي رھيو آھي تہ انھي کي ئي ذميوار قرار ڏئي حساب ڪتاب وٺجي، خير اھا تہ ٿي انھي انٽرويو جي ڳالھ جنھن کي پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، انھي کانپوءِ وري ڪراچي ۾ آئي جي سنڌ جي اغوا واقعي جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ اچي وئي، انھي رپورٽ ۾ خبر ناھي ڇا آھي پر اسان جي ھڪ ويل ڊسپلينڊ اداري جيڪا پريس پڌرائي جاري ڪئي آھي انھي ۾ واقعي جي جاچ رپورٽ جا ڪي تفصيل ناھن انھي ۾ رڳو اھو آھي تہ انھي واقعي جي ڪري جوان جذباتي ٿئي ويا، انھن جو خيال ھو تہ پوليس سستي پئي ڪري، کين جذباتي نہ ٿيڻ گهرجي ھا، انھي پريس رليز ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا آھن اھي انھن تي ڪير بہ اعتراض ڪري سگھي ٿو ڇاڪاڻ جو جڏھن اعلي عدليہ جي فيصلن تي تنقيد جي سپريم ڪورٽ پاڻ رڳو انھي جي ڪري اجازت ڏني آھي جو فيصلا عوام جي ملڪيت ھوندا آھن تہ ڪا بہ پريس رليز بہ عوامي ملڪيت سمجھي ويندي آھي، انھي جي ڪري جوانن جو جذباتي ٿي وڃڻ، عوامي دٻاءُ وڌي وڃڻ يا جوانن جو اھو سمجھي وٺڻ تہ پوليس سستي جو مظاھرو ڪري رھي آھي، پھرين ڳالھ اھا آھي تہ انھن نوجوانن کي اھو سمجھڻ جي ڪو قانون اجازت نٿو ڏي، ڪو عوامي دٻاءُ ڪونھي حليم عادل شيخ جي اٿ ويھ ضرور ھئي انھي تي بہ اينٽي ڪرپشن جو ڪيس پيو ھلي ھن جي اليڪشن ۾ چونڊجڻ تي بہ سواليہ نشان آھن،ا نھي کان بہ وڌيڪ جذبات ۾ اچي اغوا ڪرڻ جي اجازت ڪھڙو قانون ڏي ٿو، انھي کانپوءِ ڪنھن کي عھدن کان ھٽايو ويو، ڪنھن جي خلاف ڪھڙي سزا ملي، انھي بابت ڪا خبر ناھي، خير اھو ٻيو واقعو ھو انھي انڪوائري رپورٽ جي بلاول ڀٽو آجيان ڪئي تہ ميان نواز شريف انھي کي رد ڪري ڇڏيو، ميان نواز شريف انھي رپورٽ جي حوالي سان سوات واري جلسي ۾ بہ اظھار ڪيو تہ اھي جوان قائداعظم جي فرمانن جي ڀڃڪڙي گي جذباتي ڇو نٿا ٿين؟ نواز شريف جي پنھنجي پارٽي آھي، نواز شريف جي ڌي جي خلاف ڪراچي ۾ اھا ڪارروائي ٿي ھئي انھي جي ڪري ھو ھن سموري ڪيس ۾ اھم ڌر بہ آھي،ھن جي ھن رپورٽ سان اڃان تسلي ناھي ٿي انھي جي ڪري اھو مطالبو ڪنھن حد تائين درست بہ آھي تہ اھڙي رپورٽ کي پڌرو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو ااھا رڳو انڪوائري يا رپورٽ ناھي پر انھي پريس رليز ۾ لفظن کي نرم ڪري لکيو ويو آھي تہ جوانن جي انھي عمل سان رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فھمي پيدا ٿي ھئي، اھا غلط فھمي نہ ھئي ھڪ اداري جو ٻي اداري ڇا پر صوبي جي خودمختياري تي حملو ھو، خير ڳالھ کي اڳتي ٿا کڻي ھلو پھرين ھڪ انٽرويو جي ڳالھ ڪئي ھاڻ ٻي انٽرويو يعني مريم نواز جي انٽرويو جي ڳالھ ڪرويون ٿا جنھن مان رڳو اانھي ڳالھ کي پکيڙيو ويو تہ فوج سان تڏھن ڳالھيون ٿينديون جڏھن عمران خان حڪومت گهر رواني ٿيندي، انھي ساڳي جملي جو ٻيو اڌ اھو آھي تہ ڪو بہ غير آئيني طريقو استعمال نہ ٿيندو، انھي جملي جو ھڪ حصو اھو بہ آھي تہ آئيني جي پيرا ميٽرز ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي، بلڪہ انھي حد تائين چيو ويو آھي تہ ڳجھ ڳوھ ۾ ڪا ڳالھ نہ ٿيندي، ڪير انھي کي ڪئين بہ وٺي پر حڪومت انھي کي پنھنجي لفظن ۾ بيان ڪري رھي آھي، ھڪ تہ حڪومت انھي انٽرويو کان دفاعي پوزيشن تي اچي اھڙو رد عمل ڏئي رھي آھي جنھن مان واقعي بہ لڳي رھيو آھي تہ اھو صفحو ھاڻ اٿلجي چڪو آھي جنھن جي حوالي سان حڪومت اھا دعوا ڪندي رھي آھي تہ اسان سڀ ھڪ صفحي تي آھيون، جيڪي حڪومت سان ھڪ ھجڻ جي دعوا ڪندا ھئا اھي ھاڻ حڪومت جي نالائقين، ناڪامين جو بار کڻڻ جي قطعي تيار ناھن، اھا ئي پڪ ملڻ کانپوءِ حڪومت ڪجھ قدر وڌيڪ جذباتي ٿي وئي آھي، اتحادين جي رسامن وري حڪومت کي وڌيڪ اڪيلائي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي، حڪومت سان ٿيڻ ڇا وڃي رھيو آھي انھي جو ذڪر ايندڙ مضمون ۾ ڪنداسين پر في الحال تہ حڪومت جي ھاڻوڪي رحم جوڳي حالت مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ حڪومت جنھن رستي سان آئي ھئي انھي گس تان واپس ٿيندي نظر اچي رھي آھي.مريم نواز جي انھي انٽرويو تي ٺٺوليون بہ ٿيون، حڪومت جي ڪجھ وزيرن نواز ليگ قيادت کي غير جمھوريت پسند ھجڻ جو طعنو بہ ڏنو،بھرحال ڪافي ڳالھيون ٿيون ۽ اڃان ٿي رھيون آھن پر سمورو زور انھي ڳالھ تي رھيو تہ نواز ليگ جي بيانئي جي ڪري پي ڊي ايم ھڪ اتحاد طور نہ ھلي سگھندو، مريم نواز جي ڳالھ جي درست تشريح ٻين لفظن ۾ بہ ٿي سگھي ٿي،پر انھي کي حڪومت مان ڪير تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي.
سوال اھو آھي تہ ڇا پي ڊي ايم مان ڪا ھڪ ٻہ پارٽي الڳ ٿي ويندي؟ ڇا ھڪ ٻن پارٽين جي نڪرڻ سان پي ڊي ايم ختم ٿي ويندو، ھي تحريڪ ختم ٿي ويندي؟ سوات ۾ نواز ليگ جي جلسي کي ڏسي لڳي نٿو تہ پي ڊي ايم جي تحريڪ ائين ختم ٿيندي، يا گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي يا نواز ليگ جي جلسن کي ڏسي سمجھي وڃڻ گهرجي تہ عوام يا سياسي پارٽين جي موڊ ڪھڙو آھي؟ گرينڊ ڊائلاگ جوجيستائين تعلق آھي تہ سياست ۾ ڪڏھن ڳالھين جو دروازو بند نہ ٿيندو آھي، پاڪستان ۾ سياسي ڌرين کي ڳالھين کانپوءِ ئي مشروط نموني اقتدار ملندو رھيو آھي اھو بہ ڊائلاگ ٿيندو رھيو آھي، اصل ۾ پي ڊي ايم انھي قسم جي ڪنھن ڊائلاگ مان جان آجي ڪرائي ھڪ اھڙو ماحول جوڙڻ چاھي ٿي جو اھي روز روز جي چڪرن مان جان آجي ٿي وڃي، ھن قسم جي تحريڪن جو ٽوڙ سدائين ڳجھ ڳوھ جي ڳالھين تحت نڪرندو آھي پر ھن ڀيري سمورين پارٽين پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اوپن فورم تي اوپن ايجنڊا تحت گرينڊ ڊائلاگ جو شرط رکيو آھي انھي جي ڪري پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽين جو انھي تي اتفاق آھي تہ ڪا بہ پارٽي پنھنجي حساب سان اسٽبلشمينٽ سان نہ ڳالھائيندي، ھن ملڪ ۾ اھا عام روايت آھي تہ نواز ليگ سان جھيڙو ڪري پيپلز پارٽي سان ڳالھايو وڃي، پيپلز پارٽي سان جھيڙو ڪري نواز ليگ سان ڳالھايو وڃي، ٻنھي پارٽين سان جھيڙي جي صورت ۾ نيون پارٽيون جنم وٺنديون آھن يا وري ڪنھن ٻي پارٽي تي ھٿ رکيو ويندو آھي، پرويز مشرف جي دور ۾ ٻنھي پارٽين سان جھيڙي کانپوءِ ق ليگ کي خلقيو ويو، ھن ڀيري وري ٻنھي پارٽين سان جھيڙي کان پوءِ تحريڪ انصاف تي ھٿ رکي کيس اقتداري ڪرسي تي آندو ويو، انھي سموري صورتحال کي اپوزيشن جون پارٽيون سمجھي ويون آھن انھي جي ڪري پيپلز پارٽي ھجي، جي يو آئي ھجي، نواز ليگ ھجي يا وري عوامي نيشنل پارٽي ھجي سمورين پارٽين اھو اتفاق ڪيو آھي تہ ھاڻ ڳالھيون اڪيلي سر، ڳجھ ڳوھ ۾ نہ ٿيندو، وسيع تر مقصدن جي لاءِ ڳالھيون وسيع تر بنيادن تي ٿينديون، انھي جي ڪري ھيستائين پيپلز پارٽي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي يا جي يو آئي فضل رحمان سان جيڪي جيڪي رابطا ٿيا آھن اھي رابطا ناڪام ٿي چڪا آھن، ڇاڪاڻ جو اڪيلي سر ڪنھن کي بہ اعتماد ۾ وٺي چئن ڏينھن جي چاندني ڪري وري کين اھي مسئلا منھن ۾ ھنيا ويندا، وري سندن اختيار ۽ اقتدار محدود ڪيو ويندو، وري سندن خلاف اھڙا گروھ يا مڇريل ماڻھن جا ٽولا بخشيا ويندا جيڪي کين بي وس ڪري سگھن ٿا، ٻيو تہ پي ڊي ايم عوام کي جيڪي خواب ڏيکاريا آھن، عوام جيڪا موٽ پي ڊي ايم کي ڏني آھي اھا انھي ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿي تہ پي ڊي ايم ۾ شامل ڪا بہ پارٽي سولو فلائيٽ نہ ڪري، پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون ھڪ ئي ڌر کي سموري نظام جي خرابين جي ذميوار قرار ڏي ٿي ڪير ڪنھن جو نالو کڻي ٿو ڪير ڪنھن جو نالو کڻي رھيو آھي، پر جيڪوبہ ھن اتحاد مان الڳ ٿيندو انھي کي عمران خان جو اتحادي سمجھيو ويندو، ھن وقت پي ڊي ايم کان الڳ ٿيڻ ھڪ وڏو رسڪ آھي ڇاڪاڻ جو ھي تحريڪ ھڪ ٻن پارٽين جي نڪرڻ سان ختم نہ ٿيندي پر انھن جي خلاف نئين سر عزم ارادي سان شروع ٿيندي،انھي جي ڪري سڀاڻي ڪير استعيفي ڏي يا استعيفي تائين وڃڻ جي نوبت ئي نہ اچي پر پي ڊي ايم جي تحريڪ نتيجا ڏيندي، پي ڊي ايم وٽ جڙي رھڻ کان سواءِ ڪو بہ آپشن ناھي، جيستائين مثبت نتيجن جو سوال آھي تہ اھو طئي بہ ٿي چڪو آھي تہ پي ڊي ايم جي ھلندڙ تحريڪ جا نتيجا ڪھڙا ھوندا، انھي جي شروعات ڪٿان ٿيندي،انھي جو انجام ڪٿي ٿيندو؟اھو وري ٻي ڪالم ۾ بس ٿورو انتظار.