ابراھيم ڪنڀر
حڪومت ڊھڻ تي آھي ۽ ان کي ڊھندو ڏسي حڪومت کان برداشت نہ پيو ٿئي اھي ڪنھن خطرناڪ راند کيڏڻ جو ارادو رکن ٿا. ھاڻ حڪومت وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجھ ناھي، انھي جي ڪري چاھين ٿا تہ جيڪڏھن اسان نہ تہ پوءِ ٻيو ڪير ڇو؟ بي اعتمادي جي رٿ جي پوزيشن اھا آھي تہ ھاڻ سمورو دارو مدار ئي حڪومت جي اتحادي پارٽين، ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي تي آھي، اھي پاڻ ۾ مشاورت جي آخري مرحلي ۾ آھن، پرويز الاھي صاحب اڳ ۾ واضع ڪري چڪو آھي تہ ھنن اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، پر اسان جي خواھش آھي تہ پارليامينٽ پنھنجو مدو پورو ڪري، انھي جو ٻيو مطلب اھو نڪري سگھي ٿو تہ اسان اپوزيشن جو بي اعتمادي جي رٿ ۾ ساٿ ڏئي عمران خان کي ھٽائڻ جي لاءِ تيار آھيون پر انھي کانپوءِ جيڪو بہ عبوري سيٽ اپ ايندو انھي جو مدو باقي ڏيڍ سال کن ھجي، پرويز الاھي اھا ڳالھ ڪري ٿو انھي جو مطلب تہ اپوزيشن پرويز الاھي کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ جي خاطري ڪرائي آھي، عبوري حڪومت جي مدي کان اڳ ق ليگ جي ڪالھ ئي ٿيل اجلاس ۾ اھا ڳالھ سامھون آئي آھي تہ حڪومت ڪيترائي رابطا ڪري چڪي آھي پر ق ليگ صاف ڇپتي بھي نھين سامني آتي بھي نھين واري پاليسي اختيار ڪئي آھي، ق ليگ جيڪڏھن ھڪ لمحي جي لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ سوچي ٿي تہ شيخ رشيد جھڙا جوان اھو بيان ڏيو ڇڏين ٿا تہ پنج ميمبرن جي پارٽي وڏ وزارت جي لاءِ بليڪ ميل ڪري رھي آھي، اسد عمر صاحب چئي رھيو آھي تہ ق ليگ ڪجھ ضلعن جي پارٽي آھي، ڳالھ انھن جي ٺيڪ ئي صحيح پر حڪومتي اتحاد ھلائڻ جا اھي پرڪار ئي ناھن، ڪالھ پرويز الاھي سان آخري ملاقات وفاقي وزير اعجاز شاھ ڪئي آھي، بينظير ڀٽو شھيد پرويز الاھي ۽ اعجاز شاھ ٻنھي تي ساڳي نوعيت جو الزام ھنيو ھو شايد اھو الزام ياد ڏيارڻ لاءِ حڪومت کيس پرويز الاھي وٽ موڪليو آھي پر ڳالھ آخر تائين اڳيان نہ وڌي سگھي آھي ق ليگ جو موقف آھي تہ آصف علي زرداري پرويز الاھي کي وڏ وزارت جي آڇ ڪري انھي جي لاءِ ڪوششون ڪيون پر نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف اھو نٿا چاھين. ٻي پاسي ايم ڪيو ايم آھي جنھن جي حوالي سان آخري خبرون اھي ھيون تہ آصف علي زرداري عمران خان کي ھٽائڻ ۽ مستقبل ۾ ٻہ مرڪزي وزارتون ڏيارڻ جي خاطري کي پاڻ سان ملائڻ جي آڇ ڪئي آھي، ايم ڪيو ايم کي وزارتن يا نوڪرين جي معاملي تي ڪجھ رليف ملي سگھي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي اھو ياد رکڻ گهرجي تہ گم ٿيل ماڻھن، سندن بند ٿيل آفيسن يا ساڳيئ اختيارن جي واپسي تي دادلي وزيراعظم عمران خان جي نہ ھلي سگھي انھي جي ڪري اھو سياسي نہ رياستي معاملو آھي. اسٽبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ ساڳي پوزيشن ۾ ڪڏھن بہ نہ ڏسڻ چاھيندي نہ ئي وري ڪراچي ۾ ساڳي پراڻي صورتحال ڏسڻ جي سٽ ھي ملڪ سھي سگھي ٿو، لاڳيتون وڏين ڪوششن ۽ محنت کانپوءِ ڪراچي کي پرامن بنايو ويو آھي انھي جي ڪري ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جي ڪا ڪوشش يا ارادا ڪڏھن ڪامياب نہ ٿيڻ ڏنا ويندا، جيستائين تعلق بلوچستان عوامي پارٽي جو آھي جنھن جي سڀني کي خبر آھي تہ انھي کي ڪنھن ٺاھيو ھو ھاڻ ٺاھيندڙ ئي انھن مٿان ھٿ کڻي ويو آھي تہ ٻہ صورتون آھن، باپ جا ماڻھو يا ياري باشي ۾ ووٽ ڏين، يا اتي پئسو ڪمال ڏيکاري، باپ پارٽي جا پنج ووٽ آھن انھن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻہ يار محمد رند اپوزيشن جي جھولي ۾ وجھڻ جي حامي ڀري آھي، ٻہ اھڙا ميمبر آھن جيڪي شايد اپوزيشن اڳ ۾ کٽي چڪي آھي ھڪ بلوچستان جو ميمبر گوادر سميت سموري صوبي جو ڪيس وڙھندو آيو آھي انھي جو ووٽ بہ اپوزيشن ڏانھن پڪو سمجھيو پيو وڃي، پاڻ في الحال تحريڪ انصاف جي ڪاوڙيل ميمبرن جي ڳالھ نٿا ڪريون پر ھيستائين جيڪا اتحادين جي پوزيشن آھي انھي جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون.اتحادين جي 24 ميمبرن مان رڳو ڏھ ٻارنھن ئي اپوزيشن وٽ ھليا ويا يا انھن اڳ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو تہ بہ بي اعتمادي جي رٿ جي ضرورت پيش نہ ايندي.
ھاڻ ھن تحريڪ جي ٻيو پاسو ڏسڻ جي ضرورت آھي، ڇو جو اسلام آباد ۾ صورتحال ڏينھون ڏينھن تبديل ٿيندي نظر اچي رھي آھي، ھاڻ مھينن جي پر نہ ٻن ھفتن جي ڳالھ رھي آھي ۽ حڪومت کي انھي جي خبر پئجي چڪي آھي تہ جيڪي بيان ڏنا پئي ويا تہ عمران خان آخري آپشن ھئا اھي بيان ڪاغذي ثابت ٿي چڪا آھن، ڇاڪاڻ جو جن ڌرين کيس اھي چاڙھا ڏنا ھئا انھن ماڳھين مٿو ئي ڦيري ڇڏيو جو ھاڻ ھو پاڻ کي قوم جو ليڊر سمجھيو ويٺو آھي، خبر ناھي ڪنھن اھو سمجھايو آھي تہ ڪرڪيٽ جو عالمي ڪپ کٽيندڙ ڪپتان ڪنھن بہ ملڪ جو وڏو ليڊر ٿي سگھي ٿو،پنھنجي ڪلھن تي چاڙھي آڻِيندڙ ڌرين جو اھو تجربو بڇڙي طريقي سان ناڪام ٿيو آھي، اھا ناڪامي رڳو حڪومت جي ناھي پر رياستي ادارن جو انھي ۾ حصو پتي ليکيو پيو وڃي نتيجي ۾ عمران خان انھن سمورين قوتن جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجي ويو آھي جن ڪنھن بہ طور طريقي سان کيس اقتدار جي ڪرسي تي ويھاريو، ماضي ۾ بہ ائين ٿيندو آھي رھيو آھي،حڪومت ۽ ادارن جي اختيارن جي ورڇ جي معاملي تي سخت اختلافن کانپوءِ وزيراعظم لھندا رھيا، جيلن ۾ بند ٿيندا، جلاوطن ٿيندا، ڦاھيون چڙھندا رھيا، وزيراعظم جي لاءِ تہ ھي عزت جو مقام آھي جو جنھن وزيراعظم کي ڌانڌلي جي پيداوار چيو پيو وڃي انھي کي آئين جي عين مطابق جمھوري انداز ۾ ھٽائڻ جو طريقيڪار چونڊيو ويو آھي، جئين تہ حڪومت پاڻ کي مڪمل جمھوري عمل جي پيدوار سمجھي ٿي تہ اپوزيشن کي پنھنجو آئيني ۽ جمھوري حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏي انھن کي ڏھ لک ماڻھو روڊن تي آڻي ڊي چونڪ کي وري جنگ جو ميدان بنائڻ جون ڌمڪيون نہ ڏيڻ گهرجن، سرڪار آھي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان سرڪاري ملازمن کي ئي جيڪڏھن ڊي چونڪ تي سڏايو ويو تہ ھزارين ماڻھو اچي ويندا، پر انھي سان انتشار پيدا ٿيندو، انھي سان صورتحال خراب ٿيندي، انھي کان وڌيڪ انارڪي پيدا ڪرڻ جي ٻي ڪھڙي ڪوشش ھوندي جو انفارميشن وزير چوي ٿو بي اعتمادي رٿ جي لاءِ جيڪو اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ داخل ٿيندو انھي کي جلوس مان گذري وڃڻو پوندو.ڪالھ وري بہ ساڳي نوعيت جي پريس ڪانفرنس ٿي آھي، بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ڪالھوڪي ھڪ ڏينھن اندر ٻہ ٽي شيون ٿيون آھن، ھڪ تہ اسپيڪر سيڪريٽريٽ جي قانونسازي واري ونگ کان سوال ڪيو ھو تہ جيڪي شڪي يا ناراض ميمبرن آھن انھن کي ووٽ ڏيڻ يا انھن جو ووٽ رد ڪرڻ جو اسپيڪر وٽ ڪيترو اختيار آھي؟ انھي تي قانونسازي ونگ جواب ڏنو آھي تہ انھي حوالي سان آئين جي شڪ 63 ون واضع آھي، اسپيڪر رولنگ ڏيڻ جو اختيار رکي ٿو پر ڪنھن بہ ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگھجي، ڪنھن بہ ميمبر خلاف قانوني ڪارروائي ووٽنگ کان پوءِ شروع ٿيندي جنھن مان مراد تہ جيڪو ووٽ ڪاسٽ ٿيندو اھو ڳڻيو بہ ويندو. اسپيڪر انھي جي تصديق ڪئي آھي تہ قانوني ماھرن سان منھنجا مشورا ھلي رھيا آھن نہ آئون حڪومت جي پاسي آھيان نہ اپوزيشن جي پاسي آھيان قانون موجب سموري ڪارروائي ڪنداسين، ٻيو اھم فيصلو اھو ٿيو آھي ٿہ 21 يا 22 تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، جنھن ۾ 28 مارچ تي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿئي،وزيراعظم جي صدارت ھيٺ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو بہ اجلاس ٿيو آھي انھي سان گڏ وزيراعظم سان اٽارني جنرل جي بہ ملاقات ٿي آھي، پراڻي جيالي اين ڊي خان جي فرزند ۽ غير جانبدار رھندڙ قانوني ماھر خالد جاويد جي لاءِ مون سميت ٻين ڪافي ماڻھن جي راءِ اھا ھئي تہ اٽارني جنرل وزيراعظم کي صلاح ڏني ھوندي تہ بي اعتمادي رٿ کان بچڻ جي لاءِ قانوني يا آئيني رستو اھو ئي آھي تہ پنھنجي حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت برقرار رکجي پر ذريعا ٻڌائين ٿا تہ اٽارني جنرل وزيراعظم عمران خان جو اھڙو حمايت ٿي چڪو آھي جو ھڪ ھنڌ ڳالھائيندي چيو آھي تہ بي اعتمادي رٿ ۾ في الحال ڪجھ نٿو چئي سگھجي ڪو بہ سرپرائز اچي سگھي ٿو، ھن وقت اٽارني جنرل فروغ نسيم کي پوئتي ڇڏي چڪو آھي، جنھن کي اٽارني جنرل سرپرائز چئي رھيو آھي شايد عمران خان انھي کي ٻي انداز ۾ چئي رھيو آھي تہ اپوزيشن جو آخر وار ھوندو جيڪو اھڙو ناڪام ٿيندو جو اھي 2023ع تائين اٿڻ جھڙا نہ رھندا، سوچڻ جي ڳالھ آھي آخر حڪومت کي ڪھڙي
ھريڙ حڪومت کي ھٿ آئي جنھن سان ھيتري سرگرم اپوزيشن ناڪام ٿي گهر جھلي ويھي رھندي، ھڪڙي آپشن جو تہ حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو آھي تہ ھو ڏھ لک ماڻھن کي ڊي چونڪ تي وٺي ايندا ۽ پارليامينٽ ۾ جنھن کي وڃڻو ھوندو انھي جلوس مان ٿي پوءِ ويندو. رڳو اھو ناھي پر حڪومت جي انھي اعلان سان گڏ نواز ليگ پنجاب جي صدر سمورن ضلعي ۽ ڊويزنل صدرن کي ھدايت ڪري ڇڏي آھي تہ اسلام آباد ۾ احتجاج جي لاءِ تيار رھو، اھڙو ئي اعلان جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمان بہ ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنھنجي ڪارڪنن کي ڊي چونڪ ڏانھن مارچ ڪرڻ جي لاءِ تيار رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ بہ چئي چڪو آھي تہ اسان کي ڪيرر ڌمڪيون ڏيندو تہ اسان بہ چوڙيون ناھن پاتيون مون کي چوڙين پائڻ واري انھي طعني سان اختلاف آھي پر مولانا جلسي جو جواب جلسي سان ڏئي ڄاڻي ٿو، پر اھڙي صورتحال سان ڇا ٿيندو؟
اسان اڳ واري مضمون ۾ بہ لکيو ھو تہ پنھنجي ھوڏ، ھٺ، انا، ضد تان لھڻ بدران ھڪ سياسي مدبر ٿي ملڪ جي لاءِ سوچي سياسي فيصلا سياسي ميدان تي ڪرڻ جي صلاحيت نہ رکندڙ وزيراعظم کي سندس صلاحڪار ماڳھين اھڙيون صلاح پيا ڏين جيڪي ٻرندي تي تيل جو ڪم ڏئي سگھن ٿيون،وزيراعظم سياسي فلور تي مقابلو ڪرڻ بدران سياسي چڻنگ کي ڀنڀٽ بنائي ماحول کي انتشار ڏانھن وڌائڻ گهري ٿو، 2014ع جي عمران خان جي ڌرڻي دوران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائي انھي جو پارلياماني انداز ۾ مقابلو ڪيو ويو، ھتي وري حڪومت ۾ رھندي بہ عمران خان صورتحال پيدا ڪرڻ گهري ٿو، وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ ايوان اندر آھي پنھنجا 172 ميمبر پورا ڪري اپوزيشن جا ڏند کٽا ڪري، ڏھ لک ماڻھو آڻي وري پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟وري مٿان جيڪڏھن انھي تاريخ تي اپوزيشن جا ميمبر اتي گڏ ٿي ويا، وچان ڪا ڌر شرارت تي لھي آئي انھي جون جيستائين صفايون اچن تيستائين تہ وڏو فساد برپا ٿي سگھي ٿو انھي صورتحال ۾ امن امان جي صورتحال ڪٿي وڃي بيھندي، اسان جو گهرو وزير بہ تيلي ٻاريو ويٺو آھي ڏسي پيو تہ ڪٿي ٿي گاسليٽ جي بوتل ھارجي،اھڙي ڪنھن بہ صورتحال ۾ نيوٽرل بنجي برداشت ڪندڙ ادارا نيوٽرل نہ رھندا پر صورتحال ھٿن مان نڪري سگھي ٿي، حڪومت جي پوزيشن ھميشہ ھيٺاھين ھوندي آھي، حڪومت ھميشا ڊائلاگ جي ڳالھ ڪندي آھي، پر ھي واحد حڪومت آھي جيڪا لچڪ، مفاھمت، ڊائلاگ کي بليڪ ميلنگ سمجھندي رھي آھي ھاڻ صورتحال کي انھي طرف وٺي وڃي رھي آھي جتان ورڻ ممڪن ئي ناھي. ھڪ خدشو اھو بہ آھي تہ بگڙجندي سياسي صورتحال جو فائدو وٺي ملڪ ۾ وري ايمرجنسي پلس جي ڪو فارمولو اپلائي ڪجي، پوءِ ڪجھ ناپسنديدہ ججن کي بہ واندو ڪجي، ڪجھ سياستدانن کي بہ گهر ڀيڙو ڪجي، ڪجھ سياستدانن کي اعتماد ۾ وٺجي، ڪجھ ڌرين کان مظاھرا ڪرائجن،اھڙي صورتحال ۾ ٻہ ٽي ھفتا ملڪ کي ھلائجي اھو مشڪل ضرور آھي پر ھن ملڪ ۾ ناممڪن ناھي، ڪجھ وقت کانپوءِ پوءِ وري صورتحال جو ڪانٽو ساڳي پوزيشن تي آڻجي، وري شفاف اليڪشن جو ڏيکاءُ ڏئي اليڪشن ڪرائجي، بظاھر وڌيڪ سيٽون کڻندڙن کي حڪومت ڏجي ۽ پنھنجو ساڳيو ڪردار، حڪمراني، مانيٽرنگ ٺٺ ٺانگر برقرار رکجن.