ابراھيم ڪنڀر
پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ ٻن سالن جي جيل ڪاٽڻ کانپوءِ ضمانت منظور ٿي چڪي آھي، پي پي جي ھن اڳواڻ جي بہ ضمانت درخواست بہ ڪنھن فٽ بال مثل ھئي،اھو فٽ بال ڪڏھن نيب، ڪڏھن ھائيڪورٽ ڪڏھن سپريم ڪورٽ ڪڏھن وري واپس ھائيڪورٽ وري سپريم ڪورٽ جي انصاف ڀرئي اڱڻ تي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيندو رھيو، نيب قانون ۾ ترميمي آرڊننس توڙي نيب چئرمين جي مدي ۾ اڻ ڄاتل وقت تائين واڌ واري صدارتي آرڊيننس کي ھائيڪورٽ ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي حڪومت کان جواب طلبي ڪري ورتو آھي،ڊي جي آئي ايس آئي جي مقرري جو نوٽفڪيشن ڪالھ 15 ڏينھن گذرڻ جي باوجود نہ نڪري سگھيو آھي، گهرو وزيرشيخ رشيد دعوا ڪئي ھئي تہ 12 ربيع الاول گذرڻ جي ٻي ڏينھن نوٽفڪيشن نڪري ويندي، ڪالھ وري ساڳي سوال جو جواب گول ڪندي ھن چيو تہ اھو فواد چوڌري کان وڃي پڇيو،اھي اسلام آباد جي تازين خبرن مان ڪجھ خبرون ھيون. پاڻ ھنن صفحن تي پنھنجي مضمونن ۾ سدائين حڪومت يا اپوزيشن جي حوالي سان کوڙ خبرون ڪندا آھيون، سوال پڇندا آھيون تنقيد بہ ڪندا آھيون پر انھن حوالن ۾ ڪيترائي اھم ۽ بنيادي نوعيت جا معاملا رھجي وڃن ٿا جن ۾ تعليم روزگار، ڪوٽا، داخلائن سميت ٻين اشوز تي جيڪي ناانصافيون ٿي رھيون آھن.، انصاف ۽ شفافيت جي نالي ۾ جيڪا ٺڳي، ناانصافي ۽ فراڊ ٿئي ٿو اھي سمورا معاملا رھجي وڃن ٿا، ڪنھن مضمون ۾ انھي سموري قصي جو ذڪر ڪنداسين.
اڄوڪو مضمون نيب ترميمي آرڊيننس جي حوالي سان آھي پر انھي تي اچڻ کان اڳ انھي نوٽفڪيشن جو ذڪر ضرور ڪيو ويندو جنھن جو شدت ۽ بيتابي سان انتطار ٿي رھيو آھي،.پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنھن اعلي سطحي مقرري جي نوٽفڪيشن جو ايترو انتظار ڪڏھن ناھي ٿيو، يا راولپنڊي پاڻ ڪڏھن ايڏي بي صبري سان انھي صورتحال مان ناھي گذريو، انھي حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو ويو آھي، اھو بہ لکيو ويو آھي تہ انھي ساڳي راولپنڊي جو ٻين وزيراعظمن يا سول حڪومت سان ڪھڙو رويو آھي رھيو آھي، ھن ھيڏي مونجھائيندڙ، غير يقيني،عدم استحڪام واري صورتحال ۽ وزيراعظم جي ھوڏ جي باوجود کيس ايتري رعايت ڪئين ڇو ۽ ڇا لاءِ ملي رھي آھي؟ انھي تي مون کي حمل فقير جو بيت ياد اچي رھيو آھي، پاڪستاني تاريخ خاص طور جنرل ضياالحق جي دور کانپوءِ اسلام آباد يا راولپنڊي جي وچ ۾ ڪڏھن بہ انھي قسم جي صورتحال پيدا ٿي تہ انھي ۾ ايترو صبر ڪڏھن نہ ڪيو ويو آھي، اڳ ۾ ماضي جي حڪومتن جي لاءِ راولپنڊي واضع لفظن ۾ چوندي رھي آھي تہ” اسين پاڻ اتامرا ڪڍون نہ ڪنھن جي ڪاڻ“.پر ھن ڀيري اھو سڀ ڪجھ الٽ ٿيندي محسوس ٿي رھيو آھي ھاڻوڪي صورتحال ۾ وري حمل فقير جي بيت جون آخري سٽون ٺھڪن ٿيون تہ ”سرھي ساجڻ ڪاڻ اسان ڪاڻون ڪڍون ٻين جون“. سرھي ھي سرھائي ڪيتري دير ٿي ھلي اھي خبرون بہ جلدي پئجي وينديون.
ڇھ آڪٽوبر تي نيب جو آرڊيننس جاري ٿيو آھي، انھي آرڊيننس جي حوالي سان ٻہ ڳالھيون چيون پيون وڃن ھڪ ڳالھ اھا تہ حڪومت کي اھو باور ڪرايو ويو تہ اوھان ٽي چار ناڻي جا وزير تبديل ڪيا، ٽي چار معاشي ٽيمون تبديل ڪيون، اوھان جي اسان ھر ممڪن مدد ڪئي اوھان جي ڪارڻ اسان ڪشتو ڳچي ۾ وجھي دوست ملڪن وٽ وياسين، اوھان ھيترو قرض کنيو انھي جي باوجود ملڪ معاشي طور پوئتي پيو وڃي تہ انھي مان مراد تہ خرابي ڪٿي ٻي ھنڌ آھي.نيب آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ اڃان تائين حڪومت پاڻ منجھيل آھي تہ انھي آرڊيننس جو اثر ڇا ٿيندو؟ نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟ ڇاڪاڻ جو گذريل ڏينھن نيب جي پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ ۾ اھو بيان ڏنو آھي تہ آمدني کان مٿي اثاثن جا ڪيس نيب جي دائري ۾ اچن ٿا يا نہ انھي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ حڪومت ڪميٽي ويھاري ڇڏي آھي، انھي نيب آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ نيب جي ھيڊڪوارٽر طرفان ريجنل آفيسن کي خط لکي ٻڌايو ويو آھي تہ في الحال ڪنھن بہ قسم جي ڪارروائي نہ ڪري جيڪو جتي آھي انھي ڪيس کي اتي رھڻ ڏنو وڃي، يعني عام ٻولي ۾ چئي سگھجي ٿو تہ ھن آرڊيننس کانپوءِ نيب مان اڌ ساھ نڪري ويو آھي،انھي آرڊيننس ۾ ڇا آھي انھي تي ڪجھ لکڻ کان اڳ ۾ جن ٻن ڳالھين جو پاڻ ذڪر ڪيو آھي انھن مان ھڪڙي ڳالھ اھا آھي تہ اھو آرڊيننس جاري ڪرائڻ جي پويان انھن قوتن جو ھٿ آھن جن قوتن عمران خان جو رستو صاف ڪرڻ جي لاءِ باقي اپوزيشن پارٽين کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪہ اھي ڪامياب ويون، عمران خان جي خلاف ڪنھن قسم جي تحريڪ نہ ھلي سگھي، عمران خان جي پارٽي يا انھن جي اتحادين کان سواءِ سمورين پارٽين جي مرڪزي قيادتن تي ڪيس مٿان ڪيس ٺوڪي ڪن کي جيلن ۾ ، ڪن کي نيب سيلن ۾ ڪن کي عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ويو.نيب کي درست طريقي سان استعمال ڪيو، يعني نيب کي سياسي انجئيرنگ جي لاءِ ٺاھيو ويو،انھي جو پھريون تجربو ميان نواز شريف ڪيو، انھي کانپوءِ وسيع پيماني تي نواز شريف جو تختو اونڌو ڪندڙن استعمال ڪيو،1999ع کان نيب کي ڍر پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي حڪومتن ۾ ملي، پر تحريڪ انصاف احتساب جي نالي تي بي رحماڻو انتقامي طريقيڪار اختيار استعمال ڪيو. نيب کي استعمال ڪرڻ عمران خان جي پوري معاونت، مدد ۽ سھڪار جي باوجود جڏھن تحريڪ انصاف حڪومت ڪي خاطر خواھ نتيجا ڏيڻ بدران ماڳھين پنھنجي محسنن جي ڳچي جو بار ٿيڻ لڳي تہ نيب جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جو چيو ويو ھو، اھو نيب جي ترميمي آرڊيننس جي پويان ھلندڙ ڪھاڻي جو ھڪ پاسو آھي. يعني انھي ڳالھ کي شدت سان محسوس ڪيو ويو تہ نيب جي ڪري واپاري طبقو، ڪاروباري ماڻھو، نجي ارب پتي، ڪامورا شاھي انتھائي خوفزدہ آھن انھي جي ڪري بھتر آھي تہ نيب جي قانون ۾ ڪجھ اھڙي تبديلي آندي وڃي جنھن سان اھو خوف لھي، انھي جي وچ ۾ ملڪ کي ڪيترو نقصان رسيو انھي تي ڳالھائڻ جي لاءِ ڪير تيار ناھي، اانھي نقصان جو ازالو ڪيئن ۽ ڪيترو جلدي ممڪن آھي انھي بابت بہ ڪجھ نٿو چئي سگھجي، رھيو سوال تہ نيب جي قانون ۾ اھا ترميم ڪنھن ڪئي آھي؟ حڪومت پاڻ ڪئي آھي يا حڪومت آڻيندڙن ڪئي آھي؟ جيڪڏھن حڪومت کي آڱر کان پڪڙي اقتداري سنگھاسن تي آڻيندڙن اھا تبديلي ڪئي آھي تہ انھي جو مطلب اھو بہ نڪري ٿو تہ انھن شايد سمجھي ورتو تہ ھاڻ ڪافي ٿي ويو، ھاڻ ڪجھ سياسي ٺاپر اچڻ گهرجي، ڪجھ سياسي استحڪام آڻڻ جي ڪوشش ڪجي من انھي جي صدقي معاشي ترقي جو ڦيٿو ڦري پوي؟ پر انتقام جي باھ ۾ سڙندڙ حڪومتي پاليسي، نيب جي ڪارروائين نقصان ايترو ٿي چڪو آھي جو ايندڙ ڪجھ سالن ۾ انھي جو پورائو مشڪل آھي، نيب جي آرڊيننس جي حوالي سان ٻي اھا بہ راءِ آھي تہ حڪومت سمجھي ورتو آھي تہ ھي ڪرسي سدائين رھڻي ناھي سڀاڻي جي خبر ناھي، حڪومت ڪنھن جي اچي ۽ اسان جي مٿان نوان ڪيس داخل ٿين انھي جي ڪري اھڙيون ترميمون ڪجن جنھن سان ايندڙ وقت ۾ اسان مٿان ڪيس نہ بيھن انھي جي ڪري وڏي ھوشياري ڪري نيب جي قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون آھن. نيب جي انھي قانون ۽ ان قانون ۾ لفظن جي ھيراڦيري کانپوءِ حڪمرانن اھو نتيجو ڪڍيو آھي تہ ھنن تي سڀاڻي ڪيس بيھندو ئي ڪونہ، پر ھو غلط پيا سوچين. ممڪن آھي تہ سڀاڻي ڪا بہ حڪومت ائين نہ سوچي جئين عمران خان يا سندس ڪابينا ٿي سوچي، ممڪن آھي تہ ڪا بہ نئين حڪومت سياسي استحڪام کي اولين ترجيح ڏئي جنھن جيڪو ڪيو اھو انھي کي ڦٻيو جي پاليسي اختيار ڪري،پر انھي جي باوجود جيڪڏھن ايندڙ حڪومت عمران خان سميت ڪنھن تي ڪيس ٺاھيو تہ اھي نيون نيب جون ترميمون انھي آڏو رڪاوٽ نہ بڻيبون.
ھتي اھا شي واضع ڪجي تہ نيب ترميمي آرڊيننس ۽ ڊي جي آئي ايس آئي جي بدلي جو اعلان ساڳي ڏينھن ٿيو، نيب ترميمي آرڊيننس صدارتي ايوان مان جاري ٿيو جڏھن تہ اعلي سطحي عسڪري عھديدارن جي بدلي جو اعلان آئي ايس پي آر ڪيو ھو،انھي جو پاڻ ۾ تعلق يا بي تعلقي انھي تي بحث بڻجي بہ ٿو پر پاڻ ڪريون نٿا،ھتي رڳو ھڪ يادگيري طور انھي جو حوالو ڏنو آھي تہ نيب ترميمي آرڊيننس ۽ فوجي آفيسرن جي بدلي جي تاريخ ھڪ آھي، ھاڻ مختصر انھي نيب ترميمي آرڊيننس جو جائزو وٺون ٿا جنھن ۾ شايد مستقبل ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت پنھنجي پناھ ڳولي رھي آھي، نيب قانون ۾ ٻہ ٽي مک تبديلون ڪيون ويون آھن، پھرين وڏي تبديلي تہ وفاقي، صوبائي ڪابينائن جي ڪيل فيصلن ۾ نيب ھٿ نہ وجھي سگھندو، وفاق، صوبن يا مڪاني ادارن جي ٽيڪس معاملن کي نيب نہ ڏسي سگھندو، ڪابينا سان گڏ حڪومتي ڪميٽين، ڪميٽين، اعلي سطحي سرڪاري ڪميٽين مثال طور اقتصادي رابطا ڪميٽي،گڏيل مفادن جي ڪائونسل، ايڪنڪ، سي ڊبي ڊبيلو پي، صوبائي ترقياتي ڪميٽيون، اين ايف سي،ڪنھن سرڪاري اداري جي بورڊ، ڪارپوريٽ بورڊ، ڪارپوريشن اٿارٽي يا مالياتي اداري جي فيصلن ۾ نيب جي ڪا مداخلت نہ ٿيندي،انھي سان گڏ نجي سطح تي ٿيندڙ ڪنھن بہ قسم جي ڏيتي ليتي سان نيب جو ڪو واسطو نہ ھوندو، قانون ۾ اھو بہ چيو ويو آھي تہ سرڪاري ڪم جي پروسيجيرل طريقيڪار، ڪنھن سرڪاري ڪم، منصوبي يا اسڪيم جي حوالي سان نيب ڪنھن آفيس جي وھنوار ۾ تيستائين مداخلت نہ ڪندي جيستائين انھي ڪم مان ڪنھن کي مالي يا ڪنھن قسم جو فائدو نہ پھتو ھجي، ڪنھن بہ سرڪاري ماڻھو، عوامي عھديدار جي نيڪ نيتي سان ڏنل راءِ، سفارش، رپورٽ تي بہ نيب تيستائين ڪا ڪارروائي نہ ڪندي جيستائين انھي ماڻھو کي مالي فائدو يا انھي جي خلاف ڪنھن قسم جي ڪرپشن جو ڪو ثبوت ھٿ نہ آيو ھجي، نئين ترميم کانپوءِ ڪاروباري ماڻھن، نجي ماڻھن ۽ سرڪاري يا عوامي عھديدارن جي خلاف نيب وٽ پيل سموريون انڪوائريز،جاچ، ڪيس لاڳاپيل اٿارٽيز، ادارن کاتن يا عدالتن وٽ منتقل ٿي وينديون،ھاڻ جيڪو ڪيس نيب وٽ يا نيب کانپوءِ عدالت ۾ ويندو تہ پھرين تہ ماڻھو جي نيت ڏسڻي پوندي تہ انھي نيڪ نيتي سان اھو ڪم ڪيو آھي يا بدنيتي سان ڪم ڪيو آھي، ھلو ھڪ لمحي جي لاءِ تسليم ٿا ڪريون تہ تحريڪ انصاف جي سموري حڪومت ايندڙ وقت ڪنھن بہ امڪاني ڪيس ۾ اھا پلي وٺي تہ ھنن جا سمورا ڪم نيڪ نيتي جي بنياد تي ھئا انھي جي ڪري اھو ڪيس بڻجي نٿو، پر ڇا اھو اھو واٽ ويندي يا ڪنھن نيب چئرمين يا ڪنھن جاچ آفيسر کي اتي ٻڌائيندا ۽ انھن جي جان اتي ئي خلاصي ٿي ويندي؟ اھو ڪم ايترو سولو ناھي جيترو تحريڪ انصاف سمجھي ٿي.
ھن آرڊيننس تحت جيڪا ٻي وڏي تبديلي ڪئي وئي آھي اھا نيب جي موجودہ چئرمين جي مستقلي آھي، يعني جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي نوڪري جي مدي ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين واڌ ڪئي وئي آھي، نيب قانون ۾ واضع آھي تہ نيب جو چئرمين وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان مقرر ڪيو ويندو انھي قانون کي آئيني تحفظ مليل آھي انھي جي ڪري اھا شڪ سڌي ريت آئين سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي، جسٽس جاويد اقبال کي اڻ ڄاتل مدي تائين رکڻ جي پويان خاص ڪارڻ اھو بہ آھي تہ ھن پنھنجي پوري عرصي ۾ ڪنھن حڪومتي عھديدار يا اتحادي جو نالو نہ ورتو، جيڪڏھن نالو ورتو تہ انھي جي خلاف ڪو ريفرنس داخل نہ ڪرايو، جيڪڏھن نالوورتو تہ اھو علامتي نالو ھو،حڪومت جو ڪو اتحادي اھڙو نہ ھو جنھن کي ھن پريشان ڪيو ھجي بلڪہ انھن جي جان خلاصي ڪئي انھن تي انڪوائريز کي ختم ڪيو ويو، انھي کانپوءِ فرمانبرداري جو اعلي مثال قائم ڪيو انھي جي ڪري تہ وزيراعظم سندس ساراھ ڪندو رھيو،اصل ۾ نيب قانون جي شڪل ۾ جيڪو وڏو بگاڙ آيو آھي اھو وزيراعظم جي انا جي تسڪين خاطر آيو آھي ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان پنھننجي سياسي مخالفن کي چور ڌاڙيل سمجھي ٿو، وزيراعظم احسان اللہ احسان کي وڏو دھشتگرد سمجھي انھي جي مفرور ٿيڻ تي انڪوائري جو اعلان ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگھي، وزيراعظم ڪالعدم تحريڪ طالبان جن جي ھٿن تي پاڪستان جي ھزارين ماڻھن جو خون آھي انھن سان ڳالھيون ڪرڻ انھن کي معاف ڪرڻ جي ڳالھ ڪري سگھي ٿو، پاڪستان جو وزيراعظم داعش جو حل افغاني طالبان وٽ ڏسي رھيو آھي، جيڪو مودي سان ڳالھائڻ جي آتو آھي، جيڪو جو بائيڊن جي فون جو بيتابي سان انتظار ڪري رھيو آھي، اھو پاڪستان جي اپوزيشن ليڊر سان ڳالھائڻ کي پنھنجي توھين سمجھي ٿو انھي جي ڪري ھن قانون ۾ ئي اھا شڪ تبديل ڪرائي ڇڏي آھي جنھن ۾ چيل آھي تہ نيب جو چئرمين اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم جي مشاورت سان مقرر ڪيو ويندو، حڪومت قانون کي تبديل ڪندي اھو مشاورت وارو وزيراعظم جو ڪردار ئي ختم ڪري ڇڏيو آھي، يعني ارڙھين ترميم ۾ وزيراعظم کي اختيار مليا ھي وزيراعظم پنھنجا اختيار ايوان صدر کي سونپي نظام ۾ نوان تجربا ڪري رھيو آھي، اھو سڀ ڪجھ ھوندي پاڻ ڪئين تسليم ڪري وٺون تہ وزيراعظم نيب قانون ۾ ترميم نيڪ نيتي جي بنياد تي ڪري رھيو آھي، جيستائين ايندڙ وقت ۾ تحريڪ انصاف تي ھٿ نہ پوڻ وارو سوال آھي تہ انھي جو جواب سادو سولو آھي، نيب کي ڪرپشن جي روڪٿام يا ڪرپشن ۾ ملوث ھٿن کي وائکو ڪري يا انھن کي پڪڙڻ جي وجود ۾ نہ آندو ويو آھي، مرحوما عاصما جھانگير ھڪ ڀيري چيو ھو تہ جيڪڏھن ملڪ ۾ لڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ظاھر ٿئي تہ سياستدان اوھان کي فرشتا نظر ايندا، پينڊورا پيپرز ھاڻ ليڪ ٿيا آھن جيڪڏھن نيب ڪرپشن جي روڪٿام جو ادارو آھي تہ بسم اللہ ڪري لھي پئي انھي قصي ۾ ست سئو پاڪستانين کي چوراھي تي آڻي جاچ شروع ڪري ڏي، ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ادارو نيب ۽ پينڊورا پيپرز جي جاچ وري حڪومتي ٽيم ڪندي اھو ڪٿان جو انصاف آھي؟ نيب کي انھي وقت استعمال ڪيو ويندو آھي جڏھن ڪا جماعت ٽوڙڻي ھجي، جڏھن ڪنھن سياسي سگھ رکندڙ قوت کي ڪمزور ڪرڻو ھجي، جڏھن ڪنھن دادلي جي ڪرسي کي مضبوط ڪرڻو ھجي،جڏھن ڪنھن جي لاءِ بي اعتمادي يا اعتماد جو ووٽ وٺڻو ھجي، انھي جي ڪري جيڪڏھن تحريڪ انصاف پنھنجي بچاءُ جي لاءِ نيب قانون ۾ ترميم آندي آھي تہ اھا ڪم نہ ڪندي ٻيو تہ جيڪڏھن انتقام ئي وٺڻو آھي تہ انھي جي لاءِ اھا ترميم ڪو ڪم نہ ڪندي، ھنن ٽن سالن ۾ نيب ڪيتري سرگرم رھي؟ ڪھڙو سرگرم سياستدان نيب کان بچيل رھيو؟ سڀ جيلن ياترا ڪري آيا؟ نواز شريف يا مريم نواز کي سزا سپريم ڪورٽ ڏياري آھي نيب انھي جي جاچ ئي نہ ڪئي آھي اھو انڪشاف ھائيڪورٽ ۾ ٿيو آھي ان ڪيس جي ٻڌڻي ھلندڙ آھي، انھي جي ڪري تحريڪ انصاف کي اھا شي ذھن ۾ رکڻ گهرجي تہ جيڪڏھن مستقبل ۾ ڪا اھڙي گهڙي آئي جو سموري قيادت کي پڪڙڻو پئجي ويو تہ نيب قانون جون اھي ترميمون اوھان جي جان خلاصي نہ ڪنديون،ڇاڪاڻ جو نيب انصاف يا احتساب جي لاءِ ناھي پر نيب ڪنھن مخالف کي پڪڙي جيل ۾ وجھڻ جي لاءِ آھي، نيب جو ڪم الزام ھڻڻ آھي، ثابت ڪرڻ نيب جو ڪم ناھي، نيب اشارن تي ھلندي آھي اشارن تي ھلندي رھندي، ڪو مھل موقعو آيو تہ ڪنھن کي بہ پڪڙي پوءِ پئي ٻہ سال جاچ ۽ ڪردار ڪشي گڏوگڏ ھلندا ڪيس ثابت ٿئي يا نہ ٿئي پر پيشين تي پيشيون ڀوڳڻ وارو جيڪو عذاب آھي اھو ئي ڪافي آھي.