ابراھيم ڪنڀر
سياست، تنظيم سازي، ميڙاڪا، جلسا، جلوس، مظاھرا ۽ ريليون ھر شھري،سياسي پارٽي، ليڊرشپ ڪارڪن جو اھو بنيادي حق آھي جنھن جي گارنٽي ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ھن وقت سياسي تنظيمون انھي حق کي خوب استعمال ڪري رھيون آھن، سياسي سرگرميون، جلسا ۽ جلوس ڪارڪنن جو رت گرمائڻ، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ ۽ سياسي نظام کي اڳيان وٺي ھلڻ جي لاءِ ضروري آھن انھي جي ڪري ملڪي صورتحال، سياسي ماحول يا سياست کي شيخ رشيد، پرويز الاھي،فواد چوڌري، شھباز گل جي اک سان سياست کي ڏسڻ جي قطعي ضرورت ناھي، اپوزيشن جي اتحاد جي ڪامياب جلسن جي ڪري حڪومت جي صفن ۾ ٻڙڌڪ متل آھي،گجرنوالا جي جلسي کي ناڪام قرار ڏيندڙ حڪومتي ترجمان، وزير مشير،ويندي وزيراعظم کي خبر آھي تہ ھنن جو اقتدار ڪنھن جي آڱر تي بيٺل آھي، گجرانوالا جي جلسي کانپوءِحڪومت وڦلي رھي آھي، عوام پنھنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ حڪومت مان ڪئين مڃيان جي رٽ لايو ويٺي آھي، وزيراعظم عمران خان گجرنوالا جلسي کانپوءِ جيڪو رد عمل ڏيکاريو آھي، اھو اپوزيشن جي تحريڪ جي پھرين ڪاميابي جو وڏو دليل آھي، وزيراعظم پنھنجي تقرير مان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اپوزيشن خاص طور ميان نواز شريف جون ڳالھيون درست آھن، اپوزيشن جو ڪم حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ آھي پروزيراعظم انھي تنقيد جو جواب جارحاڻي انداز ۾ ڏيئي رياستي ادارن کي اپوزيشن کان وڌيڪ خوار خراب ڪندو آھي،گجرنوالا جي جلسي جي اھم ڳالھ ميان نواز شريف جي تقرير ھئي جيڪا حڪومت کان برداشت نٿي ٿئي، انھي جي ڪري حڪومتي صفن ۾ ٿرٿلو ۽ خوف ڇانيل آھي، حڪمرانن کي شايد اھو ڊپ ورائي ويو آھي تہ ڪٿي کين اقتدار ۾ آڻيندڙ عوامي دٻاءُ ۾ اچي سندن مٿي تي آشيرواد وارو رکيل ھٿ کڻي نہ وٺن، ڪٿي اھا ڪرسي ڇڪجي نہ وڃي جنھن تي ھو ويٺل آھن، پي ڊي ايم جي پھرين جلسي جي ڪاميابي کانپوءِ بظاھر لڳي رھيو آھي تہ اھا تحريڪ نتيجا ڏيندي، گجرانوالا کانپوءِ ڪراچي ۾ بہ اپوزيشن جو شو ڪامياب رھيو، کڻي جو انھي جلسي تي پي پي مٿان سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ يا پئسن تي ماڻھو گهرائڻ جا الزام لڳندا انھي ۾ ڪنھن حد تائين سچائي بہ ٿي سگھي ٿي، پر پيپلز پارٽي طرفان ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي آجيان ۾ بينر لڳائڻ، نواز شريف ، مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان جي جارحاڻي انداز کي سمجھندي بہ کين مھمان طور قبول ڪرڻ، پيپلز پارٽي طرفان سليڪٽرز کي سياستدانن جي موقف تي اچڻ يا ڀڄڻ جو بيانيو پيش ڪرڻ انھي ڳالھ جو امڪان پيدا ڪري ٿو تہ في الحال پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي رھڻ ۾ ئي سياستدانن جي بقا آھي.
ملڪي نظام آئين جي ماتحت ھلندا آھن، جيڪڏھن ڪير آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، پارليامينٽ جي استحڪام،پارلياماني نظام جي مضبوطي، ادارن کي آئيني حدن ۾ رھي ڪم ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ٿو تہ انھي ۾ ڪھڙي خرابي آھي؟جيڪڏھن ڪير آئين ٽوڙيندڙ، قانون جي پرواھ نہ ڪندڙن کي وائکو ڪري ٿو تہ انھي مٿان غداري جا الزام ھڻي انھي پارٽي تي بندش ھڻڻ جو مطالبو ڪرڻ جي ڪھڙي تڪ بڻجي ٿي ؟ نواز شريف گجرانوالا ۾ جيڪا تقرير ڪئي ھئي انھي ۾ جيڪڏھن ٻہ ٽي نالا ڪڍي ڇڏجن تہ باقي تقرير ۾ اھڙو ڪجھ نہ ھو جيڪو ڪنھن کي خبر نہ ھجي، اصل ۾ ھن ملڪ اندر ستر سالن کان اھو ئي ٿي رھيو آھي اھا اھا بدقسمتي آھي تہ انھن ستر سالن ۾ آمريت يا وري ڪنٽرولڊ جمھوريت ۾ غير جمھوري قوتن کي سياستدان ئي ڪلھو ڏيئي بيٺل رھيا آھن،پر پنھنجي غلطين مان ڪڏھن بہ سبق سکجي سگھجي ٿو،پنجاب جو موڊ تبديل آھي، خيبرپختونخواھ مان مولانا فضل الرحمان نڪري آيو آھي،ھن وٽ مذھبي ڪارڊ جيڪو استعمال نہ ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏھن ھن سمجھيو تہ حڪومت يا کيس آڻيندڙ پنھنجو قبلو درست نٿا ڪن تہ آخر ۾ ھو سياسي ڪارڊ کانپوءِ انھي ڪارڊ کي ترپ جي پتي طور استعمال ڪري سگھي ٿو،انھي سموري صورتحال ۾ شيخ رشيد وارو فارمولو،ڀڀڪيون، اڳڪٿيون، اندازا، شھباز گل جا الزام يا عمران خان واريون ڌمڪيون ڪم جون نہ ٿينديون.
اپوزيشن جي اتحاد ۾ ڏار واري خدشي بابت بعد ۾ ڪجھ لکون ٿا پر پھرين اھو سمجھڻ جي ضرورت آھي تہ اپوزيشن جي ھي جيڪا تحريڪ شروع ٿي آھي انھي جو مقصد ڪھڙو آھي، جيڪڏھن انھي تحريڪ جو موومنٽم اھو ئي رھيو، رفتار سست نہ ٿي تہ اھا تحريڪ ملڪ جي شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙجي ويندي،اپوزيشن کي بہ خبر آھي تہ ھن تحريڪ جي ناڪامي سڄي اپوزيشن جي قيادت جا ٽپڙ گول ٿيڻ جا نتيجا ڏئي سگھي ٿي ، ھن صورتحال ۾ عوام جو ٻاھر نڪري اچڻ خود انھن انھن قوتن کي بہ پريشان ڪندڙ آھي جيڪي عمران خان کي اڳيان ڪري ھن ملڪ ۾ ھڪ تجربو ڪري ملڪ جي قسمت سان کيڏي رھيا آھن.ھن ملڪ جو آئين وحدتن کي ڳنڍي ھڪ وفاقيت جوڙي ٿو، انھي ۾ وفاق جي حيثيت صوبن جي ڪري آھي، جيڪي قوتون وفاق کي مضبوط ڏسن ٿيون انھن کي صوبن ۽ وفاق جي ڳالھ ڪندڙ سياسي ڌرين کي ديوار سان لڳائڻ کان پرھيز ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جو مثال اسان جي سامھون آھي ھن سنڌ جي قيمت تي وفاق جي ڳالھ نہ ڪئي پر وفاق سان وفا بہ ڪئي آھي، جيڪڏھن انھي کي سوڙھو ڪري سنڌ تائين محدود ڪري اھو تجربو وفاق جي لاءِ خراب نتيجا ڏيندو ساڳي صورتحال پنجاب سان ٿي آھي، وزيراعظم چئي رھيوآھي تہ نواز ليگ ھاڻ پنجاب تائين محدود ٿي وئي آھي انھي ۾خوشي جا ڳالھ نہ روئڻ جو مقام آھي بنگلاديش جو مثال اسان جي سامھون آھي، وزيراعظم اقتدار جي گھمنڊ ۾ جھڙي نموني الوٽ ٿيل آھي انھي کي پنھنجي جملن يا پنھنجي وڏن جي پاليسي تي ھلڻ جي خراب نتيجن جي خبر شايد اڳتي پوي انھي جي ڪري جڏھن اھو چيو وڃي ٿو ڀارت سميت سمورا دشمن ملڪ کي غير مستحڪم ڏسڻ چاھين ٿا تہ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ملڪ يا وفاق جا جيڪي چاھيندڙن حڪومت بہ ملڪ دشمنن وارو رويو اختيار نہ ڪري.
ھاڻ انھي ڳالھ کي ٿا ڏسون تہ اپوزيشن جي تحريڪ پي ڊي ايم جو مقصد ڇا آھي؟ ڇا واقعي ھو عمران خان مان جند ڇڏائڻ چاھين ٿا يا وري عمران خان کي آڻيندڙ ۽ ستر سالن کان حڪومتي جوڙجڪ ۽ سياست ۾ مداخلت ڪندڙ غير سياسي قوتن مان مستقل بنيادن تي جند ڇڏائڻ جو الم کڻي نڪتا آھن، بظاھر تہ ھنن جي ڳالھين مان لڳي ٿو تہ ھڪ ئي تير سان ٻئي شڪار ڪرڻ چاھين ٿا، ڇاڪاڻ جو پي ڊي ايم جو صدر مولانا فضل الرحمان چئي ٿو تہ 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ ڌريون پنھنجو جرم قبول ڪري معافي وٺن، ڌانڌلي ذريعي مڙھيل حڪومت کي ختم ٿيڻ گهرجي بنا مداخلت جي چونڊون ٿيڻ گهرجن، سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رھي ڪم ڪرڻ گهرجي، ميان نواز شريف پنھنجي تازي تقرير ۾ ستر سالن جي غير جمھوري روين، حرڪتن، قدمن جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ ھاڻوڪي 2018ع واري تجربي ۾ حصو پتي اختيار ڪندڙ ڪجھ فردن جا نالا ورتا آھن،اھڙي ريت ڪجھ رٽائرڊ فردن جي خلاف آرٽيڪل ڇھ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، مريم نواز شريف ڪلئير موقف اختيار ڪيو آھي تہ ھي وڏن جو جھيڙو آھي انھي ۾ عمران خان کي وچ ۾ نہ پوڻ گهرجي،اھڙي ريت بلاول ڀٽو چئي رھيوآھي تہ سليڪٽڊ ۽ سلڪيٽرز کي اسان جي ڳالھ مڃڻي پوندي ٻي صورت ۾وڃڻو پوندو،ھاڻ جيڪڏھن سمورين ڳالھين جو ڇيد ڪجي تہ تقريبن لفظن جي تبديلي سان سمورن اڳواڻن جو موقف ھڪجھڙُو آھي،ٻيو تہ ننڍا صوبا ھميشہ انھن غير جمھوري قوتن جي غير آئيني قدمن جي خلاف آواز بلند ڪندا رھيا آھن، نواز ليگ پنجاب ۾ پھريون ڀيرو انھن ڌرين جي خلاف ميدان ۾ سامھون ٿي نڪتي آھي،ھڪ تہ ننڍن صوبن کي سڀاڻي پنجابي قيادت ڦري ويندي واري مفروضي مان ٻاھر نڪري پنجاب کي ليڊ ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، اھو درست آھي تہ ستر سالن کان ملڪ جي تباھي ۾ پنجاب جو ڪردار ھراول دستي جو رھيو آھي ۽ پنجاب جي قيادت انھي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آھي پر ھاڻ جڏھن پنجاب نواز شريف جي مٺ ۾ آھي تہ ڪجھ وقت ئي سھي پنجاب کي اڳواڻي جو موقعو ڏيڻ گهرجي،ٻيو تہ اتحاد ۾ شامل ڌرين کي نواز شريف جي بيانئي يا سندس تقرير مان ڊڄڻ جي ضرورت ناھي، سياسي ڪارڪنن کي بہ خبر آھي تہ فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان، جنرل يحيي خان، جنرل ضياالحق کان وٺي جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪون بہ انھن وقت شروع ٿيون جڏھن ھو ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ھئا، انھن جا نالا رڳوکڄندا ئي نہ ھئا پر انھن جي خلاف انھن کان سخت قسم جي نعريبازي ٿيندي ھئي، انھن کي آخر ۾ عوام جي راءِ کي تسليم ڪرڻو پيو، انھن کي بہ بي آبرو ٿي ڪري اقتداري ايوانن مان تڙجڻو پيو انھي جي ڪري اپوزيشن کي سخت تقريرن يا نعريبازي يا ڪنھن مقتدر شخص جو نالو کڻڻ تي گهٻرائڻ جي ضرورت ناھي، ڇاڪاڻ جو ھاڻوڪن سوا ٻن سالن توڙي انھي کان ھڪ سال اڳ بہ انھي ساڳي اپوزيشن کي گهڻو سوڙھو ڪيو ويو، پر عوام جي طاقت کان مٿاھين طاقت ڪنھن وٽ بہ ناھي، انھي جي ڪري ضروري آھي تہ اپوزيشن لچڪ جو مظاھرو نہ ڪري ھن تحريڪ کي فيصلائتي تحريڪ جو رخ ڏي، ڳالھ رڳو ئي رڳو مڪمل جمھوريت جي بحالي، رياستي ادارن جي مداخلت جي بندش، آئين جي پاسداري، پارليامينٽ کي پاليسي سازي جو حق ڏيڻ ، صوبن کي وسيلن تي مالڪي جو حق ۽ اختيارملڻ ، اليڪشن سڌارن ۽ جھرلو قسم جي حڪومتن کان پاسو ڪرڻ وارن نڪتن کي بنيادي نڪتا بنائي اڳيان وڌڻ گهرجي