ابراھيم ڪنڀر
موجودہ حڪومت جي خلاف سياسي پارٽيون عملي طور ميدان تي نڪرڻ جي لاءِ تيار آھن، انھي جي لاءِ مخالف ڌر جي 11 پارٽين پي ڊي ايم جي نالي سان اتحاد ٺاھي عملي طور حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان بہ ڪري چڪيون آھن، ھن ملڪ ۾ سول يا نان سويلن حڪومتن جي خلاف انھي قسم جا ڪيترائي اتحاد ٺھندا آيا آھن، جمھوري ۽ غير جمھوري قوتن بہ اھڙن اتحادن تي يقين رکنديون آھن، ويجھي ماضي ۾ پي اين اي،آئي جي آئي اھي اتحاد ھئا جن جي پٺيان غير جمھوري غير سياسي سڏجندڙ قوتن جا ھٿ ھئا پر ايم آر ڊي يا اي آر ڊي اھي اتحاد ھئا جيڪي غير جمھوري آمر حڪمرانن جي خلاف اتحاد ھئا ۽ انھن اتحادن جي پليٽ فارمز تان سياسي پارٽين جدوجھد ڪئي انھن جي جدوجھد کي ملڪ جي آمريتي قوتن رياستي طاقت سان دٻائڻ جي لاءِ ھر حيلو ھلايو، ايم آر ڊي جي تحريڪ کي جنرل ضياالحق چيڀاٽڻ جي لاءِ ھر وسيلو استعمال ڪيو، جنرل ضياالحق جا ھٿ سنڌين جي خون سان رڱيل رھيا، اھوئي ڪارڻ آھي جو جنرل ضياالاحق اڄ بہ نفرت جي علامت طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
پرويز مشرف خلاف تحريڪ تہ ماڳھين ڪالھوڪي ڳالھ آھي، اي آر ڊي جي پليٽ فارم تان سياسي اتحاد ھڪ پاسي تہ انھن جا اتحادي وڪيل ٻي پاسي ڏھن سالن کان اقتدار تي قابض ھڪ آمر جي خلاف رستن تي ھئا، جڏھن جنرل پرويز مشرف جي خلاف اھا تحريڪ ھلي،گو مشرف گو جي نعري جي گونج ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندي رھي، انھي وقت جي آمر جنرل پرويز مشرف انھي سياسي تحريڪ کي پنھنجي رستي تان ھٽائڻ جي لاءِ ھڪ پاسي رياستي مشينري کي خوب استعمال ڪيو،ٻي پاسي وري ق ليگ، ايم ڪيوايم۽ پنھنجي ڪجھ حامين کي مقابلي ۾ روڊن تي آندو، اھا پرويز مشرف جي وائڙپ جي نشاني ھئي تہ انھي احتجاج کي چيڀاٽڻ ، پنھنجي بقا ۽ انا خاطر طاقت جو خوب استعمال ڪيو، وڪيلن ۽ سياسي ڌرين جي تحريڪ ھلندي پرويز مشرف پاڻ کي پراڻين اسيمبلين مان ٻيو ڀيرو صدر چونڊرايو، ڪجھ عرصي کانپوءِ بينظير ڀٽو کي ھڪ سازش ڪري قتل ڪرايو ويو،اي آر ڊي جي پليٽ فارم تان ھلندڙ جدوجھد جو نتيجو اھو نڪتو جو ملڪ مان تڙيل سياسي قيادت کي ملڪ اندر اچڻ جو موقعو مليو، اليڪشن ٿي،پيپلز پارٽي قيادت ميثاق جمھوريت جي شريڪ ساٿي نواز ليگ کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو، اھو ساڳيو سياسي اتحاد ھو جنھن پرويز مشرف کي اقتدار کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيو، ملڪ اندر جمھوريت جي بحالي کانپوءِ مرحوم مخدوم امين فھيم باقاعدہ اي آر ڊي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ھاڻ پرويز مشرف جي حڪومت کان پوءِ پھريون ڀيرو پي ڊي ايم جي نالي تي ھڪ سياسي اتحاد قائم ٿيو ۽ انھي اتحاد جي پليٽ فارم تان حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آھي،تحريڪ جي اعلان شرط خانصاحب جي حڪومت پنھنجي آقائن جي آشيرواد تي اپوزيشن خلاف ڪات ڪھاڙا اڀا ڪري ڇڏيا آھن، عمران خان جا ٻہ آمر آئيڊل رھيا آھن، پھريون ايوب خان جنھن ملڪ جي سياسي نظام کي پٽڙي تان لاھي ملڪ کي جمھوري رياست بدران سڪيورٽي رياست جو روپ ڏئي ملڪ ٽوڙڻ جا بنياد رکيا، عمران خان جو ٻيو آئيڊل پرويز مشرف بہ رھيو آھي جنھن تازو واضع طور اعلان ڪيو تہ پرويز مشرف جي حڪومت جي ٻي ڪا خرابي نہ ھئي بس اين آر او ڏيڻ سندس خرابي ھئي، موجودہ حڪومت طرفان سياسي اپوزيشن جي خلاف ڪارروائين جي لاءِ نيب کي اڳيان ڪيو ويو آھي، خاص طور تي اي پي سي ۾ پي ڊي ايم ٺھڻ ۽ انھي جي پليٽ فارم تان تحريڪ ھلائڻ واري اعلان حڪومت کي اھڙو وائڙو ڪيو آھي جو ھڪ ٻي جي پويان سموري سياسي قيادت کي گرفتار ڪري جيلون ڀرڻ جي تياري ۾ لڳي پئي آھي. عام طور تي سياسي سگھ رکندڙ ڪا بہ حڪومت عوام يا سياسي پارٽين کان خوفزدہ نہ ھوندي آھي پر ھن حڪومت جو عوامي طاقت کان ڊڄڻ حق تي آھي، ڇاڪاڻ جو اھا خبر حڪومت کي بہ آھي تہ اقتدار کيس عوامي طاقت يا مڪمل حمايت ۽ ووٽ سان نہ مليو آھي پر وچ وارن جي مھرباني سان ھو ھن مقام تي پھتا آھن، سندن ڪرسي کي وڏو خطرو عوام کان آھي، قابض قوتون ھميشہ عوام کان ائين ڊنل رھنديون آھن جئين موجودہ وزيراعظم خوفزدہ آھي، جيڪڏھن ھي واقعي نج سياسي حڪومت ھجي، ڪنھن جو اشاري يا ٿڦڪي تي نہ ھلندي ھجي ھا تہ اپوزيشن جي ڪٺ کانپوءِ انھي کي ايترو وائڙو ٿيڻ جي ڪا ضرورت نہ ھئي،ھڪ ھڪ ڪري سمورن واقعن کي گڏائجي تہ خبر پوندي تہ واقعي بہ ھي حڪومت نظر نہ ايندڙ انھي سھاري تي بيٺي آھي جيڪو سھارو پاڻ قبول ڪري چڪو آھي تہ حڪومت کي حمايت، محبت يا تائيد ۾ ھو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آھن، اپوزيشن جي اتحاد جي قيام کان وٺي حڪومت انھي امڪاني تحريڪ کي ڪچلڻ جي لاءِ جيڪي حربا استعمال ڪيا آھن ان مان حڪومت جو خوف ظاھر ٿي رھيو آھي، انھي جي ڪري نہ رڳو مولانا فضل الرحمان کي نيب نوٽس موڪليو ويو آھي، شھباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو آھي، شاھد خاقان عباسي کي ٻيھر طلب ڪيو ويو آھي پر سموري اپوزيشن کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان منصوبابندي تيار ڪئي وئي آھي، اھڙي منصوبابندي جو اصل مقصد حڪومت کي بچائڻ آھي پر ٻيو پاسو ڪير نٿوڏسي تہ بغاوتون پابندين ۾ جنم وٺنديون آھن، اھڙيون سختيون سياسي پارٽين کي نکارينديون آھن. پر ھتي سوال اھو بہ پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا واقعي نقلي يا اصلي حڪمرانن جي خلاف سياسي پارٽين جي تحريڪ ائين ھلندي جئين نواز شريف، مولانا فضل الرحمان يا محمود خان اچڪزئي چاھين ٿا؟
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان ھن تحريڪ کي ھلائڻ کان اڳ ڪيترائي چئلنجز آھن، انھن ۾ ٻاھريون، حڪومتي ۽ رياستي چئلنج تہ پنھنجي جاءِ تي پر جيڪو اندروني چئلنج آھي اھو وڌيڪ خطرناڪ آھي، اندروني چئلنج سياسي بي وفائي، دوکيبازي. ھڪ قدم اڳتي کڻي ٻہ قدم پوئتي ھٽڻ جي آڙ ۾ سياسي غداري جو چئلنج آھي، اتحاد ۾ ٽوڙ ڦوڙ، سياسي يا نظرياتي اختلاف راءِ کي بھانو بنائي اتحاد کان الڳ ٿيڻ وارو خطرو ، سياسي پارٽين يا عوام بدران طاقتور حلقن ڏانھن نھارڻ يا انھن جي آسري تي لڳڻ وارو چئلنج سامھون آھي،ملڪ جي سياسي نظام کي موجودہ خطرو بہ انھن چئلنجن جي ڪري آيو آھي جو وقت اچڻ تي سياسي پارٽين پنھنجا پاسا تبديل ڪيا آھن، ملڪ يا عوام جي مفاد خاطر پنھنجي مفادن کي ترجيح ڏني آھي، سياسي پارٽين غلطين سبق سکڻ جي ڳالھ بہ ڪئي آھي پر پنھنجي سياسي حريفن کي سبق سيکارڻ خاطر انھن قوتن جي خدمت بہ ڪئي آھي جيڪي کين سبز باغ ڏيکاري چند ڏينھن جي اقتداري مزا وٺرائڻ جا واعدا ڪن ٿيو،انھي جي ڪري ھاڻ بہ اھڙو خطرو پنھنجي جاءِ تي موجود آھي تہ 11 سياسي پارٽين جي اتحاد مان ڪا وڏي يا ڪي ننڍيون پارٽيون نظرياتي اختلاف کي ٻاھر نڪري وري عمران خان يا سندس امپائر جي سھوليتڪاري واري ڌنڌي سان لڳي وڃن، پي ڊي ايم جي ايندڙ تحريڪ کي ٻاھرين، رياستي، يا حڪومتي چئلنج ظاھر ٿي چڪاآھن، سياسي اڳواڻن، اتحاد جي قيادت جي گرفتاري، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ، نوٽس جاري ڪرڻ، سمن موڪلڻ يا عدالتن م پيشيون ڀوڳائڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي،حڪومتي ترجمان انھي بابت آگاھي ڏئي رھيا آھن تہ اھو ڪم گهڻو تيز ٿيندو جنوري تائين جيلون آباد ٿي وينديون،سياسي قيادتن خلاف ٻوھارا ڦرڻ وارا اصل ۾ عوام کي ڊڄاري رھيا آھن ڇاڪاڻ جو عوام سان سندن ڪڏھن نہ پئي آھي، ھن ملڪ جون جيلون سياسي قيادت کان ڪھڙي دور ۾ خالي رھيون آھن؟ انھي حڪومتي چال يا سازش کي منھن ڏيڻ جي لاءِ سياسي ڌرين کي بہ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي،گرفتاري جي صورت ۾ ھي تحريڪ ڪئين ھلندي، ھن تحريڪ جا مرحلا ڪھڙا ھوندا، ھي واقعي ھڪ سنجيدہ قسم جي تحريڪ آھي يا رڳو پڌرنامي جي حد تائين محدود ھوندي، انھي ۾ لڪائڻ جي شي ناھي تہ سوا ٻن سالن کان عوام مٿان مڙھيل حڪومت عوام جي فلاح جي لاءِ ڪجھ نہ ڪيو آھي،ڪوترقياتي منصوبو نہ ٺاھيو آھي، بجلي، گئس، اٽي، کنڊ، دوائن کان وٺي روزمرھ استعمال جي سمورين شين کي عوام جي لاءِ اڻلڀ ڪندڙ حڪومت ڪمزور آھي، انھي کي تحريڪ جي صورت ۾ ھڪ ڌڪي جي ضرورت آھي، جيڪڏھن نواز شريف، مريم نواز، فضل الرحمان يا بلاول ڀٽو جي ڳالھين ۾ واقعي صداقت آھي تہ اھي سموريون ڌريون ھڪ ئي پليٽ فارم تي ويھي اھڙي منصوبابندي ڪري سگھن ٿيون جو ھي تحريڪ سياسي قيادت جي غير موجودگي ۾بہ ھلي سگھي ٿي،ھن تحريڪ کي عوامي تحريڪ بنائڻ جو پلان ٺاھڻو پوندو، سياسي ڌرين کي ھاڻ اھو طئي ڪرڻوآھي تہ بند ڪمرن جي سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آھي،
ھاڻ انھي اتحاد جي پليٽ فارم تان اھڙي تحريڪ ھلائڻ جي حڪمت عملي ٺاھڻي آھي جنھن جو مقصد رڳو تجربي جي خاطر مڙھيل حڪومت جو خاتمو ڪرڻ ئي نہ ھجي آئين سان ھٿ چراند ڪندڙ، پارلياماني نظام جي لاءِ مستقل خطرو بڻيل قوتن، آئين کي بي توقير ڪندڙ ھٿن سموري نظام کي ھائيجڪ ڪندڙ غير سياسي ۽ غير جمھوري ڌرين جي انھي سوچ کي ختم ڪري ملڪ کي ترقي جي راھ ڏانھن وٺي وڃي ۽ سمورن ادارن کي آئيني حدن اندر رھي ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪري، اھو تڏھن ممڪن آھي جڏھن اپوزيشن جو سياسي اتحاد رياستي، حڪومتي چئلنج سان گڏ پنھنجي صفن ۾ نااتفاقي يا مفاد خاطر تحريڪ مان ھٿ ڪڍڻ واري امڪاني خطري واري چئلنج تي ڪنٽرول ڪري سگھي، ڪٿي ائين نہ ٿئي جو ھن تحريڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ يا وچ رستي ۾ يارنھن سياسي پارٽين مان ڪا وڏي يا ٻہ ٽي ننڍيون پارٽيون پنھنجي راھ جدا ڪري انھن ڌرين سان ملي وڃن جن جي خلاف تحريڪ ھلي رھي آھي،ھاڻ جڏھن سياسي ميلو مچڻ تي آھي انھي ۾ھن تحريڪ کي رڳو لٺ جي ذريعي ختم ڪرڻ واري منصوبابندي نہ ٿي رھي آھي پر چٺ، لوڀ، لالچ، ڏي وٺ، سوديبازي جي لاءِ سمورا آپشن استعمال ڪرڻ جون تياريون بہ ٿي رھيون آھن، اپوزيشن پاڻ چئي چڪي آھي تہ ھي گهڻ پارٽي تحريڪ رڳوعمران خان خلاف ناھي پر انھن قوتن خلاف آھن جن جمھوريت جي تڏا ويڙھ جو بندوبست ڪري عمران خان کي آندو آھي، انھي صورت ۾جيڪڏھن اعلان باوجود ڪا ھڪ يا ٻہ سياسي ڌريون انھي غير سياسي قوت سان ملي وڃن ٿيون تہ انھي سوديبازي کان اڳ ۾ کين اھو بہ سوچڻو پوندو تہ پنھنجي صفن ۾ اتحاد قائم ڪري اڳيان وڌندڙ سياسي ڌريون سڀاڻي سوديبازي ڪندڙ سياسي پارٽي جي ڳلي مان پڪڙينديون،ھن تحريڪ جيڪڏھن سندرو ٻڌي ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ شيخ رشيد سميت حڪومتي ترجمانن جي انھن ڳالھين کي غلط ثابت ڪرڻو پوندو جيڪي چئي رھيا آھن تہ اپوزيشن ۾ ڏڦيڙ پوندو، پيپلز پارٽي ڪڏھن ٻاھر نہ نڪرندي يا استعيفائون نہ ڏيندي.