Mohammed Hanif

ٿَڪيل پاڪستان ۽ فرزند پاڪستان

چونڊمواد ليکڪ محمد حنيف

محمد حنيف

عمران خان جي جادوگر شخصيت اسان ننڍپڻ ۾ هڪ لان جي اشتهار ۾ ڏٺي هئي.هڪ تمام گهڻي تخليقي اشتهار ۾ عمران خان کي نه ڏيکاريو ويو هو، بس رڳو هڪ پاڇولو هو جيڪو اسڪرين جي هڪڙي پاسي کان ظاهر ٿئي ٿو، سلو موشن ۾ هڪ ڊگهو رن _اپ وٺي ٿو،پوءِ چيتي وانگر وڏو ٽپو ڏئي بال اڇلائي ٿو.

بنا عمران خان جي چهري ڏسڻ جي رڳو ان جي رن_اپ ۽ بولنگ ايڪشن سان ٽي وي جي سامهون ويٺل سموري قوم کي پتو پئجي ويو ته جيڪو اسڪرين تا پاڇولو لنگهيو آهي اهو اسان جو ڪپتان آهي.

ڪرڪيٽ جي باري ۾صفا گهٽ علم آهي،پر جنون جيان ڪرڪيٽ سان عشق ڪندڙ ۽ ان بابت رپورٽنگ ڪندڙ ساٿي رپورٽر عبدالرشيد شڪور کي پڙهي ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي ايترو ڄاڻندو آهيان ته سٺي کان سٺي فاسٽ بالر کي نه وڪيٽن جي پٺيان هڪڙو پاڻ جهڙو ئي چيتو وڪيٽ ڪيپر ۽ سلپ ۾ جاڳندڙ رانديگرن جي ضرورت هوندي آهي. عمران خان بيٽسمينن جون وڪيٽون ته اڏائيندو ئي هو پر هن بال ئي سوئنگ ڪرڻ جو آرٽ به سيکاريو ۽ ان جا دشمن به مڃين ٿا ته پنهنجي ڪيريئر جي آخري ڏينهن ۾ به ان کان سٺي ريورس سوئنگ ڪڏهن ڪنهن نه ڪئي.

هتي اهو اعتراف ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جڏهن منهنجا صحافي ڀاءَ عمران خان جي سياست کي ڪرڪيٽ جي استعارن سان بيان ڪندا هئا ته مونکي ڏاڍي چِڙ لڳندي هئي.

ڌرڻي جي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي رپورٽر ،خان صاحب کان پڇندا هئا ته اوهان اڳيون بائونسر ڪڏهن هڻندا، ايندڙ وڪيٽ ڪنهن جي وٺندا، خان صاحب خود به امپائر جي آڱر جو ذڪر ڪري اهڙي قسم جي صحافت کي هٿي ڏني، مون جهڙو ڪرڪيٽ کان بي خبر شخص اهو پڇندو هو ته اها ڪهڙي ڪرڪيٽ آهي،جنهن ۾ ميچ کي هڪ سئو ڏينهن کان وڌيڪ ٿي ويا.

ته اهو ڪپتان جي ڪپتاني جو ئي جادو آهي مان به ڪرڪيٽ جي زبان ۾ ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهيان.

خان صاهب جو ڊگهو رن_اپ ڏسان ٿو.چيتي جيان اڀو ٿيڻ ڏسان ٿو ۽ پوءِ وري ڏسان ٿو ته هن پنهنجي وڪيٽ جي پٺيان ڪهڙا رانديگر بيهاريا آهن،اهي اپيل پورو ڳلو ڦاڙي ڪري سگهن ٿا،پر انهن مان ڪو به وسيم باري جيان ڊگهي جست لڳائي ڪيچ پڪڙي سگهي ٿو ؟

مونکي چڱي ريت ياد آهي ته وسيم باري هڪ ڀيري هڪ انگز ۾ اٺ ڪيچ پڪڙيا هئا،

خان صاحب اڪثر فرمائيندو هو ته مون کان بهتر ٽيم جوڙڻ ڪنهن کي نٿي اچي.۽ ان جي لاءِ اهو ورلڊڪپ جي ٽيم جو ذڪر ڪندو هو،پوءِ شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ پئسا گڏ ڪرڻا هئا ته ان ۾ ته هن قوم جي ٻار ٻار کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو هو.

حڪومت ۾ اچي ڪري هن جيڪا ٽيم قوم کي پيش ڪئي آهي ان کي ڏسي لڳي ٿو ته اها ڪا اصل ميچ نه آهي،بلڪه اهڙي طرح جي بينيفٽ ميچ آهي جنهن ۾ سمورا رٽائرڊ رانديگر شامل آهن رڳو پنهنجي فائدي جي لاءِ کيڏي رهيا آهن،عمران خان ڊگهي رن_اپ وٺي ڪري پوري زور سان بال اڇلائي ٿو ۽ اهو وڪيٽ ڪيپر آهي فرزند پاڪستان.

عمران خان جيڪڏهن سنگاپور جي وزيراعظم جي بجاءِ شيخ رشيد جو ڪتان پڙهي وٺي ها ته سياست جلدي سکي وٺي ها.شيخ رشيد ان ڪتاب جو نالو رکيو هو ”جي ها فرزند پاڪستان“

جيڪي به شيخ رشيد کي سڃاڻندا آهن ۽ شفقت محمود ۽ اسد عمر کي ايترو نٿا سڃاڻن جيترو شيخ رشيد کي سڃاڻندا آهن ، اهي سڀ ڄاڻن ٿا ته شيخ رشيد کي هر حڪومت ۾ هئڻ گهرجي پر ان کي سواءِ ڪئميرا جي سامهون ڳالهائڻ جي ڪو ڪم نه ڏيڻ گهرجي،(ان جي مقابلي ۾ عمران خان جي اصلي ٽيم جي ميمبر ۽ صدر مملڪت عارف علوي کي ڪئميرا ۽ ٽوئيٽر کان پري رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو جڏهن اهو پنهنجي گهر کان 15 منٽ پري 22 شهرين جي فوتگي جي خبر ٻڌي ٿو ته فرمائي ٿو ته ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ مونکي خبر آهي ڇاڪاڻ جو مان به هڪ ڀيرو برفاني طوفان ۾ ڦاسي ويو هوس ،طوفان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي اها خبر پوي ته جيڪڏهن اوهان بچي ويا ته هڪ ڏينهن اوهان صدر بڻجي ويندا، مون کي ڏسو. )

شيخ رشيد وزير ريلوي هو ته ايترا خطرناڪ حادثا ٿيا جو لڳو ته قوم کي انهيءَ ڳالهه جي سزا ملي رهي آهي پر شيخ رشيد کي سندس پسند جي وزارت ناهي ملي.فرزند پاڪستان هر ايندڙ ويندڙ حڪومت ۾ پنهنجي عمل سان ثابت ڪري چڪو آهي ته ڪئميرا آن ڪريو ۽ منهنجون ڳالهيون ٻڌو مون کان ڪو ڪم وغيره نٿو ٿئي.

هو اسان کي جي ايڇ ڪيو جا گيٽ نمبر ٻڌائي ثابت ڪري ٿو ته قوم کي پنهنجي ڳالهه گيٽ جي اندر پهچائڻ جو رستو اهو ئي آهي. پر فرزند پاڪستان کي پاڪستان کان ايترو ڊپ لڳي ٿو جو جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ ايٽمي ڌماڪو ٿيڻو هو انهيءَ ڏينهن اهو دبئي ڀڄي ويو هو ڇاڪاڻ جو کيس لڳو ته اسان جو اهو ڦٽاڪو هيڏان هوڏانهن ٿي ويو ته سمورا ئي مري نه وڃن.

ته اوهان جي ملڪ جو سڀني کان طاقتور وزير اهو آهي جيڪو اهو فيصلو ڪري ٿو ته اڄ هي خطرو آهي ته سمورو ملڪ هڪ بم ڌماڪي ۾ اڏامي ويندو ان ڪري مان دبئي جي فلائيٽ بڪ ڪرائي وٺان.

عمران خان رن اپ جي لاءِ مڙي ٿو، ڳاڙهي بال کي پنهنجي اڇي پينٽ تي رڳڙي ٿو، مڙي ٿو، رن اپ شروع ڪري ٿو پر وڪيٽن جي پٺيان شيخ رشيد کي ڏسي ٿو ته ٿورو ٿَڪي ٿو پوي،چيتي وارو ٽپو ڀلجي ٿو وڃي،امپائر ڏانهن ڏسي ٿو.امپائر چوي ٿو ته اوهان ئي ته نيوٽرل امپائر جو آئيڊيا دنيا کي ڏنو هو.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *