asma shirazi

چوڌري صاحب جو سال

چونڊمواد عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمھ شيرازي

گذريل سال بھ ڪھڙو نھ ھو،اميد، نااميدي،آس ۽ ياس، وصال ۽ ملال جي وچ ۾ ھي سال به گذري ويو. سياست ۾ ھنگامھ خيزي  اڃا رڪي ناھي، پر غير سياسي ھنگامھ پروري ڪنھن حد تائين گھٽ ضرور ٿي آھي.گذريل سالن ۾ سڀ ڪجهه هو،جي نھ ھو تھ ملال نھ ھو، گذريل سالن ۾ ڇا وڃايو جو سوال نھ ھو،ڇا پاتوسين جو حساب ھو، بحيثيت قوم اسان سان ڇا ٿيو ۽ ڇا ھٿ آيو؟ اسان معاشي طور تي ڪٿي بيٺا آهيون ۽ ايندڙ سال ڪٿي بيٺا هونداسين، اھو بھ ناھي معلوم البتھ  ڪجهه عجيب واقعا ضرور پيش آيا جن ان کي ڪجهه خاص بڻائي ڇڏيو.

2022ع شروعات ئي پاڪستان جي سياست ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ڇڏي  ھئي.  جنوري جي سرد موسم ۾ ويڇن ۾ ورهايل مخالف ڌر هڪ صفحي تي گڏ ٿيڻ شروع ڪيو. ورڇن  جي سياست موڪلائي وئي  ته اعتماد وڌيو ۽ اهڙي طرح مخالف ڌر عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ کڻي آئي. عمران خان جي ٽن سالن جي حڪمرانيءَ مان ڪڪ ۽ ناڪامي جو بار لاھڻ جي ڪوشش ڪندي،عسڪري اشرافيھ ’غير سياسي‘ ٿيڻ جو اشارو ڏئي چڪي تھ سياسي پارٽين ھٿ آيل موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ سنڌائتو ڌڪ ھينو.

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئيني طريقي سان حڪومت ختم ٿي، مخالف ڌر  اقتدار ۾ آئي، پر اقتدار جي منتقلي جو ڏکيو مرحلو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ باب بڻجي ويو.ملڪ جي اعليٰ عدالت صدر، وزيراعظم ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي غير آئيني قدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اقتدار شهباز شريف کي منتقل ٿيو.

ڊگھي ڊرامائي صورتحال شايد ئي ڪڏھن  سياست ۾ رھي ھجي، جيڪا سال 2022 جي حصي ۾ آئي. سائفر ڪهاڻي، آمريڪي سازش ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيئو گھٽين مان ٿيندو باجوا مخالف مهم تي پڄاڻيءَ تي پهتو، يعني خاڪ اتي ئي پھتي جتي جتان کان خميرکنيو ويو هو. هن سال جو اهم سياسي واقعو ۽ هڪ عدد تجسس ان ڀرپور پنجاب ڊرامي ۾ حڪومتن جي تبديلي مٿان تبديلي پڻ هئو.

حمزا شهباز مختصر مدي جي لاءِ  فليٽيز هوٽل ۾ چونڊجندڙ پھرويون وزيراعليٰ بڻيو  جڏهن ته وفاق وانگر پنجاب ۾ بي اعتمادي واري آئيني عمل کي فٽبال ميچ ۾ تبديل ڪيو ويو. آخرڪار عدالت سرگرم ٿي ۽ حمزا شهباز ۽ پرويز الاهي مان ”جيت “چوڌري جي ٿي.

پرويز الاهي جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ تاريخي عدالتي فيصلي ۾ باغي ميمبر جي ووٽن جي نھ ڳڻڻ کي ڳڻپ ۾  بدلايو ويو ۽ اهڙي ريت چوڌري پرويز الاهي پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو. عدالت پارليامينٽ جا اختيار کسي ڇڏيا،ھاڻي نتيجي طور تي بي اعتمادي واري شق  آئين ۾غير فعال آهي.

2022ع ۾  آرمي چيف جي مقرري جو عمل ڪنهن جاسوسي ڊرامي کان گهٽ نه هو. توسيع، مقرري ، محلاتي سازشون، سمريون، ڌرڻن جي وچ ۾، هڪ اهم مقرري ٿيڻي هئي، سا ٿي وئي، جنرل عاصم منير آرمي چيف ٿيو ۽ 29 نومبر ڪمان جي تبديلي جو ڏينهن ثابت ٿيو.

ان سڄي صورتحال ۾ جنرل باجوا جي موڪلاڻي ۽ ويندي ويندي اداري جي غير سياسي ٿيڻ جو فيصلو به اهم هو. آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل نديم انجم جي اھم پريس ڪانفرنس ۽ ڪئميرا تي اداري جي عدم مداخلت واري پاليسي جو اعلان به ڪنھن ريت بھ گهٽ اهميت وارو ناهي. ادارو غير سياسي ٿيو يا نه، اهو الڳ بحث آهي پر تاريخي ڳالھھ اھا آهي ته اهو فيصلو ٿي ويو.

هاڻي جنرل باجوا عمران خان جي توپن جي ڪناري تي آهي، هر روز ھن جي سياسي ھئڻ جون شاهديون ڪڏهن عمران خان، ڪڏهن پرويز الاهي ۽ ڪڏهن ملڪ جو صدر ٻڌائي رھيا آھن پر جنرل باجوا هن سال جي اھا شخصيت رهيو جنھن هر طرف کان تڪراري ھئڻ جو شرف حاصل ڪيو.

هن سال جيڪو ڪجھھ پوکيو ويو سو لڻيو ويو، پر جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ جي ڪو ڪامياب ٿيو ۽ ايندڙ سال به ان جا ئي امڪان آهن ته ان جو نالو چوڌري پرويز الاهي آهي. چوڌري صاحب ڏهن ووٽن سان سڀني کان وڏي صوبي جو وڏو وزير بڻيو  ۽ اڪثريتي جماعت ھن جي ھٿان  بيوس آهي. عدالت هن کان  اڳيان ھلي ٿي ۽ تحريڪ انصاف هن جي پٺيان، هي اهڙو مرد قلندر آهي جو بقول  اقبال  ”فرشتي جن ڪي نصرت ڪو ،قطار اندر قطار اب ڀي “

دوستو! چوڌري صاحب  ڀاڳن وارو آهي لڳي ڀاڳ وڌي واڙي ، سر سلامت رھي سالن جي اچن وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پوي،ڪو اچي يا وڃي ، هر سال چوڌري صاحب جو سال آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *