asma shirazi

اندر جي خاموشي ڪير ٽوڙيندو؟

چونڊمواد عاصمه شيرازي ليکڪ

عاصمھ شيرازي

ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتن ڪيترن ئي ساڃاهه وند ذهنن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ڪٿي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جهڙا اصطلاع ماضيءَ جو قصو ته نه ٿي ويندا؟، هر شيءِ ۾ حد بهتر لڳندي آهي پر ڪڏهن اهو نه ٻڌو هو ته خاموشي به حدن اندر سميٽجي قيد ٿي ويندي؟، خاموشيءَ کي خاموش رهڻ جي اجازت به نه ڏني ويندي، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو خاموشيءَ جي ڳلي کي دٻائي گهٽو ڏنو وڃي ۽ وري خاموشي زنده به رهي. ان جو هڪڙو مثال هي معاشرو به آهي جنهن جا اسان رهواسي آهيون. انهيءَ معاشري ۾ ٽي وي جون اسڪرينون ته روشن آهن پر دماغ مائوف آهن، اخبارن جو انگ ته سونِ ۾ آهي پر انهن ۾ حقيقتون محدود آهن، پاڪستان جو آئين راءِ جي آزاديءَ جو ضامن آهي پر راءِ جي اظهار جي آزادي ڪنهن کي آهي، اهو هڪ سوال آهي، ايتري قدر جو فيصلا به محفوظ آهن….. سچ چوڻ جي اجازت ته آهي پر اها مشروط آهي، تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا ته ضرور آهن پر اهي اشارن ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ لفظ اڌارا ورتا ويندا آهن ۽ اهي بي آبرو ڪيا ويندا آهن…..

جون 2019ع هڪ وفاقي وزير جو بيان هيو ته ملڪ ۾ رڳو پنج هزار ماڻهن کي چونڪن ۽ چوراهن تي ڦاهين تي چاڙهيو وڃي ته ملڪ بهتر ٿي ويندو….رڳو هوا ۾ مڪو لهرائڻ جي برابر ثابت ٿيو. اهڙي قسم جي گفتگو اعلى عهديدارن جي واتان ٻڌي ته کِلَ نڪري وئي ته ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟. هڪ جيئري جاڳندي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي ڪيئن چيڀاٽي سگهجي ٿو؟. خبر ناهي اهو پنجن هزارن جو انگ ڪٿان آيو، ڪنهن ٻڌايو ۽ وري ڪنهن چورايو…پر هاڻي اهڙي ڳالهه سچ ٿي لڳي. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به ڪنهن چونڪ ۽ چوراهي تي ٽنگيو ته نه ويو آهي پر ان جي ابتڙ اهو ضرور ٿيو آهي ته جمهوريت پسندن کي سر عام ڪڏهن گولي ۽ ڪڏهن گار ۽ ڪڏهن غداري جي الزامن کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙي صورتحال ۾ قومي ميڊيا ويچاري ۽ بي وس ٿي پوندي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا سرگرم هوندي آهي.

ڪجهه وقت اڳ ميڊيا اٿارٽيءَ جي قيام جي ڳالهه ٿي پر ردعمل ڪري اهڙي ڳالهه رڳو تجويز تائين محدود رهي ۽ هاڻي وري ميڊيا اٿارٽيءَ جي قيام متعلق بحث ۽ دليل بازيءَ جي گونجار شروع ٿي وئي آهي. ٽربيونلز جي قيام ۽ صحافين کي ٽربيونلز ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جي باقاعدي تجويز، صحافين کي شڪايت جي صورت ۾ ڄاڻايل اٿارٽي سزائون ڏئي سگهندي، ٽربيونلز ۾ صحافي به شامل هوندا پر انهن جي مقرري صدر مملڪت جي سفارش تي ئي ٿي سگهندي. ڪوبه صحافي نظريه پاڪستان، پاڪستان جي خودمختياري، سالميت يا سيڪيورٽي متعلق ڪنهن به پروپيگنڊا، عمل يا تشهير جو نه ذريعو ٿيندو ۽ نه ڪندو. اٿارٽي ئي اهو ٻڌائي سگهندي ته ڪنهن پاڪستان جي نظرئي، سلامتي جي ادارن وغيره خلاف ڳالهايو آهي.

انهن سڀني ڳالهين کي جواز بڻائي اڳ به ڪيترن ئي صحافين کي قانوني ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو آهي، هن کان اڳ به ڪيترائي صحافي پيمرا قانونن جي تحت ايف آءِ اي ۾ جوابدار بڻيل آهن جڏهن ته ڪجهه ئي عرصو ٿيندو ته صحافين کي سنڌ حڪومت جي ڪجهه وزيرن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي هڪ وڊيو فارورڊ ڪرڻ جي الزام ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

آزادي محدود ٿيندي پئي وڃي ۽ حد وڌندي پئي وڃي تعزير ۽ سزا جي معنى بدلجندي پئي وڃي، طاقت پنهنجي پوري اختيار سميت متحرڪ آهي، هاڻي سچ چوڻ ۽ سوچ جي آزاديءَ جي جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ڪجهه مٿي ڦريا آهن جن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪوششون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ڪجهه ”زبان دراز“ آهن، جيڪي غداريءَ جي ڪيسن ۽ اعزازن کي سميٽي خودداريءَ جي جنگ ۾ هڪ ادنى سپاهيءَ وانگر فڪر جي محاذ تي بيٺا آهن جيڪي پنهنجي فطرت کان مجبور ۽ لاچار آهن، پر جي هو طاقتورن جي حلقي ۾ شامل ٿي وڃن ته معصوم ٿي ويندا.

سچ جي امتحان جي در تي ڏيئو ئي ته ٻارڻو آهي جيڪو ٻارينداسين، پر طاقتورن جون خواهشون ته لا محدود آهن، انهن جي اها به خواهش آهي ته گهٽيون ويران ٿي وڃن ته جيئن مرزا يار وڏي مزي ۽ سڪون سان بازار گهمي سگهن، اهڙي خواهش مان آخر ڪوئي ڪيئن ٿو نڪري سگهي، جڏهن ته اهڙي ماحول ۽ ڪيفيت جي خلاف جنگ ته وڙهي سگهجي ٿي پر خوف جي اهڙي ماحول ۾ خوف ۾ ورتل ماڻهن کي ڪو جنگ لاءِ ڪيئن ٿو مجبور ڪري سگهي؟، ٻاهر جي پابندين کي ته ٽوڙي سگهجي ٿو پر اندر جي گهيري کي ڪير ڪيئن ٽوڙي سگهندو، ٻاهر جي اسڪرينن جي ڪاري هجڻ جو ڪو خوف نه آهي پر ذهن جي ڪارين اسڪرينن جو ڇا ٿيندو؟، پنهنجي آواز جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻ لازم آهي پر پنهنجي اندر جي خاموشيءَ کي ڪير ٽوڙيندو، موت مار خاموشي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *