ابراھيم ڪنڀر
ھٿيار ڦٽا ڪرڻ، ھارائڻ، پيش پوڻ، جھڪڻ، آڻ مڃڻ، گوڏن ڀر ڪرڻ، ڪنھن جي حاڪميت ۽ اختيار تسيلم ڪري پنھنجي مطالبن تان ھٿ کڻڻ، ٻي کي اتم سمجھي پاڻ کي نٻل، ھيڻو، ڪمزور مڃي پير پوئتي ڪرڻ، انھن جملن، ڪيفيتن يا حالتن جي لاءِانگريزي جو ھڪ لفظ سرينڊر استعمال ٿيندو آھي،ھاڻ لازمي ناھي جو ھار رڳو جنگ جي ميدان تي تسليم ڪجي، جھڙي ريت جنگين جا طور طريقا بدلجي چڪا آھن ساڳي ريت جنگين جا ميدان بہ ساڳيا ناھن رھيا، جنگون رڳو سرحدن يا ميدانن تي نٿيون ٿين،اھي جنگيون ھاڻ سرحدون اڪري گهرن، اثاثن، ادارن تائين پھچي چڪيون آھن،اھڙي ريت جنگين جا ميدان سائنس،ٽيڪنالاجي ۽ معاشي ميدانن ۾ بدلجي ويا آھن. اھي اھڙا ميدان آھن جيڪي اسان جي ترقي پسند، ترقي پذير يا ترقي يافتہ ھجڻ جو فيصلو ڪندا آھن، اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تہ ڪڏھن سوئي بہ نہ ٺاھي پر معيشت جي ميدان ۾ سدائين پوئتي رھيا آھيون، سدائين سورن ۾ ھجڻ جو بہ اھو ئي ڪارڻ آھي ،72 سالن کان انھي ڪيفيت کي وسيع تر مفاد ۾ ھميشہ نازڪ صورتحال جو نالو ڏنو ويو آھي پر حقيقت اھا آھي تہ نزاڪت ھجڻ واري صورتحال ايترو عرصو ھلي نٿي سگھي، سنگين مرض ۾ ورتل ڪو بہ مريض سڪرات ۾ ايترو وقت نٿو ھلي سگھي يا اھو مري منجو ڇڏيندو آھي يا وري چڱو ڀلو ٿي ويندو،پاڻ سياست تي ڪافي ڳالھائي چڪا آھيون اڄ بہ ڳالھائي سگھي ٿو پر ملڪ جي معاشي صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب ٿي رھي آھي، اسان جو معاشي اعتبار کان گهيرو گهڻو تنگ ٿي چڪو آھي اڄ انھي تي ڳالھائينداسين، سياسي صورتحال جو مختصر پس منظر ائين بيان ڪندا ٿا ھلون تہ پاڪستان ناتجربيڪاري، نابالغي، اٻھري، ناسمجھي حڪمراني جي ڪري معاشي طور اھڙي ٻوھي ۾ ڦاسي چڪو آھي جتان نڪرڻ جي ڪا گارنٽي ناھي، جيڪڏھن ڪنھن سنجيدہ ڪوشش ڪئي تہ انھي کي بہ سالن جا سال لڳندا.صورتحال سنڀالڻ ناممڪن نہ سھي پر مشڪل ضرور آھي.
پاڻ پاڪستاني تاريخ جي ٻن وڏن معاشي سرينڊرز تي ڳالھائينداسين تہ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اسان جي حاڪم سڳورن چيو ھو تہ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ بدران خودڪشي کي ترجيح ڏيندس، رڳو اھو ئي نہ پر پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ڪرائڻ، ملڪ جي وسيلن مان روزگار جا لکين موقعا پيدا ڪرڻ،پاڪستان ۾ پرڏيھين جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ، ٻاھرين دنيا مان اربين ڊالر رپيا گھرائڻ، ملڪي وسيلن مان کربين رپيا گڏ ڪري خزانا ڀرڻ، ھيٺين طبقي کي مٿي اٿارڻ جي دعوا سميت وڏا وڏا خواب ڏيکاريندڙ حاڪمن ملڪ کي وڏي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو آھي وري انھي جو بھترين جواز بہ پاڻ سان گڏ کنيو ھلن ٿا، ملڪ ۾ مھانگائي جي ذميوار ھن ملڪ جي چئن صوبن مان رڳو سنڌ حڪومت آھي، ملڪ ۾ قرض کڻڻ جون ذميوار ماضي جون رڳو ٻہ حڪومتون آھن، بجلي جي غير موجودگي جي لاءِ آئي پي پيز سان ڪيل معاھدا آھن، گئس جي بحران جو ذميوار شاھد خاقان عباسي آھي، سڀ ڪجھ ھوندي ھڪ حقيقت واضع آھي تہ ساڍن ٽن سالن ۾ صورتحال کي نہ سنڀالي سگھندڙ حاڪم سڳورا ھاڻ پنھنجي ڪرسي لوڏن ۾ محسوس ڪندي شھادت جو رتبو ماڻڻ جي لاءِ ھيلا بھانا پيا ڪن.
معاشي صورتحال تہ انتھائي خراب آھي پر جيڪي سياسي اشارا ملي رھيا آھن انھن بہ خانصاحب اينڊ ڪمپني جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن، اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ جيڪا سرد جنگ آھي اھا ڪنھن مھل بہ وڏو ڀڀڙ مچائي سگھي ٿي، نواز شريف جون ملڪ ٻاھر رھي سرگرميون، شھباز شريف جون اندروني ڳجھيون ملاقاتون، پيپلز پارٽي جو لاھور جھڙي شھر ۾ ڪر موڙي اٿڻ ۽ ٽيھ ھزار ووٽ کڻڻ، انھي سان گڏ ٻيا بہ ڪجھ اشارا آھن، جيڪي اسان کي سمجھائي رھيا آھن تہ خانصاحب پريشاني واري عالم مان گذري رھيو آھي،اھو ئي ڪارڻ ٿي سگھي ٿو جو خانصاحب پنھنجي وزيرن کي ٽن مھينن تائين ملڪ نہ ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي آھي،اھو لڳي ٿو تہ پردي جي پويان ڪجھ ٿي رھيو آھي انھي جو اولڙو خان صاحب جي اکين تائين بہ پھتو آھي، اھي سموريون شيون پنھنجي جاءِ تي پر پاڻ جئين تہ مٿي لکي چڪا آھيون تہ ھار رڳو جنگ جي ميدان تي نہ ٿيندي آھي،ڪنھن وڏي عالمي طاقت، سپر پاور، پاڻ کان سگھاري ملڪ، عالمي اداري، معاشي تنظيم جي آڏو پنھنجي خودمختياري جو سودو ڪرڻ ھار جو وڏو مثال آھي. اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي باوجود اسان جو وزيراعظم تقريرن ۾ چئي رھيو آھي تہ ھار تيستائين ھار نہ ھوندي آھي جيستائين انھي کي تسليم نہ ڪري وٺجي،ڪنھن ملڪ يا عالمي اداري جون سموريون شرط مڃڻ، انھن کي لکي ڏئي اچڻ، پنھنجي وقار ، خودمختياري ۽ سلامتي تي سوديبازي ڪرڻ کان وڏي ڪا ھار نہ ھوندي آھي،رڳو لکي ڏئي اچڻ نہ پر انھي جو حڪومتي وزيرن طرفان ڀير تي ڏوونڪي جيان اعلان ڪرڻ کان وڏي ھار ڪھڙي ھوندي آھي؟
ڪنھن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اڄ جي دور جي سامراج جي منصوبابندي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟ آزمايل نسخو يا سازش اھا آھي تہ انھي ملڪ جي سپلائي لائين ڪاٽي ڇڏجي، انھي کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ يا ڏيوالو ڪڍڻ جي لاءِ انھي کي پنھنجي شرطن تي آندو وڃي، جيڪڏھن انھي حڪمت عملي کي وقت جو حاڪم يا انھي کي آڻيندڙ نہ سمجھن تہ انھي سازش ۾ برابر جا شريڪ سمجھيا ويندا.
اسان جي ملڪ جا معاشي طور پير نڪري چڪا آھن، اسان جا حاڪم سڳورا دل ڪو بھلاني ڪي ليي رڳو نہ گهٻرائڻ جو درس پيا ڏين پر عوام سڀ ڪجھ سمجھي رھي آھي، تازو اسان ٻہ شرم جوڳا سرينڊر ڪيا آھن، ھڪ آئي ايم ايف کان رھيل قرض جي ٽي ارب ڊالرن جي قسط وصول ڪرڻ خاطر کين سڀ ڪجھ لکي ڏئي آيا آھيون ٻيو سرينڊر اسلامي برادر ملڪ سعودي عرب آڏو ڪيو آھي جنھن کان اسان قومي خزاني کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ ٽي ارب ڊالر ورتا آھن.
پھرين تہ آئي ايم ايف جي قرض جي ڳالھ ڪنداسين، آئون ھتي ناڻي جي اڻ چونڊيل صلاحڪار شوڪت ترين جي ٻن پريس ڪانفرنسن جو حوالو ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان ، ھڪ پريس ڪانفرنس اربع پنج مئي 2021ع جي آھي، جنھن ۾ شوڪت ترين چئي رھيو ھو تہ اھو بلڪل نہ ٿيندو جيڪو آئي ايم ايف چئي رھيو آھي، اسان سندن سمورا شرط مڃڻ بدران انھن سان ڳالھيون ڪري زميني حقيقتن کان آگاھ ڪري رھيا آھيون انھي پريس ڪانفرنس ۾ شوڪت ترين ٻڌايو تہ آئي ايم ايف بجلي، تيل، مھانگائي ۽ ٽيڪس مھانگو ڪرڻ جو چئي رھيو آھي پر اسان واضع ڪيو آھي تہ بجلي، گئس ۽ پيٽرول مھانگا نہ ڪنداسين، سندس ٻي پريس ڪانفرنس تازو 22 نومبر 2021 تي ٿي آھي، انھي ساڳي شوڪت ترين 3 ارب ڊالرز جي رھيل قسط بابت آئي ايم ايف سان معاھدو ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ عوام کي اھا خوشخبري ٻڌائي آئي ايم ايف جا پنج شرط تسليم ڪيا آھن جنھن مطابق بجلي ھرمھيني ساڍا چار رپيا في يونٽ مھانگي ٿيندي، پيٽروليم ليوي کي ٽيھ رپيا في ليٽر تي آڻڻو آھي، انرجي جي شعبي ۾ گئس بہ آھي اھا بہ وڌندي، ايڏي وڏي سرينڊر تي اسان جا حڪمران آئي ايم ايف پروگرام کي ڪامياب ڏئي ھڪٻئي کي مبارڪن جا پيغام ڏيندا رھيا، ھتي ھڪ ڳالھ واضع ڪجي تہ رڳو تحريڪ انصاف اڪيلي حڪومت ناھي جيڪا آئي ايم ايف وٽ وئي ھن کان پيپلز پارٽي، نواز ليگ بہ آئي ايم ايف کان قرض ورتو پر ھنن ملڪ جي مرڪزي بئنڪ کي سندن اشارن تي ھلائڻ جي سوديبازي نہ ڪئي،عمران خان يا سندس ناڻي جو صلاحڪار تہ شوڪت ترين کان بہ اڳيان نڪري ويا، انھي دور ۾ بہ اسٽيٽ بئنڪ جون واڳو آئي ايم ايف جي حوالي نہ ڪيون ويون.
اسٽيٽ بئنڪ يا ٻين ادارن کي بلڪل آزاد يا خودمختيار ھجڻ گهرجي پر انھي جي لاءِ شرط وري بہ اھو آھي تہ ملڪي پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن، ووٽ جي پرچي، آئين، قانون ۽ عدالتون بہ آزاد ھجن. حڪمرانن معاشي ڏيوالپڻي مان نڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آھي اھو حقيقي معني ۾ چونڊيل حڪمران نہ پر روبوٽڪ ۽ اسٽريو ٽائپ مڙھيل حڪمران ئي ڪري سگھي ٿو، حڪومت آڏو آئي ايم ايف شرط رکيو آھي تہ ڪئين بہ ڪري ٽيڪس اوڳاڙي کي وڌايو، حالت اھا آھي جو ٽيڪس اوڳاڙي واري اداري ايف بي آر وٽ ايتري صلاحيت ئي ناھي جو ھو اشرافيہ کان اوڳاڙي ڪري سگھي انھي جي ڪري ھنن جو سمورو زور تيل صابڻ، چانھن کنڊ ۽ عام واھپي جي شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ تي آھي جنھن جي نتيجي ۾ عوام جي کاڌ خوراڪ جي شين کان پھچ ناممڪن ٿيندي وڃي، آئي ايم ايف جي شرط تي اسٽيٽ بئنڪ کي اھڙو ادارو بنايو ويندو جيڪو حڪومت کي قرض نہ ڏيندو، مانيٽري يا فسڪل پاليسي جي حوالي سان حڪومت جي ھڪ بہ نہ ٻڌندو، اسٽيٽ بئنڪ جي ڪنھن بہ عمل تي ملڪ جي ڪنھن بہ عدالت جو ڪو اختيار نہ ھوندو، اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان اڳ ضروي آھي تہ ملڪ کي غير جانبدار چونڊن، مضبوط پارليامينٽ، آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني تي ھلائڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي، ھن ملڪ کي انھن ادارن جي مداخلت کان پاڪ ڪيو وڃي جيڪي قوتون سموري نظام کي گذريل ستر سالن کان ھائيجيڪ ڪريو ويٺيون آھن انھي نظام کي آجو ڪرڻ جي لاءِ حڪمرانن ڪجھ نہ ڪيو آھي پنھنجي اثاثن ۽ مالي ادارن کي گروي رکڻ جي لاءِ ھر قدم تڙ تڪڙ ۾ کنيو آھي، جڏھن آئي ايم ايف آڏو سرينڊر ڪرڻ جي ڳالھ ڪريون ٿا تہ انھي مان مراد تہ حاڪم وقت ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجھي عالمي سامراج جي اشاري تي ھر اھو ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي جنھن سان عوام ڏچي ۾ ھجي ٻيو اھم سرينڊر اسان جي برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب جي آڏو ڪيو ويو آھي، جيڪو اصل ۾ اڻ سڌي طرح آمريڪا آڏو سرينڊر آھي،آمريڪا ۽ سعودي عرب اڄڪلھ ڳانڍڙيا سانڍڙيا آھن، ھڪٻئي تان قربان قربان ٿيا آھن، اسان جي خودمختيار ملڪ جي حالت اھا آھي جو سعودي عرب کان ٽي ارب ڊالر وٺي قومي خزاني ۾ رڳو انھي جي ڪري رکيا ويا آھن جئين قومي خزانو مستحڪم رھي.اھي پئسا بہ وڏن طعنن مھڻن کانپوءِ مليا آھن. سعودي عرب ٽي ارب رپين جي خيرات ناھي ڏني اھو قرض آھي ۽ ٺيڪ ٺاڪ وياج وارو قرض آھي، اھي پئسا اچڻ جي باوجود اسان جي خزاني تي ڪو خاص فرق نہ پيو،ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچنج ڪريش ٿي وئي، ڊالر جو ملھ ٽي رپيا چڙھي ويوجنھن سان امپورٽ بل وڌيا نتيجي ۾ مھانگائي وڌي وئي.
سعودي عرب جنھن تان اسان سدائين جان قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آھيون انھي اھو قرض ڏيڻ جي لاءِ جيڪي شرط رکيا آھن اھي اسان جئين جو تئين قبول ڪيا آھن،عوام جو حقيقي نمائندو انھن شرطن کي قطعي طور قبول نہ ڪري ھا جيڪڏھن ھو پاڻ کي حقيقي نمائندو تسليم ڪري ھا، پر اسان جي حڪمرانن تي ڪو فرق نٿو پوي، فرق نہ پوڻ جو اھم ڪارڻ اھو آھي جو ھو پاڻ کي اليڪٽڊ يعني چونڊيل تسليم ئي نٿا ڪن کين خبر آھي تہ ھنن جون پاڙون عوام ۾ ناھن، ھنن کي اڃان بہ غلط فھمي آھي تہ ھي ملڪ ھلائڻ جي لاءِ ھو ئي آخري آپشن آھن يا کين اڃان بہ آسرو آھي تہ جن کين آخري آپشن تسليم ڪيو ھو اھي کين ايندڙ عام چونڊن ۾ بہ سرخرو ڪندا پر ھو اھو نٿا ڏسن تہ انھي ٽڪساٽ ۾ جيڪي جيڪي ڪردار ھئا اھي ھڪ ھڪ ٿي وائکا ٿي ماڻھن کي اکيان پئجي رھيا آھن.سعودي عرب کي قرض تي اسان ڳرو وياج ڏينداسين، ٻي پاسي اسان جي ملڪ جي شرعي عدالت ھڪ ٻن ڏينھن اندر وياج خلاف داخل درخواست تي فيصلو ڪرڻ وڃي رھي آھي. سعودي عرب جي ڏنل انھي قرض کي رڳو اسٽيٽ بئنڪ ۾ حفاظت سان رکيو ويندو، انھي رقم کي پاڪستاني خرچن يا ضرورتن جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگھجي، انھي رقم کي سعودي عرب واپس وٺڻ چاھي تہ 72 ڪلاڪن جي نوٽس تي واپس وٺي سگھي ٿو، آئي ايم ايف، عالمي بئنڪ، ايشائي بئنڪ سميت ڪنھن بہ عالمي مالياتي اداري جي واعدي کي نہ نڀائڻ يا انھن جي شرطن کي نہ قبولڻ سعودي عرب سان ڪيل معاھدي تان ڦرڻ سمجھيو ويندو، 72 ڪلاڪن اندر پئسا واپس گھرڻ تي ادا نہ ڪرڻ جي صورت ۾ سعودي عرب دنيا ۾ پاڪستان جي ڪنھن بہ اثاثي کي ضبط ڪري سگھي ٿو انھي سموري معاملي تي جيڪڏھن پاڪستان قانوني قدم کنيو تہ اھو فورم دنيا جي ڪا ٻي عدالت نہ پر سعودي عرب جي عدالت ھوندي، آئي ايم ايف ۽ سعودي عرب جي قرض عيوض مڃيل شرطن کي بہ جيڪڏھن اسان معاشي سرينڊر تسليم نہ ڪريون تہ پوءِ ڪير مون کي معاشي سرينڊر جي معني سمجھائي تہ وڏي مھرباني ٿيندي.ٻيو اھم سوال اھو تہ ڇا ھيڏي وڏي قرباني ڏيڻ کانپوءِ معاشي طور حالتون سازگار ٿي وينديون؟ بظاھر لڳي ٿو تہ اھو ممڪن ناھي