Imtiaz Alam

چار جي ٽُولي جي چين مخالف سرد جنگ

امتياز عالم ليکڪ

امتياز عالم

چين خلاف چار جي ٽولي جي سرد جنگ جي باقاعده اعلان کانپوءِ چار جي ٽولي (QUAD)  جنهن ۾ آمريڪا، هندستان، جاپان ۽ آسٽريليا شامل آهن، جو گذريل ڏينهن ۾  واشنگٽن ۾ اجلاس ٿيو، هندستاني ميڊيا ان موقعي کي ” افغان، پاڪستان ۽ چين“ جي رابطن خلاف چار جي ٽولي جي امڪاني جنگ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وئي، پر حيرت ان ڳالهه تي آهي ته واشنگٽن ۾ ٿيندڙ چئن جي ٽُولي جي اجلاس جي خبر نه ته اخبارن جي مکيه سرخي بڻجي نه سگهي پر ان جي ابتڙ هيٽيءَ جي مهاجرين سان ٿيندڙ ظالماڻيون ڪاررواين جون خبرون ميڊيا جو مرڪز رهيون، جڏهن ته هوائي مان چيني فائنانس آفيسر جي ڪيناڊا مان آزادي، جرمن چونڊون ۽ اسپين جي هڪ جزيري ۾ ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جون خبرون اهم رهيون.

ان کان سواءِ جيڪڏهن چئن جي ٽُولي جي ڪا خبر ملي به ته اها خبر چين جي معاشي اڀار کي روڪڻ ۽  سامراج جي جمهوريت دوست نظام کي چين جي آمراڻي نظام جي مقابلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو ويو. چيئن جي ٽُولي جو اجلاس في الحال ته خيالن جي اظهار جو فورم رهيو جيڪو ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾  چين جي هر قسم جي اڳڀرائي کي روڪڻ لاءِ انتظام ڪندو. دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ جي پڄاڻيءَ تي جيڪڏهن ڪا شيءِ سامهون آئي به آهي ته اها آهي ” جمهوريت دوست“ سامراجي نظريو.

” جمهوريت دوست“ هجڻ جي پر فريب نعري جي آئڊيالاجي ته خود آمريڪا ۾ 6- جنوريءَ تي ڪيپيٽل هل تي ٽرمپ جي حامين جي  ٿيل حملي ۽ آمريڪي جمهوريت ۽ چونڊن کي رد ڪرڻ واري عمل مان ظاهر ٿي چڪي آهي يا وري نسل پرستيءَ خلاف ” بليڪ لائيوز ميٽر“ ۽ ” مي ٽُو مومينٽس“ مان ظاهر ٿي چڪي آهي، رهيو  ريپبلڪن سيڪيولر انڊيا ته اهو ڪافي عرصو اڳ کي ” هندتوا“ جي فسطائي  ۽ فرقيواريت جي نظر ٿي چڪو آهي، هاڻي مقابلو آهي ته رڳو  شدت پسند هندتوا ۽ نرم  هندتوا جي وچ ۾ .

گانڌي جي ريپبلڪن انڊيا جو اهڙو حشر ٿيڻو هيو ان متعلق ڪڏهن سوچي نه پئي سگهياسين، پر برصغير ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ٿيندڙ خوني جنگ جي سلسلي ۾ جڏهن ٻه ٽڪر ٿي ويو ته ان جي موٽ ۾ مذهبي انها پسندي طرف ويندڙ ٻه رياستون وجود ۾ اچي ويون، جن ۾ اقليتون انتهائي عذاب جي ور چڙهي ويون.

صدر بائيڊن جيڪو صدر ٽرمپ جي آمريت پسنديءَ واري ايجنڊا خلاف جمهوريت دوست ايجنڊه تي چونڊجي آيو هو،  اوهان کي ياد هوندو ته گجرات ۾ مسلمانن جي قتل عام کانپوءِ آمريڪا موديءَ جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هُئي جڏهن ته موديءَ آمريڪا ۾ ٽرمپ جي حمايت ۾ وڏا جلسا ڪري سندس لاءِ حمايت حاصل ڪئي هئي. هن دفعي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جو ماحول ڪافي رخو رخو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هونئن به آمريڪا جو هيٽيءَ جي پناهه گيرن سان انتهائي بدترين سلوڪ ڪيو آهي ۽ ڪيوبا ۽ وينزويلا کان وٺي نڪارا گوئا تائين آمريڪا جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهڙي عمل سامراج جي ” جمهوريت دوستي” جو اصل روپ واضع ڪري ڇڏي ٿو.

هن وقت دنيا کي تمام وڏا ۽ گهڻا مسئلا درپيش آهن، پهريون ماحولياتي گدلاڻ سان ٿيندڙ تباهي جيڪا انسان جي قدرت سان ڪيل بدترين استحصال جي بدترين شڪل آهي، ماحولياتي تباهيءَ ۾ گهڻ قومي ڪارپوريشنز جو بنيادي ۽ ڀرپور ڪردار آهي ، گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ خطري جون سموريون حدون پار ڪري چڪي آهي ، دنيا جي وڏن ملڪن ۾ هاڻي هر جمعي تي ماحول دوست ماڻهو دنيا ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تباهين خلاف احتجاج ڪندا رهن ٿا سندس مطالبو آهي ته ماحولياتي گرمي پد ۾ اضافي کي فوري طور تي روڪيو وڃي ۽ دنيا ۾ جيڪي ملڪ ماحولياتي گدلاڻ جا ذميوار آهن انهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن.

ٻيو وڏو مسئلو ، دنيا ۾ عالمي سرمائيداري نظام تي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي قبضي جو آهي ، عالمي سرمائيداري دنيا ۾ انتهائي غير منصفاڻو سماجي نظام پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري دنيا ۾ غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق وڌي رهيو آهي، ترقي يافته ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ وڇوٽي وڌي رهي آهي جنهن ڪري دنيا جي استحڪام کي خطرو پيدا ٿي چڪو آهي.

ٽيون وڏو مسئلو ڪورونا ۽ مختلف وبائون آهن جيڪي سرمائيداري نظام جي اوڻاين ڪري پيدا ٿيون آهن ۽ انسانيت لاءِ انتهائي خطرا پيدا ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته مزي جي ڳالهه اها آهي ته چين جو صدر زي پينگ انهن ٽنهي انسان دشمن مسئلن سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار آهي، هو  ڌرتيءَ جي ماحول ۾ ڪاربن جي پيدا ٿيڻ واري عمل کي 2030ع تائين اڌ ۽ 2060ع تائين مڪمل ختم ڪرڻ گهري ٿو. جڏهن ته ڪورونا جي خاتمي لاءِ چين هرسال ٻه ارب ويڪسين سواءِ ڪنهن قيمت جي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ، رهيو عالمي سرمائيداري نظام ته چين پڻ ان کي چيلينج ڪري رهيو آهي، ۽ چين ڪوشش ڪري رهيو آهي ته گڏيل قومن جي اداري جي ڪوششن ذريعي دنيا ۾ امن جي بقا لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن اهي ڪامياب ٿين ۽ چين ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته سموري دنيا ۾ مساوات ۽ برابريءَ جي بنياد تي انسانيت جو مستقبل تعمير ٿئي ۽ انسان محفوظ رهن، چين خلاف جيڪا سرد جنگ شروع ڪئي وئي آهي اها نه ته کٽي ٿي سگهجي ۽ نه ئي وري اها ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهي ٿي.

چين چوٿين صنعتي انقلاب ۾ آمريڪا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ، چين 2049ع تائين دنيا جي نقشي تي هڪ سوشلسٽ ملڪ جي طور تي اڀري اچڻ لاءِ رٿا بنديون ڪري رهيو آهي جڏهن ته چين دنيا ۾ ڪنهن سان به ڪنهن به جنگ ۾ ڦاسڻ نه ٿو چاهي، جڏهن ته چين خلاف سرد جنگ ۾ هندستان آمريڪا سان گڏ ڪيتري به حد تائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ هندستان جو سمورو زور پاڪستان ۽ چين جي خلاف آهي. ننڍي کنڊ جي بدقسمتي اها آهي ته بدترين خونريزيءَ کانپوءِ وجود ۾ ايندڙ ٻئي ملڪ هاڻي ايتري حد تائين ته نفرت جو شڪار ٿي چڪا آهن جو اهي هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ لاءِ انتهائي حد تائين وڃي سگهن ٿا. افغانستان جو ئي مثال وٺو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ سان هندستان ۾ ماتم جي صورتحال آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ خوشين جا دهل وڄايا پيا وڃن، پر دنيا وري ان ڳالهه ڪري شيشدر آهي ته هاڻي افغانستان جو ٻرندڙ جبل ڪيئن ٿڌو ٿيندو.

افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن کي ان ڳالهه تي حيرت آهي ته طالبان جي اڪيلي حڪومت گهرو ويڙهه کي دعوت ڏيندي، دهشتگرديءَ کي ڦهلائيندي، انهن جي ڪري انساني بحران خوفناڪ حد تائين وڌي ويندو ۽ سڄي دنيا تي افغان مهاجرن جي يلغار ٿي ويندي. دنيا کي اها به اميد هُئي ته افغان جنگ جي خاتمي کانپوءِ القاعده ۽ اسلامي رياستن عراق ۽ شام  ۾ ( دائش) جي خاتمي کانپوءِ عالمي دهشتگردي زوال پذير ٿي ويندي جنهن کانپوءِ مقامي مذهبي انتها پسندي يا جهاد سان ڪوبه عالمي خطرو درپيش نه هوندو، افغان جنگ جي خاتمي کانپوءِ ائين نه ٿيو ۽ صورتحال ويتر خطرناڪ ٿي وئي آهي.

جهاد جي سياست ۾ طالبان جي سياست جو ماڊل انتهائي ڪامياب رهيو آهي، شرط رڳو اهو آهي ته معروضي ضرورتن ۽ گهرجن کي سمجهندي افغان عوام کي وڌيڪ تڪليفن ۽ عذابن ۾ مبتلا نه ڪيو وڃي، پر لڳي ٿو ته سخت گير جهادي ڪمانڊر اڃان تائين پنهنجي خودڪش راهه تي گامزن آهن، جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي طالبان حڪومت لاءِ سفارتڪاري ڪرڻ کان پڻ اعتراض آهي، ۽ وري تحريڪ طالبان پاڪستان حلمن لاءِ تيار آهي، طالبان حڪومت کي جلديءَ ۾ تسليم ڪرائڻ جي آخرڪار ضرورت ڪهڙي آهي جيستائين اها هڪ مهذب حڪومت نه ٿي بڻجي؟،

آخر ۾ اهو چوڻ ضروري آهي ته چين خلاف عالمي سرمائيداريءَ جي جنگ جو اهڙو نتيجو بلڪل به نه نڪرندو جهڙو روس جونڪتو هو ، پر هاڻي حقيقت اها آهي ته آمريڪا جي عالمي بالادستيءَ جو زوال شروع ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *