Ali Memon

چين جو انقلاب، ترقي ۽ طاقت جا راز !

علي محمد ميمڻ ليکڪ

علي محمد ميمڻ

عوامي جمهوريا چين جي انقلاب، بي مثال ترقي ۽  ملڪ جي ڏيڍ ارب آبادي جي افرادي قوت کي ڪارگر بڻائي 60سالن جي مختصر عرصي ۾ هن ملڪ جو دنيا جي وڏي عالمي طاقت ۽ عوامي طاقت بنجي اڀرڻ يقينن  اڄوڪي دنيا لاءِ  حيرت ۾ وجهندڙ انقلاب ۽ دنيا جي غير معمولي معجزي طور ڏٺو پيو وڃي. چين جي حيرت انگيز  ترقي ۽ ڪاميابين تي اسان جي ملڪ جي رانديگرن سميت دنيا جي سمورن اڪابرن،  حڪمرانن ۽ هيروز  کي ڏندين آڱريون آيل آهن. اسان جي ملڪ ۾ پڻ چين جي بي مثال ترقي کي  ملڪ ۽ سماج جي نظرئي تحت صلاحيتن جي استعمال، محنت، پورهئي، نيڪ نيتي ۽ صلاحيتن جي استعمال جو نتيجو سمجهڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي جا رستا ڪڍڻ بجاءِ  چين جي ترقي کي  ليڊر شپ جي آمريت،  ڏاڍ،  ڏهڪاءَ ۽ ماڻهن کي ڦاهين تي ٽنگڻ ۽ جيل ڀرڻ جو نتيجو سمجهيو پيو وڃي.

چين جي سوشلسٽ نظام ۾ ملڪ ۽ رياست جا سمورا وسيلا ۽ اختيار عوام جي ملڪيت آهن ۽ انهن وسيلن جي ورهاست ۽ ترقي ۾ عوام ۽ حڪمرانن جي سرگرم شرڪت ۽ گڏيل محنت ئي چين کي ان انقلاب جي شاندار نتيجن تي پهچايو آهي. جڏهن ته مغرب جي ملڪن خاص طور تي برطانيا يا انگلينڊ وارو پارلياماني جمهوري سرشتو نج سرمائيداري سماج جي پيداوار ۽ مالدار ماڻهن جي ضرورت ۽ وڌيڪ فائدي ۾ آهي. جنهن ۾ عوام جي ووٽ جي طاقت ، جاڳرتا ۽ سماجي شعور جا فائدا عوام کي ضرور ٿين ٿا ۽ هو بهتر کان بهتر سياسي جماعتن ۽ قيادت کي چونڊي پنهنجي لاءِ  بهتر نتيجا وڌائڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ضرور ٿي سگهن ٿا پر جمهوري سرشتي ۾ عام چونڊن واري سرشتي ۾ نمائندن جو چونڊجڻ وڏن خرچن وارو معاملو آهي جنهن ۾ مٿين مالدار طبقي جا ماڻهو ئي چونڊجي اچن ٿا. ائين چئجي ته جمهوري سرشتي ۾ مالدارن جي جماعتن ۾ مقابلا ٿين ٿا . اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جو آئين ۽ قانون انهن مقابلن کي لاقانونيت ۽ رڇن ۽ بگهڙن واري ويڙهه ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿئي ٿو پر تنهن هوندي به ڪنهن طاقت يا طاقت ور ڌرين جي مدد سان چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيڻ چونڊن جا نتيجا چوري ٿيڻ  يا تبديل ٿيڻ وارا واقعا اڪثر منظر عام تي ايندا رهن ٿا.

دنيا ۾ 20هين عيسوي صدي دوران ٿيل ٻه وڏيون عالمي جنگيون، پهرين مهاڀاري لڙائي جيڪا 1914 کان 1918ع تائين يورپ جي ملڪن جرمني، آسٽريا،هنگري ۽ اوٽامن بادشاهت طرفان برطانوي سلطنت، آمريڪا، فرانس، روس، اٽلي ۽ جپان خلاف وڏي جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾هڪ ڪروڙ 60 لک فوجي ۽ عوام مارجي ويا. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ جپان وڏي فوجي طاقت هو ۽ هن روس ۽ چين ملڪن جي وڏي حصي تي قبضا ڪري ورتا هئا.

دنيا ۾ پهرين عالمي جنگ وارو زمانو جنهن ۾ بحري فوجن ۽ بحري طاقت رکندڙ ملڪن کي فوجي طاقت حاصل هئي، جنهن ۾پورچوگيز، فرانس، برطانيا، اٽلي، برطانيا  آمريڪا، جپان اڳتي وڌي پنهنجي خطن ۽ ويجهن ملڪن تي حملا ڪري قبضا ڪيا ۽ انهن جي وسيلن ۽ مال ملڪيتن ۽ خزانن جا جهاز ڀري آڻي پنهنجن ملڪن کي شاهوڪار ۽ مالامال ڪيو. خاص طور تي برطانوي راڄ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي نالي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ داخل ٿيڻ ، جاسوسي ڪرڻ ۽ پنهنجي حڪومتن جي مدد سان مختلف رياستن ۽  ڪمزور ملڪن تي قبضا ڪرڻ لاءِ  ڪوڙڪي يا هٿيار طور استعمال ٿيون. جنهن جي پٺيان ملڪن ۽ رياستن تي قبضا ڪرڻ لاءِ  ويندڙ جي ڪاروباري گروهن ۽ بحري ڪمپنين کي سندن ئي ملڪن جي حڪومتن جي سرپرستي ۽ مدد حاصل رهي.

دنيا جي ملڪن جي تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو ته، سمورن کنڊن ۽ خطن جي ملڪن ۾ گذريل هڪ صديءَ دوران جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اهو دنيا جي قومن ۽ نسلن لاءِ  پڻ المناڪ ۽ عبرتناڪ دستاويز آهن. پهرين ۽ ٻين عالمي جنگ وارا دور، دنيا ۾ مارڪسسٽ ۽ سوشلسٽ انقلابن جي برپا ٿيڻ وارا دور به آهن ، جنهن تحت روس ۽ ٻين ملڪن ۾ لينن جي قيادت ۾ سوشلسٽ انقلاب آيا ۽ اڳتي هلي مائو زي تنگ ۽ چواين لائي جي قيادت ۾ چين ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ٿيو . اهڙيءَ ريت، ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو ۽ اتر ڪوريا ۾ چيرمين ڪم ال سنگ جي قيادت ۾۽ انقلابي اڳواڻ هوچي من جي قيادت ۾ ويٽنام ۾انقلاب آندا ويا. جيڪي اتان جي انقلابي عوام جي ڀرپور حمايت سان  انقلابي جماعتن، ڪميونسٽ پارٽين يا سوشلسٽ جماعتن ذريعي آندا ويا ۽ ڪامياب ڪيا ويا . بيشڪ ! انهن انقلابن انقلابي ملڪن کي غربت، جهالت، بک ۽ بيروزگاري مان ٻاهر ڪڍيو ۽ تعليم مفت ۽ عام ڪئي ۽ ملڪ جي وسيلن کي ترقي ڏني ۽ انهن کي عوام ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ  ڪم ۾ آندو. جنهن جو بهترين مثال روس بعد هاڻي عوامي جمهوريا چين آهي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي کي 100 سال مڪمل ٿيڻ تي گذريل ڏينهن چين ۾ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي ۽ ڪاميابين جا جشن پڻ ملهايا ويا.

عوامي جمهوريا چين جي ڏيڍ ارب آبادي جي طاقت ۽ ملڪ جي وسيلن ۽ صلاحيت کي ڪارگر بنائڻ ذريعي ملڪ کي  دنيا جي سڀ کان وڏي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي واري قوت ۽ دنيا جي وڏي فوجي طاقت بنائڻ ۽ عالمي طاقت بنجڻ واري مثالي ڪاميابي ۾ هن ملڪ جي عوام جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو سالن جي انقلابي جدوجهد شامل آهي. چين ملڪ، پهرين ۽ ٻين عالمي جنگين جو سڌو سنئون شڪار  ۽ جپان ۽ برطانيا جي والار، قبضن ۽ ظلمن جو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ڊگهي مدت تائين گهرو ويڙهه واري رتوڇاڻ ٿيڻ واري حالت مان چين کي سندس انقلابي اڳواڻن مائو زي تنگ، چو اين لائي ۽ ٻين لکين ڪميونسٽ انقلابين جي جدوجهد، ڏاهپ، محنت ۽ قربانين سان عوامي طاقت ۽ شعور کي انقلاب ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. يقينن، چين جو انقلاب ۽ اسان جي ملڪ جو جمهوري سرشتو ٻه ڌار نظام آهن.. اسان جي ملڪ برطانيا جي قبضي مان آزادي حاصل ڪئي۽ ملڪ ۾ اڳ ئي رائج برطانوي پارلياماني جمهوريت وارو سرشتو آزادي بعد به جاري آهي پر اهو  عوام جي ووٽ سان حڪومتون چونڊڻ وارو سرشتو پڻ هلڻ نه پيو ڏنو وڃي ۽ عوام جا ٻه محبوب اڳواڻ ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيا ويا آهن ۽ هزارين جمهوريت جا پروانا جيلن ۽ ڪيترين ئي آزمائشن جو شڪار ٿي چڪا آهن. هاڻي ته ملڪ ۾ عام قسم جون جمهوري آزاديون ۽ آئيني سرشتي کي پڻ يرغمال ڪري چونڊون ۽ نتيجا تبديل ڪري عوام جو اقتدار ئي ڦرجي رهيو آهي ۽  حڪومتن ۽ اسيمبلين جي پڻ چوري ۽ ڦرون عام آهن.

چيني ٻين قومن جي بي مثال جدوجهد ۽ قربانين جو اهو حاصل آهي جو پاڪستان کان به پوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪ،  هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي عوامي ۽ عالمي طاقت بڻجي اڀريو آهي.اسان جي ملڪ ۽ عوام کي پڻ چين وانگر پنهنجي ملڪ ۾ انقلاب برپا ٿيڻ،  پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجو نصيب روشن ٿيڻ، پنهنجا وسيلا ۽ پنهنجي ترقي جا حق حاصل ٿيڻ جو بي چيني سان  انتظار آهي.! اميدن تي ئي دنيا قائم آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے