ابراھيم ڪنڀر

ڇا تحريڪ انصاف روبوٽڪ جمھوريت چاھي ٿي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

حڪومت جو سمورو زور اليڪٽرانڪ مشينن تي آھي، حڪومت وٽ جمھوريت جي حقيقي بحالي جو تصور اليڪٽرانڪ مشينز تي ووٽ ڏيڻ کان سواءِ ڪجھ نہ رھيو آھي، حڪومت جو مشن آھي تہ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ مشينز ذريعي بہ ٿين ۽ پاڪستان کان ٻاھر رھندڙ نوي لک پاڪستاني بہ پنھنجي پسنديدہ اميدوارن کي ووٽ ڏين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال يا سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جا جنھن بہ ڪن ڀريا آھن انھي جي پويان ھڪ وڏي سازش، اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي جي سازش، حڪومتي ذھني خلفشار، ملڪ کي ڪنھن وڏي بحراني ڪن ۾ ڌڪڻ جي منصوبي جي بوءِ اچي رھي آھي، وزيراعظم عمران خان فواد چوڌري، بابر اعواڻ، فروغ نسيم، امين الحق، شبلي فراز ۽ ڪجھ ٻين وزيرن مشيرن جي تڙتڪڙ، اٻھرائي، ٻانھون کنجي پوئتي نہ مڙڻ جا عزم ادارا انھي ڳالھ جي نشاندھي ڪري رھيا آھن تہ ھو ھر صورت ۾ ايندڙ اليڪشن کي تڪراري ڪرڻ چاھين ٿا،ڇو جو ھنن جو ڪو اسٽيڪ ناھي، ھنن جي ناڪامي جا ثبوت سندن عملن، باڊي لنگئج، ٻولي ۽ چھرن مان واضع آھن، ھنن کي آڻي جيڪو تجربو ڪيو ويو پاڪستان جي تاريخ جو اھو تجربو بنگال سانحي کانپوءِ جو ناڪام ترين تجربو ثابت ٿيو آھي انھن ٽن سالن ۾ ملڪ کي نيڪ نامي گهٽ ملي، بدنامي وڌيڪ ملي انھي جو ڪھڙو ذڪر ڪري ڪھڙو ڪجي؟ معاشي طور ڏيوالو نڪتو رپئي رپئي جي لاءِ دوست ملڪن جي آڏو جھول جھلڻو پيو، عمران خان جي حڪومت جيڪو ڪستو پھرين ڏينھن کان ھٿ ۾ کنيو اھو ئي ڪستو اڃان ھٿن ۾ آھي،جن کي عمران خان ڪرپٽ چوندو ھو اھي اقتدار کان ٻاھر، ملڪ کان ٻاھر، جيلن ۾ يا عدالتي ڪسٽڊي يا عدالتن جي چڪر ۾ آيل آھن، ملڪ جو واحد ايماندار حڪمران حڪومت تي آھي پر ملڪ ڏينھون ڏينھن پوئتي وڃي رھيو آھي انھي جو ڪارڻ ڪھڙو آھي؟اھو تہ ڪو جواب ناھي تہ ھن کي ملڪ کي اپوزيشن ايترو لٽيو آھي جو ھاڻ مٿي اٿي نٿو سگھي، اھو ٻاراڻو جواب آھي، ڪرپٽ اندر يا ٻاھر آھن، ڪابينا ۾ صاف، شفاف ايماندار ماڻھو ويٺا آھن انھي جي باوجود ملڪي معشيت ڪن ۾ ڦاٿل آھي، ادارا سڀ حڪومت سان گڏ آھن ۽ حڪومت جو ھٿ ونڊائڻ جي لاءِ ماڻھن کي ھزارن جي انگ مان سرڪاري نوڪرين مان ڪڍي حڪومت کي ھڪ ئي وقت بار ھلڪو ڪرڻ ۽ نوان ماڻھو رکڻ جو موقعو ڏئي رھيا آھن، عدالتون حڪومت خلاف ڪو ڪيس ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناھن، اليڪشن ڪميشن ۾ فارين فنڊنگ ڪيس جي ڪا شنوائي نٿي ٿئي، اھو تہ ٿيو وڏو ڪيس پر فيصل واوڊا جي خلاف پڪن ثبوتن جي باوجود اليڪشن ڪميشن انھي تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي بھرحال اسان ڳالھ ڪئي پئي تہ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تہ انھي ۾ حڪومت جي تڪڙ انھي ڳالھ جو تاثر ڏئي رھي آھي تہ انھي جي مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ واري سوچ سان گڏ نيت جي خرابي بہ آھي. جنھن اداري کي پاڪستان ۾ عام چونڊن کان مڪاني چونڊن تائين سڀ بندوبست ڪرڻا ھوندا آھن انھي اليڪشن ڪميشن حڪومت جي انھي سازش تان گهڻي ڀاڱي پردو کڻي ڇڏيو آھي، اليڪشن ڪميشن ھيستائين ڊيمانسٽريشن، بريفنگس جي نالي تي قائل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ٽي چار گڏجاڻيون ڪيون آھن، اليڪشن ڪميشن انھن سمورين کي بريفنگس مان مطعمن ناھي، بلڪہ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان سياسي پارٽين بہ پنھنجن پنھنجن خدشن جو اظھار ڪيو آھي، رڳو اھو ئي ناھي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان اليڪشن جي ماھرن بہ انھي خدشي جو اظھار ڪيو آھي تہ انھن مشينن کي ھيڪ ڪري سگھجي ٿو، نتيجن ۾ ھيراڦيري ڪري سگھجي ٿي، اليڪشن ڪميشن يا ماھرن جي خدشن جي ڳالھ پوءِ ٿا ڪريون پر پھرين حڪومت جي اڪابرن جي عقل تي اچون ٿا جتي ستر سالن اندر جمھوريت اڃان پير ئي مس کڻڻ شروع ڪيا آھن اتي حڪمرانن کي اصل جمھوريت رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۾ نظر اچي رھي آھي، ملڪ جو وزيراعظم ڪالھ تائين پنھنجي تقرير ۾ ملڪ جي پھرين فوجي آمر جنرل ايوب جي حڪمراني جي واکاڻ ڪندي نٿي ٿڪو، ھن جنرل ضياالحق جي سازش،جمھوريت جي تختي کي اونڌي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ مارشلا ھڻي ملڪ ۾ تباھي ڦيرڻ جي ڪڏھن مذمت ڪرڻ جي تڪليف نہ ڪئي آھي، پرويز مشرف جي ٻہ ڀيرا آئين ٽوڙڻ کي ھو ڏوھ سمجھڻ بدران اين آر او کي ملڪ جي وڏي بربادي سمجھي ٿو، جيڪو پاڻ ملڪي نظام جي حوالي سان واضع ناھي، جنھن کي انھي جو ادراڪ ناھي تہ ملڪ اندر 74 سالن ۾ اقتدار تي وڌ ۾ وڌ عرصو قبضو ڪندڙ آمر ھئا، جڏھن بہ جمھوري يا چونڊيل حڪومت آئي تہ اھا ٺاھ ڪري آئي مشروط نموني کين اقتدار مليو، انھن جي اقتدار جي پويان خوف جا پاڇا ھوندا ھئا، عمران خان واحد وزيراعظم آھي جنھن کي انھن ادارن مان ذري جو بہ خوف ناھي جن اداران ملڪ جي وزيراعظم کي ٽياس تي ٽنگايو، بمن ۾ اڏايو يا وري جلاوطني تي مجبور ڪيو، عمران خان ملڪ جي جمھوريت جي اصل تشريح ڪري تہ ھن ملڪ ۾ وزيراعظمن سان ڪھڙو ويل وھيو آھي، ھن ملڪ جي سياستدانن سان ڇا ڇا نہ ٿيندو رھيو آھي.انھي سڀني کي ڇڏيون ٿا دل تي ھٿ رکي وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪري تہ سندس پرڏيھي وزير، سندس دفاع وارو وزير سندس ناڻي جو وزير، سندس دفاعي پيداوار سميت ٻين اھم اھم وزاتن جا قلمدان سنڀاليندڙ وزيرن جو ڪھڙو ڪارج آھي؟ شاھ محمود قريشي پرڏيھي وزير آھي افغانستان صورتحال کي ڪير مانيٽر ڪري رھيو آھي، ڀارت سان دفاعي معاملن ۾ پرويز خٽڪ کان ڪنھن بريفنگ ورتي آھي؟ سڀ جا سڀ وزير رڳو گاڏين تي جھنڊي، سيڪيورٽي ، پروٽوڪول ۾ خوش آھن انھن اھا ڳالھ سمجھي ورتي آھي تہ مالڪن جي رضا تي راضي رھڻو آھي، ھاڻ ھر ڪو انھي رستي تي آھي، اقتدار جو رستو عوام جي طاقت جي ذريعي ڳولبو ھو ھاڻ اسان ايتري ترقي ڪئي آھي جو ملڪ جون ٻئي وڏيون پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جون نظرون بہ اتي آھن جتان اقتدار جا چشما ڦٽن ٿا يا جن عمران خان کي انھي ڪرسي تي ويھاريو آھي،، تہ ڳالھ جو مطلب تہ جنھن ملڪ ۾ جمھوريت انھي قسم جي ھجي جتي پارليامينٽ کي ڪو اختيار نہ ھجي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي آڱرين تي نچايو وڃي، جتي سينيٽ جي چئرمين کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو وڃي، جتي سينيٽ چئرمين کي ھٽائڻ جي لاءِ بي اعتمادي تحريڪ ڌونس ڌانڌلي سان ناڪام ڪرائي وڃي انھي ملڪ ۾ جمھوريت رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ذريعي نٿي اچي سگھي اتي حقيقي جمھوريت انھي صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن آئين ۾ ڏنل اختيار اورانگھيندڙ ادارن کي انھي جي سزا ملي. پھريون ڪم آئين جي حڪمراني، پارليامينٽ جي بالادستي آھي انھي کانپوءِ مشينون وغيرھ بہ ڪم اچي وينديون، اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشيننز چونڊ سڌارن واري بل جو ھڪ جز آھي حڪومت جي انھي بل ۾ جيڪي جيڪي خاميون آھن انھن خامين کي اليڪشن ڪميشن پاڻ پنھنجي خودمختياري ۽ آئين ۾ ڏنل پنھنجي اختيارن کي راتاھو قرار ڏنو آھي سينيٽ جي ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن پنھنجي پيش ڪيل رپورٽ 37 اعتراضن ۾ واضع ڪيو آھي تہ حڪومت جيڪو ڪجھ تجويز ڪيو آھي اھو آئين جي ابتڙ آھي، انھي جو مختصر جائزو پيش ڪجي تہ ائين ٿيندو تہ حڪومت اليڪشن ڪميشن جا ووٽر فھرستن جا اختيار کسي نادرا حوالي ڪرڻ چاھي ٿي، اليڪشن ڪميشن کي ووٽر فھرستن جي اپ گريڊيشن جو اختيار ڏيڻ جي لاءِ بہ تيار ناھي، اھڙي ريت تڪبنديون جيڪو اليڪشن ڪميشن جو بنيادي حق آھي انھي جي لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي تہ تڪبندي ووٽر لسٽن جي بنياد تي ھوندي، اليڪشن ڪميشن واضع ڪيو آھي تہ پارليامينٽ جون سيٽون آبادي جي بنياد تي آھن تہ تڪبنديون ووٽر لسٽن جي بنياد تي نٿيون ٿي سگھن،انھي کانپوءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان ھيستائين جيڪا بہ بريفنگ ڏني وئي آھي انھي تي اليڪشن ڪميشن سوين سوال اٿاريا آھن، اليڪشن ڪميشن چيو آھي تہ بل ۾ رڳو اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي ڳالھ ٿيل آھي پر انھي جي قانوني توڙي ٽيڪنيڪل پاسن کي ڏٺو ئي نہ ويو آھي انھي جھڙو ڪيس اليڪشن ماھرن رکيو آھي ڪميٽي ۾ آيل ماھر جن ۾ اليڪشن ڪميشن جو اڳوڻو سيڪريٽري ڪنور دلشاد بہ ھو انھي بہ چيو تہ اھي مشينون خراب ڪري سگھجن ٿيون ھيڪ ڪري سگھجن ٿيون انھن جا نتيجا تبديل ڪري سگھجن ٿا، اھڙي ريت سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ جي حوالي سان ماھرن جي تجويز آھي تہ اھي پوسٽل ووٽنگ ذريعي پنھنجي ووٽ جو حق ڏئي سگھن ٿا، سياسي قيادت، اليڪشن جا ماھر ھڪ پاسي آھن جڏھن تہ حڪومت جا مخصوص وزير سمورو زور ڏئي رڳو مشيني جمھوريت آڻڻ جي چڪر ۾ آھن، انھي جي ڪري اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري ھڪ ڀيرو وري اقتدار تي قبضو ڪرڻ واري تحريڪ انصاف جي انھي گيم کي سمجھڻ سولو آھي، وزيراعظم کي اھا ڳالھ سمجھڻ گهرجي تہ ملڪ کي مشيني يا روبوٽڪ جمھوريت نہ پر حقيقي جمھوريت جي ضرورت آھي جنھن ۾ ھر ادارو پنھنجو ڪم ڪري اھڙي جمھوريت نہ ھجي جنھن ۾ رڳو ھڪ ئي ادارو ڪم ڪندو ھجي وزيراعظم انھن جو فرمانبردار ٿئي باقي ادارا انھن جي حڪم تي ھلندا ھجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *