ابراھيم ڪنڀر
سياسي،معاشي، سماجي، فلاحي، زرعي،پرڏيھي، دفاعي، اندروني مطلب تہ جيڪو شعبو ڏسو انھي ۾ حڪومت جي ناڪامين جا نوان رڪارڊ قائم ٿي رھيا آھن، حڪومت انھن مان ڪنھن ھڪ شعبي تي بہ ڌيان ڏيڻ، سنجيدھ ٿيڻ ،پاليسي جوڙڻ واري ڪم کي ڇڏي سوا ٻن سالن کان رڳو ھڪڙي بيان واري ڪيسٽ وڄائي رھي آھي تہ گذريل ڏھن سالن ۾ ماضي جي ٻن حڪومت کائي مال ميڙي ملڪ تباھ ڪري ڇڏيو، جتي سوا ٻن سالن کان عمران خان حڪومت اپوزيشن جي سمورين پارٽين کي احتساب جي نالي ۾ انتقام جو نشانو بنائي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي اتي اليڪشن کان اڳ وري انھن پارٽين کي انھن قوتن ديوار سان لڳايو جن بعد ۾ عمران خان کي آڱر کان جھلي وزارت عظمي جي ڪرسي تي اچي ويھاريو.پرصورتحال ساڳي ناھي رھڻي،ھن وقت حڪومت وٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪجھ نہ رھيو آھي، ٻہ ٽي ڪم آھن جيڪي زور شور سان ڪري رھي آھي ، ھڪڙُو ڪم سياسي پارٽين خلاف وٺ پڪڙ، ڪيس ۽ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتارين جو ڪم ، نيب کي استعمال ڪري ڪيسن ۾ سياستدانن کي لوڙائڻ جو ڪم، ٻيو ڪم اپوزيشن پارٽين جي اتحاد کي ٽوڙائڻ جي لاءِ بيان ڏيڻ ۽ ٽيو ڪم اپوزيشن ۽ اسٽبلشمينٽ کي ويڙھائڻ وارو آھي، انھن ٽنھي ڪمن ۾ حڪومت جو بچاءُ ۽ بقا سمايل آھي، جئين تہ حڪمرانن جي پنھنجي ڪاڪردگي ٻڙي ڀاڱي ٻڙي آھي انھي جي ڪري ھاڻ جڏھن حڪومت کي راولپنڊي مان ملندڙ آڪسيجن بہ آھستي آھستي ختم ٿيندي محسوس ٿي رھي آھي تہ حڪومت جي پوري ڪوشش آھي تہ ڪئين بہ ڪري اھا شي ثابت ڪرائجي تہ ھن ملڪ کي ھلائڻ جي لاءِ آخري آپشن عمران خان آھي
پي ڊي ايم جي فورم تي ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي آن لائين ئي سھي پر گڏجي ويھڻ واري فيصلي حڪومت کي 220 وولٽ جو جھٽڪو ڏنو ھوندو ڇاڪاڻ جوحڪومت مسلسل ٽن ڏينھن کان بلاول ڀٽو زرداري جي انٽرويو کي پنھنجي خواھش موجب لفظن جو روپ ڏئي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي تہ پي ڊي ايم اتحاد ختم ٿي ويو، رڳو اعلان باقي ڪرڻو آھي،بلاول ڀٽو جنھن سياسي اڳواڻ يعني ميان نواز شريف جي حوالي سان ڳالھ ڪئي آھي انھن مان ڪنھن کي اعتراض ناھي،انھي جي پارٽي کي ڪا وضاحت ڪرڻ جي ضرورت بہ محسوس نہ ٿي آھي پر ھتان شيخ رشيد سميت حڪومت جا اڻ ڳڻيا ترجمان صفا ڦاٽيو ٿا پون، حالانڪہ جيڪڏھن غور ڪجي تہ بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالھ نواز شريف جي ڳالھ کان ٻہ ھٿ وڌيڪ وزنائتي آھي، بلاول ڀٽو چيو آھي تہ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي اھو طئي ٿيو ھو تہ سڀ جا سڀ ماڻھو يعني اتحادي اسٽبلشمنيٽ کي ھن سموري صورتحال جو ذميوار قرار ڏيندا، يعني ڪنھن ھڪ ٻن ماڻھن جو نالو وٺي اسٽبلشمنيٽ کي آجو نٿو ڪري سگھجي. انھي کانپوءِ ھن جو موقف اھو آھي تہ نواز شريف جي مرضي آھي جيڪا وڻي اھا ڳالھ ڪري،بلاول ڀٽو نواز شريف کان ڪا وضاحت يا ثبوت نہ گهريا آھن، پر اھو چيو اٿس تہ نواز شريف ٻن وڏن جي ڳالھ ڪئي آھي تہ پڪ سان وٽس ثبوت ھوندس، ھلو جيڪڏھن ثبوت ناھن تہ ڇا پيپلز پارٽي انھي جي بنياد تي پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويندي؟ منھنجو خيال آھي تہ بلڪل نہ ٿيندي انھي جو ڪارڻ اھو آھي جو پي ڊي ايم پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس مان جنم ورتو آھي، ٻي ڳالھ اھا آھي تہ 11 پارٽين جي اتحاد مان ڪنھن ھڪ پارٽي جي نڪرڻ سان اتحاد ختم نہ ٿيندو،ٽي ڳالھ اھا آھي تہ پيپلز پارٽي سياست کي سمجھي ٿي، ھن موقعي تي ھو کڻي ڪوشش بہ ڪري پر سولو فلائٽ ڪرڻ جي ڪري چئن ڏينھن جي چاندني جي چڪر ۾ ماضي جيان وڌيڪ سوڙھي ٿيندي،اھا خبر پيپلزپارٽي جي قيادت کي بہ آھي تہ اتحاد مان نڪرڻ ۽ اڪيلو ٿيڻ حڪومت يا انھن جي حامين ساٿين ۽ امپائرن جي خواھش آھي.
ھاڻ اچون ٿا تہ ناڪامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل حڪومت جي پريشاني جي اصلي ڪارڻ ، انھي پريشاني مان جند آجي ڪرائڻ جي لاءِ ھٿوراڙيون ھڻڻ واري عمل، پنھنجي خلاف احتجاج جو رخ ٻي پاسي موڙڻ ۽ پنھنجي جان خلاصي ڪرائڻ واري ھربن تي، پي ڊي ايم پليٽ فارم تان ميان نواز شريف، مولانا فضل الرحمان اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي جي سخت قسم جي تقريرن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم سان گڏ مراد سعيد، شھباز گل، فياض چوھاڻ، شيخ رشيد ۽ ھاڻ انھي ٽيم ۾ وري فردوس عاشق اعواڻ شامل ٿي چڪي آھي اھي سڀ پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ نواز شريف جي بيانئي جو رخ ٻي پاسي ڪرڻ جي پويان آھن،
اپوزيشن پنھنجي بيانن ذريعي مقتدر قوتن تي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري عمران خان کي ملڪ مٿان مڙھڻ جا الزام ھنيا آھن يا پاپا جون پيزا جي مالڪ ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي ھاڻوڪي چئرمين مٿان غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، انھن سمورن الزامن جي باوجود مقتدر قوتون خاموش آھن، اڳ ۾ ٿوري بہ بيان تي رد عمل اچي ويندو ھو پر ھن صورتحال۾ مسلسل خاموشي آھي پر جيڪڏھن ڪاوڙ آھي تہ احمد فراز جھڙي وڏي جمھوري شاعر جي پٽ شبلي فراز آھي، انھي بيانئي تي ڏمريل آھي تہ علامہ اقبال جي پوٽي وليد اقبال آھي انھي بيانئي تي حڪومت بدران حڪومت آڻيندڙ جا ترجمان بڻجڻ جو ٺيڪو وزيرن، مشيرن ۽ معاونن کڻي ورتو آھي، وزيراعظم وري روزاني انھن ترجمانن سان اجلاس ڪريو زور پيو ڏي تہ ٿورو اڃان زور سان بيان ڏئي اپوزيشن کي سبق سيکاريو، جيڪڏھن حڪومت اپوزيشن جي انھي احتجاج جي رد عمل ۾ ڪجھ ڪري ڏيکاري ھا تہ ٻي ڳالھ ھئي پر حڪومت اپوزيشن جي احتجاج تي رڳو ڪاوڙ ئي ڏيکاري آھي.ھاڻ تہ حڪومت جا اتحادي بہ چئي رھيا آھن تہ اسان وزيراعظم نہ پر ان کي آڻيندڙن جا اتحادي آھيون، عمران خان عوام جي لاءِ ٻن سالن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو بہ نہ ڪيو آھي، سچي ڳالھ بہ اھا آھي تہ پوئين سوا ٻن سالن ۾ حڪومت عوام کي آخر ڇا ڏنو؟عمران خان وعدا، نعرا، اعلان، بيان، آسرا سڀ جا سڀ ڪوڙ ۽ رڳو ڪوڙ ثابت ٿيا آھن،تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ شرط پنھنجي سليڪٽرز جي مدد، تعاون، مشاورت، ھدايتن ۽ حڪم تي ھلڻ سان گڏ پھريون ڏيڍ سال اپوزيشن کي ڌمڪائي، دٻائي، ديوارسان لڳائي ڪڍي ويو، انھي سموري عرصي اندر بس ھن اھو ئي ڪم ڪيو، پر ٻي سالي جي آخري ڇھن مھينن حڪومت يا سليڪٽرز اپوزيشن کي ڊائيلاگ، فائدن، جھانسن، آسرن ۽ سونھري مستقبل جي بھاني سان مصروف ڪري عمران خان جي رستي جا ڪنڊا صاف ڪيا ويا پر انھن ڇھن مھينن سميت پورن ٻن سالن ۾ جڏھن اھو ڏٺو ويو تہ ملڪ سکيو ستابو نہ ٿيو، ھر مھيني ٻہ ارب ڊالرن جي ڪرپشن جي مجرمن کي جيلن ۾ وجھڻ کانپوءِ بہ ڪرپشن بند نہ ٿي ، سوئيز بئنڪن ۾سوين ارب ڊالر بہ واپس آڻڻ جا واعدا ٿيا رپيو واپس نہ آيو، ، آئي ايم ايف جي منھن پئسا ھڻڻ بدران وزيراعظم انھي ساڳي عالمي اداري جي آڏو ڪستو کڻي بيھي رھيو،چورن وزيراعظم ھجي تہ ماڻھو ٽيڪس نٿا ڏين،پر ايماندار وزيراعظم ھوندي بہ ٽيڪس اوڳاڙي جو ٽارگيٽ پورو نہ ٿي سگھيو، زرعي ملڪ ڪڻڪ ۽ کنڊ امپورٽ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو عالمي سطح تي وزيراعظم جي پرڏيھي پاليسي سان ڪشمير کسجي ويو، سعودي عرب، چين، افغانستان ۽ ايران پاڪستان کان ذري گهٽ منھن موڙي چڪا آھن،فنڊ وٺڻ جي ماھر وزيراعظم کي سمنڊ پار پاڪستانين ڊيمن جي لاءِ فنڊ ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو،وزيراعظم جي ڪابينا جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن تي ڪرپشن جا الزام لڳا،کين ھٽايو ويو عھدا تبديل ڪيا ويا، پر انھن جي خلاف ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي آھي، نيب جي ٻٽي روئي، احتساب جي نالي ۾ انتقامي ڪارروائين سميت سموري سياسي نظام، سياسي ڪلچر جي منھن ۾ ڌوڙ وجھڻ وارا سوين تجربا ڪرڻ جي باوجود ايماندار وزيراعظم ناڪام ناڪام ۽ ناڪام ٿيندو رھيو. انھي ناڪامي کي لڪائڻ يا ٻي پاسي رخ موڙڻ جي لاءِ عمران خان انگريز جي ڊوائيڊ اينڊ رول واري پاليسي اختيار ڪري اپوزيشن کي اسٽبلشمينٽ سان ويڙھائي سمورين سياسي پارٽين کي ڌڪي اڪيلو راڄ ڪرڻ گهري ٿوپر اھو ممڪن ناھي، ڇاڪاڻ جو ھاڻ وزيراعظم بہ ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھيو آھي. انھي جي ڪمزوري جو ھڪ ثبوت ھن جو اتحادين کي ھڪ ھنڌ گڏائي ويھڻ ، انھن جون شڪوا شڪاتيون ٻڌڻ، انھن کي آسرا اميدون ڏيکارڻ آھي، نہ حمل فقير واري ڳالھ اسين پاڻ اتامرا، ڪڍون نہ ڪنھن جي ڪاڻ،وزيراعظم عمران خان جو مزاج سندس ھوڏ، انا، طبيعت ۽ ان ۾ جيڪا آڪڙ آھي اھا ھاڻ آھستي آھستي ختم ٿيندي نظر اچي رھي آھي، وزيراعظم جو اتحادين کي دعوت ڏئي گهرائڻ انھن جون شڪايتون ٻڌڻ، انھن جا طعنا مھڻا ٻڌڻ مان لڳي پيو تہ ھاڻ وزيراعظم انھن اتحادين تي ڀاڙڻ جو ذھن ٺاھي ورتو آھي جيڪي اتحادي کيس ٺاھي ڏنا ويا ھئا انھي جو ٻيو مطلب اھو آھي تہ وزيراعظم عمران خان کي شايد اھا سڻس پئجي وئي آھي تہ اصل حاڪم اعلي ھاڻ ٻين پارٽين سان ڳالھائڻ يا ڊائلاگ ڪرڻ وڃي رھيو آھي، انھي جي ڪري حڪومت جي بقا جي لاءِ ضروري آھي تہ اتحادين جا ماڻا ٽاڻا کڻجن، وزيراعظم دل تي پٿر انھي جي ڪري رکيو آھي جو لڳي پيو تہ پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ٿيل تقريرون شايدسچي ثابت ٿي رھيون آھن تہ ھڪ صفحي جي ڳالھ ڪندڙ وزيراعظم کي اھو سمجھڻ گهرجي تہ اھو صفحو اٿلندي دير نٿي ٿئي ۽ شايد صورتحال انھي طرف ٿي وڃي رھي آھي، ٻيو اشارو ق ليگ جو وزيراعظم مان مانجھاندي بائڪاٽ آھي، ق ليگ يا ايم ڪيو ايم جھڙيون پارٽيون جيڪي سدائين پنھنجي خالقن جي اشاري کان سواءِ ڪو قدم نہ کڻنديون آھن ڪٿي پھرين مرحلي ۾ ق ليگ کي امپائر جو اشارو تہ نہ مليو آھي، ق ليگ جي انھي روش جي ڪري پارليامينٽ جي انگ اکرن مطابق بہ وزيراعظم جي سپورٽ مان پنج انگ کٽي وڃن ٿا، انھي صورت ۾ وزيراعظم جي ڪرسي ٽن ووٽن تي بيٺل آھي،جيڪڏھن وزيراعظم خلاف ڪو بي اعتمادي جي رٿ وارو منظرنامو سامھون اچي ٿو تہ ٽي ووٽ تہ آصف علي زرداري ئي ڦيرائي سگھي ٿو،ق ليگ جي غير موجودگي ۾ باقي اتحادين وزيراعظم سان جيڪو ڪم ڪيو اھو بہ وزيراعظم ياد رکندو،وزيراعظم جو اسٽبلشمينٽ سان ھڪ صفحي تي رھڻ وارو بيانيو پاڻ ڪمزور ٿيندو وڃي ڇاڪاڻ جو ھڪ صفحي وارا ھاڻ وزيراعظم جي کلي حمايت نہ پيا ڪن، حڪومت اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي مقتدر حلقن جي دفاع ۾ جيڪو ڳالھائي ٿي انھي سان بہ انھن حلقن جي خواري وڌي رھي آھي،ٻيو تہ پي ڊي ايم جي جلسن ڏانھن عوام جو رخ، انھن جلسن ۾ ٿيندڙ تقريرون، عوام ۾ حڪومت بدران حڪومت کي آڻيندڙن جي خلاف تنقيد ۽ انھن جي خلاف سرعام ڳالھائڻ کي ڪيتري حد تائين برداشت ڪري سگھجي ٿو؟
جڏھن شيخ رشيد اھو چوي تہ جيڪڏھن اپوزيشن کي سياسي ويڙھ ڪرڻي آھي تہ عمران خان ھو ويٺو آھي ڀلي زور لڳايو. انھي مان مراد اھا ئي ورتي پئي وڃي تہ ھنن اھو نياپو موڪليو آھي تہ سياسي زورآزمائي جو آپشن آھي، ڀلي ايوان ۾ تبديلي آڻيو اسان وچ ۾ نہ اينداسين پر اسان جو نالو نہ وٺو. ھڪ ٻي شي بہ اھم آھي، نواز شريف، آصف علي زرداري يا مولانا فضل الرحمان جيڪو ڪجھ ڪن پيا انھن کي اندر يا ٻاھران ڪٿان تہ ڪو آسرو ڪا گارنٽي ھوندي يا سمورو قصو ائين پيو ھلي؟ جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ مقتدر حلقا پس منظر ۾ انھن سمورين ڌرين سان الڳ الڳ ڳالھيون ڪرڻ تي مجبور ڇو ٿين ھا؟ خابرو حلقن وٽ ڄاڻ آھي تہ ھڪ ئي وقت سمورين پارٽين سان پنھنجي پنھنجي حيثيت مطابق ڳالھيون ٿي رھيون آھن، ڪنھن کي گلگت بلتستان کٽڻ جو ٽاسڪ آھي، ڪنھن کي وري ڪنھن وڏي جي استعيفي جو آسرو ڏئي ڳالھيون اڳتي ھلايون پيون وڃن، سياست ڊائلاگ جو نالو آھي، اپوزيشن سان ڳالھيون خود ننڍي پئماني جو سرينڊر آھي پر پي ڊي ايم انھي تي راضي ناھي، اپوزيشن ڳالھين جي لاءِ ھڪ ذھن ٺاھيو آھي ڳالھين جو مرڪز شفاف چونڊون ، سياسي انتقام جو خاتمو، چونڊن ۾ ھيراُڦيري ڪندڙ ۽ سياسي پارٽين کي ديوار سان لڳائڻ وارن جو ڪردار ختم ڪرڻ، اليڪشن سڌارن، اليڪشن ڪميشن جي شفاف ڪردار ۽ اليڪشن جي نتيجي ۾ ايندڙ حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت ختم ڪري پارليامينٽ کي حقيقي معني ۾ پاليسي ساز ادارو ٺاھڻ آھي، اپوزيشن پارٽين سان اڳ ۾ ڳالھيون عمران خان جي حڪومتي بقا جي لاءِ ھونديون ھيون پر ھاڻ انھن ڳالھين جو رخ مٽجي چڪو آھي،ڪجھ حلقن جو چوڻ آھي تہ ھنن ڳالھين ۾ نواز شريف جو اھم ڪردار انھي جي ڪري آھي جو اڌ پاڪستان يعني پنجاب جو سياستدان آھي انھي جي ڪري ھن ٻن وڏن جي استعيفي جو شرط رکيو بعد ۾ ھڪ ٽئين وڏي يعني وزيراعظم کي بہ انھي لسٽ ۾ شامل ڪري شرط رکيو تہ ڳالھين ۾ نيڪ نيتي جاچڻ جو پئمانو اھوآھي تہ انھن مان ڪو ھڪ استعيفي ڏئي گهر وڃي، جڏھن کيس آڇ ڪئي وئي تہ بلوچستان ۾ نواز ليگ حڪومت جي خاتمي جو الزام جنھن شخصيت تي ھنيوويو آھي انھي جي استعفي تي راضي ٿي وڃون جنھن تي نواز شريف جواب ڏنو آھي تہ انھي جي رڳو استعيفي ڇو انھي جو احتساب ڪري کيس ائين جيل ۾ وجھو جئين سياستدانن جو احتساب ڪيو ٿو وڃي، مقتدر حلقن جو اپوزيشن سان ڊائلاگ شروع ڪرڻ وارو عمل انھي ڳالھ جو اشارو ڏي ٿو تہ واقعي بہ شيخ رشيد يا عمران خان وارو اھو صفحو ھاڻ اٿلي چڪو آھي،اتحادين ۾ ٽوڙڦوڙ، وزيراعظم جون ڦڙتيون، اتحادين آڏو جھڪي پوڻ،کين خالي کوکلا آسرا ڏيڻ وقت گذاري وارا سمورا ھربا ،، اپوزيشن جي بليڪ ميلنگ بابت اتحادين کي دانھن ڏيڻ وارا سمورا اشارا ٻڌائين پيا تہ ڪپتان جو پتو ڪٽجڻ وارو آھي، وزيراعظم کي بہ اھا خبر آھي پر ھو دل جي ڳالھ ڪري نٿو سگھي، ھو اھو نہ پيو ٻڌائي تہ اصل ۾ کيس بليڪ ميل ڪير پيو ڪري؟جيڪڏھن اپوزيشن بہ پنھنجي شرطن تي گرينڊ ڊائيلاگ جو ذھن ٺاھي ڇڏيو آھي، مقتدر حلقن عمران خان تان ھٿ کڻي ڇڏيو آھي تہ پوءِ نہ گهٻرائڻ جا درس ڏيندڙ ۽ ناڪامين جي ڄار ۾ ڦاٿل وزيراعظم ۽ سندس حڪومت جي لاءِ گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪوآھي.