ابراھيم ڪنڀر
اسلام آباد جي ھوا بدلجي چڪي آھي، ٽن ھفتن کان رڪيل پر ھڪ اثرائتو نوٽفڪيشن جاري ٿي چڪو آھي، وزيراعظم عمران خان کي فيس سيونگ ڏني وئي آھي، جنھن جي ذريعي ھن پنھنجي چاھيندڙ ڊي جي کي وڌيڪ ھڪ مھيني جي لاءِ ڊيوٽي تي لڳو رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي جڏھن تہ نئين ڊي جي آئي ايس آئي کي 20 نومبر کان پوءِ ڊيوٽي سنڀالڻ جو چيو ويو آھي، نئين ڊي جي آئي ايس آئي جي حوالي سان جيڪو نوٽفڪيشن جاري ٿيو آھي يا وري وزيراعظم ھائوس جي طرفان جيڪا پڌرائي جاري ٿي آھي انھي کي غور سان پڙھڻ جي ضرورت آھي، ڪڏھن ڪجھ معاملن ۾ دير جا بھتر نتيجا بہ نڪرندا آھن، وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي سمورين ناڪامين خرابين کي ڇڏي ڪري ھڪ نئين روايت پئجي چڪي آھي اميد آھي تہ ايندڙ ھر چونڊيل وزيراعظم دفاع واري وزاارت جي سمري ۾ انھي عھدي جي لاءِ ٽن اميدوارن کان باقاعدہ انٽرويو وٺندا، سويلين بالادستي جي حوالي سان اھو ھڪ سٺو سنئوڻ آھي.
ھاڻوڪي صورتحال ۾ دفاع وزارت جو وزيراعظم تي جلدي نوٽفڪيشڻ جاري ڪرڻ جي حوالي سان گهڻو دٻاءُ ھو،وزيراعظم انھي نوٽفڪيشن جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنھنجي ساٿين جي صلاح مشورن کي ٿڏي ڇڏيو، عسڪري اعلي عھديدارن جيڪي مٿس احسان ڪيا آھن انھن جو بہ ھن پاس نہ رکيو،وزيراعظم اعلي حڪومتي عھديدارن سان واعدو ڪري موقعو اچڻ تي انھن کي بہ ٽاري ڇڏيو، انھي جي پويان خبر ناھي ڪھڙا ڪارڻ ھئا بھرحال ھاڻ اھو نوٽفڪيشن جاري ٿي چڪو آھي،شايد انھي حوالي سان ڪا تاريخ مخصوص ھئي يا وري ڀلي پار جي دوري کان واپسي تي اھو نوٽفڪيشن جاري ڪرڻ جو چيو ويو ھو، ھي جيڪي ٻاھر انتر منتر جادو جنتر، ڪانون کي گوشت کارائڻ، ڪڏھن ڪبوترن جي رت واريون ڳالھيون يا وري ٻڪرن کي سيرون وجھڻ واريون خبرون ھلي رھيون آھن انھي ۾ ڪو وڌاء يا ڪوڙ ڪونھي، پالميسٽري، آسٽرالاجي انھن علمن کي اڄ بہ تسليم ڪيو وڃي ٿو. عمران خان کڻي آڪسفورڊ مان پڙھي آيو ھجي پر انھي جو مطلب اھو ناھي تہ ھو رمل عمل جادو ٽوڻي ڌاڳي ڦيثي تي يقين نہ رکندو ھجي ،انسان بنيادي طور ضعيف الاعتقاد آھي، ڪنھن مھل بہ ٿوري دٻاءُ ۾ وڏا وڏا نظرياتي ماڻھو ڪلٽي کائيندي دي نٿا کائين،.
پاڻ ڪنھن مضمون ۾ اڳ ۾ ڳالھائي چڪا آھيون تہ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جنھن مرحلي مان گذريا آھن، انھن جي وچ ۾ سرد جنگ گرم جنگ يا جملن جي جيڪا سخت يا نرم ڏي وٺ ٿي آھي انھي صورتحال يا لمحن کي راولپنڊي ڪڏھن نہ وساريندو آھي،ملڪ مھانگائي جي سمورن رڪارڊز کي ٽوڙي چڪو آھي، ڪالعدم تنظيم جو لاھور کان نڪتل مارچ اسلام آباد پھچڻ وارو آھي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا واپاري ۽ ڪاروباري ماڻھو رستن تي آھي، پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي، پيپلز پارٽي مھانگائي جي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آھي،شيخ رشيد جنھن پھرين ڪالعدم تنظيم جي آڏو سرينڊر ڪرڻ جو اعلان ڪيو انھي کي شٽ اپ ڪال ڏني وئي آھي، ٽي ايل پي کي سختي سان ڇٿڻ جون خبرون اچي رھيون آھن، انھي احتجاج جي پويان ڇا ساڳيا ھٿ اھن جيڪي ھٿ ميان نواز شريف جي خلاف استعمال ٿيا ڇا اھي ھٿ ھن ڀيرو عمران خان جي استعمال ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن يا انھن جو ٽارگيٽ ڪو ٻيو آھي. جيڪو ڪجھ بہ آھي پر اھو چئي سگھجي ٿو تہ خانصاحب جي اقتدار تي گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي، اقتدار مٺ مان واري جيان عمران خان جي ھٿن مان سرڪي رھيو آھي.جنھن جي شروعات بلوچستان کان ٿي آھي، عمران خان ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پنھنجي اھم اتحادي ڄام ڪمال جي ڪرسي بچائي نہ سگھيو.
سڀني کي خبر آھي تہ بلوچستان عوامي پارٽي کي ڪنھن ٺاھيو؟ يعني انھي پارٽي جو باپ جو ٻاپ ڪير آھي؟ لڄام ڪمال باپ جو صوبائي صدر آھي، جنھن اھا پارٽي ٺاھي، ڄام ڪمال کي جنھن نامزد ڪيو،جنھن بہ صدر ڪيو ھوندو ھن نازڪ گهڙي جنھن ۾ سندس ڪرسي گهيرجي چڪي ھئي ڄام ڪمال انھي شخص سان رابطو ڪيو ھوندو ھن دانھيو ھوندو تہ ٻيلي منھنجي مدد ڪريوڄام صاحب وزيراعظم عمران خان کي بہ اھڙي دانھن ڏني ھئي. ھر صوبي جي سياسي صورتحال يا پولٽيڪل ڊائنامڪس پنھنجا پنھنجا ھوندا آھن عمران خان ڄام ڪمال کي ڄمي بيھڻ جو چيو جنھن تي عمل ڪندي ڄام ڪمال استعيفي ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪندو رھيو ايستائين جو صوبائي اسيمبلي اندر بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جي وقت بہ65 اسيمبلي ميمبرن 33 ميمبر انھي رٿ جا حامي نڪتا، پنج گم ٿيل ميمبر اسلام آباد مان ظاھر ٿيا پر انھن بہ ڄام ڪمال جي حمايت کان انڪار ڪيو اھڙي صورتحال مان بظاھر اھو لڳي رھيو آھي تہ ڄام ڪمال کي وزيراعلي ڪندڙ ھڪ پارٽي جو صدر ڪندڙ ڌريون انھي مان ھٿ ڪڍي ويون آھن،ڄام ڪمال ۽ عمران خان تي ھٿ رکندڙ ڌر ھڪڙي ھئي تہ سوال اھو آھي تہ عمران خان تي انھي ڌر جو ھاڻ ھٿ ڪيترو آھي؟بلوچستان کان وٺي وفاق تائين جيڪو ڪجھ چار پنج سال اڳ ٿيو انھي جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آھي، ٿورو پوئتي نھاريو تہ بلوچستان ۾ نواز ليگ جي حڪومت جي حڪومت کي ڪئين ختم ڪيو ويو؟ ثنااللہ زھري کي استعيفي ڏيڻ تي ڪئين مجبور ڪيو ويو؟ انھي جي پويان ڪھڙا محرڪ ۽ ڪھڙا ڪردار ھئا؟ انھن مان اڌ ڪردارن کي نواز شريف جلسن ۾ نالا وٺي ظاھر ڪري چڪو آھي. نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي اتحادي طور ھڪ جماعت باپ ٺاھي وئي پر اڄ جڏھن ڏسي رھيا آھيون تہ باپ ڪمزور پوزيشن ۾ آھي، باپ جي ڪمزور ٿيڻ شرط اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال پنھنجي اتحادي وزيراعظم کي طعنا مھڻا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا آھن تہ ھو پنھنجي آس پاس ويٺل ماڻھن تي نظر رکي. ھتي ٻيو اھو سوال اھو آھي تہ جيڪا شروعات بلوچستان کان ٿي آھي ڇا انھي جو تحريڪ جو خاتمو وفاق جي حڪومت جي خاتمو ٿيندو؟ يعني ھڪ کان پوءِ ٻِي قسط جي ذريعي عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آندو ويندو؟
ڪجھ خابرو حلقن وٽ اھي خبرون آھن تہ اھم ماڻھن جي ميان نواز شريف سان ملاقات ٿي آھي، نواز شريف ۽ سندس پارٽي نئين چونڊن جو مطالبو ڪيو آھي، اھو مطالبو انھي صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن پارليامينٽ ذريعي ڪا مثبت ايندي انھي صورت ۾ نئين اليڪشن ڏانھن وڃي سگھجي ٿو.ڇا پنجاب ۾ بہ انھي قسم جي بي اعتمادي رٿ اچي سگھي ٿي؟ انھي کانپوءِ ڇا قومي اسيمبلي ۾ اھڙي بي اعتمادي جي رٿ اچي سگھجي ٿي انھي جو سادو جواب اھو آھي تہ جيڪڏھن نوٽفڪيشن واري جھيڙي پنھنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو تہ ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ پنجاب ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي انھي تجويز تي ضرور عمل شروع ٿي ويندو جنھن ۾ بي اعتمادي رٿ جي ڳالھ ٿيل آھي.. کڻي جو پيپلز پارٽي وٽ پنجاب اسيمبلي ۾ ست ميمبر آھن پر جنھن اعتماد سان پيپلز پارٽي ڳالھ رکي رھي آھي انھي مان لڳي ٿو تہ اھو نسخو اڄ نہ تہ سڀاڻي ڪم اچي سگھي ٿو انھي جي لاءِ مسلم ليگ نواز کي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو.
پنجاب اسيمبلي 371 ميمبرن تي ٻڌل آھي انھي ۾ تحريڪ انصاف، ق ليگ ۽ ٻين اتحادين جي حڪومت 195 ميمبرن تي ٻڌل آھي، تحريڪ انصاف جا 184 ميمبر آھن، ق ليگ جا ڏھ ميمبر آھن، چار آزاد ميمبر حمايت ۾ آھن، اپوزيشن جا ڪل ميمبر 172 آھن، اڪثريتي پارٽي نواز ليگ آھي جنھن وٽ 165 ميمبر آھن، باقي ست ميمبر پيپلز پارٽي جا آھن،پنجاب ۾ ھن وقت جھانگير ترين فيڪٽر اھم حيثيت ااختيار ڪري چڪو آھي، پيپلز پارٽي سرائيڪي بيلٽ ۾ پنھنجو اثر وڌائي چڪي آھي، انھي جي ڪري ھي آئيڊيل وقت آھي جيڪڏھن اپوزيشن يعني نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي بي اعتمادي رٿ آڻين تہ انھي کان اڳ ۾ ڪافي تبديلي اچي سگھي ٿي، ٿي سگھي ٿو تہ جھانگير ترين گروپ جا حمايتي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفي ڏئي ڇڏين، ٿي سگھي ٿو تہ اھي ووٽ ۾ حصو ئي نہ وٺن، ممڪن آھي تہ ق ليگ تحريڪ انصاف جي حمايت واپس وٺي ڇڏي، جيڪڏھن ق ليگ تحريڪ انصاف جي حمايت واپس وٺي سگھي ٿي تہ بزدار جھڙوڪر ھو ئي ڪونہ.
ھاڻ اچون ٿا وفاقي حڪومت انھي جي تحريڪ انصاف توڙي اتحادين جا انگ اکر ڏئي چڪا آھيون، قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ ڪا صفا ناممڪن شي ناھي، يا ائين بہ ناھي تہ بي اعتمادي رٿ ايندي تہ عمران خان فولادي ديوار بڻجي بيھي رھندو، بي اعتمادي رٿ آئي تہ عين ممڪن آھي عمران خان استعيفي ڏئي ڇڏي، عين ممڪن آھي تہ اسيمبليون ٽوڙي فوري طور اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو عمران خان جي ڪرسي ڪمزور پاين تي بيٺل آھي، عمران خان جا اتحادي عمران خان قد ڪاٺ يا سندس عقل دانش جي ڪري وٽس نہ آيا ھئا پر اھي ھڪڙي حڪم تحت آيا ھئا انھن کي سڀاڻي ٻي ڪنھن ليڊر جي حمايت جو حڪم ملندو تہ انھي پاسي ھليا ويندا، ھتي بہ ق ليگ،ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي، باپ ، جمھوري وطن پارٽي وارن جو حصو پتي شامل آھي اھي سڀ جا سڀ ڪنھن جا ماڻھو آھن ڪنھن جي مڃيندا انھي جي اسان کي خبر آھي۔ قومي اسيمبلي جو ايوان 342 ميمبرن تي ٻڌل آھي، حڪومتي اتحاد 178 کان 180 ميمبرن تي ٻڌل آھي، اپوزيشن ميمبرن جو انگ 161 آھي، ايوان جي وڏي حڪومتي پارٽي تحريڪ انصاف آھي جنھن وٽ 156 ميمبر آھن، اپوزيشن جي وڏي پارٽي نواز ليگ آھي جنھن وٽ 83 ميمبر آھن، وزيراعظم کي اڪثريت ڏيکارڻ جي لاءِ 173 ووٽ گهربل آھن، سياسي صورتحال ڪافي تبديل ٿي چڪي آھي، ايم ڪيو ايم جي پوزيشن جي پاڻ کي خبر آھي روزاني تبديلي ٿيندي رھي ٿي ڪالھ بہ انھن جو ڪو بيان ھو تہ ھو حڪومت کان الڳ رھي ڪري بہ عوام جي خدمت ڪري سگھن ٿا انھي بيان جا ٻہ ٽي مقصد ٿي سگھن ٿا انھن کي بيان ڪرڻ ضروري ناھي، جيڪڏھن رڳو 7 ووٽ رکندڙ ايم ڪيو ايم حڪومت مان نڪري وڃي تہ عمران خان جي حڪومت جو ڍينگو ڍيري ٿي سگھي، باپ پارٽي اندروني انتشار جو شڪار آھي ھن صورتحال ۾ ھو عمران خان جي پوري حمايت ڪندي يا اڻپوري حمايت ڪندي انھي جي ڪا خبر ناھي ، ق ليگ جو اسان اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آھيون، جيڪڏھن ھن صورتحال ۾ بہ عمران خان جي حمايت جاري رکي وئي تہ ھو پنجن جي جاءِ تي ايندڙ اليڪشن ۾ ھڪ ٻہ سيٽ بہ مشڪل کڻي سگھي، جي ڊي اي شيخ رشيد ۽جمھوري پارٽي وارا آھن اھي ڪوشش بہ ڪن تہ عمران خان کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري صورتحال ۾ ڪامياب نہ ڪرائي سگھندا. ھاڻ گھڻيون جماعتون عمران خان جي استعيفي جو مطالبو ڪري رھيا آھيون جيڪڏھن ھن استعيفي نہ ڏني تہ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن ڄام ڪمال جي حمايت نہ ڪرڻ واري ااسٽرٽجي برقرار رھي، سياستدانن کي بليڪ ميل نہ ڪيو، ھر ڪنھن کي پنھنجو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ڪنھن کي ڌمڪايو نہ ويو تہ اھا بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي سگھي ٿي، خبرون آھن تہ عمران خان کي بہ انھي جي خبر پئجي وئي آھي تہ جلدي قومي اسيمبلي ۾ اھڙي رٿ اچي سگھي ٿي.