ابراھيم ڪنڀر
اسلام آباد ۾ عمران خان پنھنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ ڪنھن حد تائين وڃي سگھي ٿو؟ ھن وقت ٻين سمورن معاملن سان گڏ انھي تي بہ بحث جاري آھي، اسلام آباد ۾ پارليامينٽ لاجز اندر جيڪو پوليس آپريشن ٿيو آھي اھڙو آپريشن شايد ضياالحق جي زماني ۾ بہ نہ ٿيو پرويز مشرف جي دور ۾ جاويد ھاشمي کي اھڙي نموني ضرور کنڀيو ويو پر وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وزيرن جي لھجي ۾ ايڏي آڪڙ ۽ ڪاوڙ اچي وئي آھي جيڪا انھي وقت ئي ايندي آھي جڏھن ھٿ مان ڪا شي نڪرندي نظر ايندي آھي ۽ ماڻھو جو انھي تي اختيار نہ ھجي. وزيراعظم کي آڻڻ جي لاءِ جھڙي ريت آئين طريقيڪار واضع ڪيو آھي ساڳيو طريقيڪار وزيراعظم، صدر، چيف جسٽس آف پاڪستان سميت سمورن آئيني عھديدارن کي ڪڍڻ جي لاءِ بہ واضع ڪيو ويو آھي،جيڪڏھن وزيراعظم پاڻ کي مڪمل ۽ حقيقي معني ۾ جمھوري شخص سمجھي ٿو تہ اپوزيشن کي خوشي خوشي انھن جو جمھوري حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏي پر وزيراعظم پھرين ڏينھن کان جمھوري ذھنيت تہ ڇا پر سياسي ذھنيت کان بہ گهڻو ڏور نظر آيو آھي، وزيراعظم جي ھاڻوڪي ڪاوڙ اجائي ناھي ڇو جو وزيراعظم جيڪو ديوار جي پويان سڀ ڪجھ ڏسي سگھندو ھو اھو ٻيو تہ ڪجھ بہ پر ديوار تي جيڪو لکيو پيو آھي اھو پڙھي رھيو آھي، وزيراعظم کي پھرين ڏينھن کان يقين ھو تہ سندس ڪرسي مضبوط آھي،جيڪا ھاڻ واري صورتحال آھي انھي ۾ وزيراعظم حقيقت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ھر ھنڌ چئي رھيو آھي تہ مون کي ڪو خطرو ناھي، يعني ٻين لفظن ۾ ھو چئي رھيو آھي تہ ھن جي حڪومت کي ڪو خطرو ناھي ۽ سندس ڪرسي مضبوط آھي، ذوالفقار ڀٽو شھيد جي ڪرسي کان وڌيڪ ڪرسي ڪنھن جي مضبوط ھئي؟ ميان نواز شريف ٻہ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کڻي آيو ھو پر ڪرسي وفا ڪندي ئي ناھي، سو انھي ڳالھ کي تسليم ڪري وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ پيش بي اعتمادي رٿ تي جمھوري انداز ۾ ووٽنگ جي اجازت ڏي.
ھڪ ڀيرو آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي حڪومتي ميمبرن جي ھڪ ڪمنٽ جو جواب ڏيندي چيو ھو تہ اوھان جي حڪومت کي ڊاھڻ جي اسان کي ضرورت ئي ناھي اوھان پاڻ ئي پنھنجي حڪومت ڪيرائيندا ۽ اھا شي حڪومت جي اعلي عھديدارن پنھنجي عمل سان ڪري ڏيکاريو آھي، وزيراعظم بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اسپيڪر کي معاملو اينگھائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. آئين جي آرٽيڪل 63 ون فلور ڪراسنگ واري معاملي تي پنھنجي من پسند تشريح ڪري رھي آھي،پارليامينٽ لاجز تي پوليس جي چڙھائي کان وٺي وزيراعظم عمران خان جا پنھنجا بيان ڏسي وٺو، وزيراعظم بندوق جي نالي آصف علي زرداري ڏانھن ڪيو ويٺو آھي، سندس گهرو وزير مولانا فضل الرحمان کي کليون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي تہ ھو کيس چيڀاٽي ڇڏيندو.اپوزيشن تہ جمھوري اختيار استعمال ڪيو انھي جو نتيجو نڪرڻ کان اڳ جيڪي اثر نڪتا آھن اھي ئي تحريڪ انصاف ۽ انھي جي حڪومت جي لاءِ ڪافي تڪليف ڏيندڙ آھي، ڇاڪاڻ جو تحريڪ انصاف ڇڙوڇڙ ٿي چڪي آھي، جھانگير ترين جو پراڻو ڌڙو اڳ ۾ ھو، مٿان عليم خان پنھنجو گروپ ٺاھي چڪو آھي، عليم خان جي حوالي سان اڻ تصديق ٿيل خبرون آيون آھن تہ عليم خان جي ميان نواز شريف سان ملاقات ٿي آھي عين ممڪن آھي تہ عليم خان نواز ليگ ۾ شامل ٿي وڃي.
ھڪ پاسي وزيراعظم صاحب چئي رھيو آھي تہ اپوزيشن تمام ڀلو ڪم ڪيو آھي مون انھي ڏينھن جو انتظار پئي ڪيو اھو اپوزيشن جو آخري وار آھي جنھن ۾ اپوزيشن ناڪام ٿيندي انھي جي لاءِ آئون تيار آھيان پر اپوزيشن بہ ٻڌائي انھي بي اعتمادي رٿ ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ آئون جيڪو ڪجھ ھنن سان ڪندس ڇا ھو انھي جي لاءِ تيار آھن، حڪومت جا ڪجھ وزير پريس ڪانفرنسز ۾ اھو چئي رھيا آھن تہ اسپيڪر جلدي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائي تہ ھي معاملو ھڪ پاسي ٿي وڃي ۽ اپوزيشن کي عبرتناڪ شڪست ملي سگھي، پر ٻي پاسي جي صورتحال انھي جي ابتڙ آھي، بابر اعواڻ جھڙا وزيراعظم جي صلاحڪار وزيراعظم کي ابتيون سبتيون صلاحون ڏئي رھيا آھن، انفارميشن وزير تہ اسپيڪر کي چيو آھي تہ آئيني ۽ قانوني اعتبار کان جيترو ھن معاملي کي اينگھائي سگھجي اوترو اينگھائجي پر آخر ڪيستائين وڌ ۾ وڌ معاملو 24 مارچ تائين کڻي وڃي سگھجي ٿو ۽ اصل اسڪرپٽ بہ 24 تاريخ جو ئي آھي، ڇاڪاڻ جو ان کان او آئي سي جي اجلاس لاءِ ملڪ ۾ وزيراعظم جي موجودگي ضروري آھي، 23 مارچ جي پريڊ جي لاءِ بہ وزيراعظم جو ھجڻ ھڪ ضرورت آھي،پر حڪومت اصل مذاق تہ آئين سان ڪري رھي آھي، حڪومت باقي ادارن کي تہ پنھنجي مرضي سان اپوزيشن جي خلاف استعمال ڪندي رھي آھي پر ھاڻ سپريم ڪورٽ يا ھائيڪورٽ جي آئيني تشريح وارو ڪم بہ پنھنجي ھٿن ۾ کڻي ورتو آھي انھي جي ڪري پنھنجي اسيمبلي ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ جي ڏينھن تي اسيمبلي اچڻ کان روڪيو بہ ويو آھي پر انھي سان گڏ اسپيڪر کي اھو اختيار ڏنو ويو آھي تہ جيڪڏھن ھو چاھي تہ ڪنھن بہ اسيمبلي ميمبر کي ووٽ جي حق کان محروم ڪري سگھي ٿو يا وري ھڪ مشورو اھو ڏنو ويو آھي تہ جيڪڏھن اسپيڪر چاھي تہ انھي ووٽ کي ڀلي نہ ڳڻي، بي اعتمادي رٿ يا فلور ڪراسنگ جي لاءِ آئين ۾ واضع طريقيڪار آھي ڪنھن ميمبرن جي خلاف ڪارروائي انھي صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن فلور ڪراسنگ ڪري چڪي،، سموري ڪارروائي انھي کانپوءِ شروع ٿيندي، جيڪڏھن فرض ڪجي تہ وزيراعظم صاحب ڪنھن بہ ميمبر کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ کان روڪي ٿو تہ انھي تي اليڪشن قانون لاڳو ٿيندو جيڪڏھن اسپيڪر ائين ڪري ٿو تہ انھي خلاف بہ ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ جو آئين جتي فلور ڪراسنگ جي خلاف ڳالھ ڪري ٿو اتي اھو بہ واضع ڪري ٿو تہ اھو ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ ، انھي کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ ۽ انھي جو نتيجو نڪرڻ کان پوءِ انھي ميمبر جي خلاف ڪارروائي ٿي سگھي ٿي، ڪارروائي بہ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آھي.ھن وقت وزيرااعظم صاحب جيڪو سدائين پاڻ کي ھڪ پرفڪيٽ، اعلي قسم جو آدرشي ۽ عقل ڪل سمجھندو رھيو آھي انھي کي جيڪي بہ قانوني يا آئيني ماھر انھي قسم جي صلاح ڏئي رھيا آھن انھي مان لڳي پيو تہ اھي وزيراعظم کي مستقبل ۾ ڪنھن وڏي ڏچي ۾ وجھڻ جي چڪر ۾ آھن. اھي سڀ طور طريقا بي اعتمادي رٿ کي غير جمھوري، غير قانوني ۽ غير آئيني انداز ۾ ناڪام ڪرڻ وارا آھن، يعني وزيراعظم جي تقريرن مان ھاڻ اھو لڳي رھيو آھي تہ ھو پنھنجي ڪرسي بچائڻ جي لاءِ ڪنھن بہ حد تائين وڃي سگھي ٿو.
ھن سموري صورتحال ۾ جتي تحريڪ انصاف جي اندر گھوٽالو متل آھي اتي حڪومتي اتحادين جو رويو بہ سڀني جي سامھون آھي پر جئين تہ خانصاحب سياسي سوچ،فھم، دانش وارو ماڻھو ناھي انھي جي ڪري ھو اتحادين وٽ وڃي ٿو پر اتي ڪنھن کي اھو نٿو چوي تہ ھن مشڪل مرحلي مان مون کي ڪڍو، مثال طور ھو ق ليگ جي قيادت وٽ ويو، ايم ڪيو ايم وٽ ويو، ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن واضع اعلان ڪيو تہ وزيراعظم صاحب ھنن کان بي اعتمادي رٿ ۾ مدد طلب نہ ڪئي پر سڀ ڪو سمجھي ٿو تہ وزيراعظم انھي نيڪ جذبي سان وٽن ويو پر سندس آڪڙ، گھمنڊ، انا اجازت نٿي ڏي تہ ھو پنھنجي اتحادين جي آڏو ھٿ پکيڙي، وزيراعظم کي انھي قسم جي مفاھمتي سياست جي خبر بہ ناھي انھي جو ڪارڻ آھي جو ھو حڪومت ٺاھڻ جي لاءِ ڪنھن اتحادي وٽ نہ ويو ھو پر سگھارين قوتن اتحادين کي عمران خان ڏانھن موڪليو، سڀ ڪم ٻاھران ٻاھران ۽ مٿان مٿان ٿي رھيا ھئا ھن جي جيڪا سھولتڪاري ٿي رھي آھي انھي وزيراعظم کي اھڙو ڪري ڇڏيو جو سياسي طور ھن ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو، گھمنڊ ۾ رھندي فيصلا ڪيا، ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران سياسي مخالفن جي پويان لٺ کڻي ڪاھي پيو نتيجي طور ملڪي ترقي رڪجي وئي، آخر ۾ اھو ھٿ مٿان کڄي ويو… ھاڻ جڏھن وزيراعظم کي بطور سياستدان جوڙ توڙ ڪرڻ جي ضرورت پئي آھي تہ اھو ڏانون وٽس موجود ناھي،، ھن جي سموري حڪومت ۾ ھڪڙو انھي قسم جو سياستدان شاھ محمود قريشي آھي جيڪو صفا لاتعلق بڻيو ويٺو آھي،خطري جي حڪومت کي بہ خبر آھي انھي جي ڪري ھن ڪافي وفد مختلف پارٽين جي قيادت وٽ موڪليا آھن پر نتيجو ٻڙي آھي، اسيمبلي وارن انگ اکرن، اپوزيشڻ جي اعتماد ۽ عمران خان کي آڻيندڙ ادارن جي غير جانبداري جي ڪري حڪومت کي پڪ ٿي چڪي آھي تہ معاملو خراب آھي انھي جي ڪري ھاڻ سموري حڪومتي مشينري ڦٿڪي رھي آھي،پارليمينٽ لاجز تي پوليس جي چڙھائي جي وقت آئي ايس پي آر جي ترجمان واضع ڪري ڇڏيو تہ ھنن جو سياست سان ڪو تعلق ناھي، انھي جي ڪري وزيراعظم ھوائي فوج جي تقريب ۾ اھو اعتماد ڏياري رھيو ھو تہ ملڪي صورتحال بھتري طرف وڃي آھي دفاعي بجيٽ بہ وڌائي ڏينداسين، ھن سموري صورتحال ۾ عمران خان پنھنجي ڪرسي بچائڻ خاطر آخر ۾ انھي حد تائين بہ وڃي سگھي ٿو تہ ڪو اھڙو آئيني بحران اچي وڃي جو وچين قوت کي اڳيان اچڻو پوي،، انھي ۾ عمران خان جو نقصان ناھي نقصان آھي تہ سياسي نظام جو نقصان ٿيندو،
عمران خان مان اھا اميد ڪري سگھجي ٿي تہ ھو پنھنجي نقصان کي ڏسي سموري ملڪ کي غير جمھوري انداز سان نقصان بہ رسائي سگھي ٿو.