”ٿر جي ريگستان“ جي چاشنيءَ سان ڀريل ”مٺي“ شهر کان ڪوهين ميل پري سئو کان وڌيڪ ڌرم آستانن تي ٻڌل ”ڪارونجهر “ جيڪو گنگا جي ساڌوئن جو ڀرم رکڻ ۾ ”ننگرپارڪر“ جي سرمئي پهاڙن جي مدد سان هن وقت تائين پنهنجي ڌرم۽اتي رهندڙ ڌرم پوڄارين جي غذا ۽ زندگيءَ کي سنڀالڻ تي فخر آهي.
هي ڪارونجهر جي سون پيدا ڪندڙ جبلن جو اهو سلسلو آهي جيڪو ڪڇ جي رڻ جي آشائن سان تحرڪ ڏيندي اسان جي انسان دوست خيالن کي ڪڏهن راکي جا دلڪش لمحا پَسائي ٿو.ڪڏهن ڌرم کان پري يڪ جوئي جو پيغام سموري ڪائنات کي ڏيندي نظر اچي ٿو. اندازي کان ٻاهر سون پيدا ڪندڙ جبلن سان ڍڪيل ڪارونجهر اڄڪلهه عالمي سرمائيدارن سميت ملڪي سرمائيدارن جي منافعي جي قهر ۾ بي يار ۽ مددگار جي صورت اسان جي توجهه ۽ احساس جو طلبگار آهي،اسان جي مدد ۽ پنهنجا ڏک درد اسان سان ورهائڻ چاهي ٿو،پنهنجي پٽ تي ٿي گذريل عذاب اسان کي ٻڌائڻ چاهي ٿو،اسان جي ستل احساس کي جاڳائڻ چاهي ٿو۽ سان کي پنهنجو سنگتي ساٿي بنائڻ چاهي ٿو.
اسان کي جڏهن ”مٺي“ جي ڪشور ”ٿر فيسٽيول“ ۾ ڪارونجهر جي بچاءُ خاطر صحافت ۽ فڪر جي حوالي سان دعوت ڏني ته اسان سان گڏ اسان جي ڊاڪيومينٽري صحافت جي ڄاڻو صحافي دوست عباس نقوي ۽ پاڪستان ۾ تخليقي ايڊورٽائزنگ جو تخليق ڪار ۽شاعر معين قريشي به ساٿ ۾ شامل ٿيو.
جڏهن ته ٿر جي ان مطالعاتي دوري جي جوڙيوالن ۾ سنڌي ٻولي جو ناول نگار ۽ اسان جي ڊي ايس ايف برادري جو ساٿي منظور ٿهيم اڳڀرو هو، جيڪو حيدرآباد ۾ اسان جي انتظار ۾ هو.ڪراچي مان اسان ٽنهي دوستن سفر جو سامان پاڻ سان ٻڌو ۽ مقرر ڪيل وقت تي منظور ٿهيم جي ٺڪاڻي تي پهچي وياسين. ننگر پاڻي بعد اهو طئي ٿيو ته ”مٺي“ کان اڳ هڪ رات” امر ڪوٽ“ ۾ گذاري وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته ڏينهن جي روشني ۾ ئي ”امر ڪوٽ“ جي ڊاڪيومينٽري تي شروعاتي ڪم ڪري وٺجي.
لاڳاپيل پروگرام کي انجام ڏيڻ جي لاءِ اسان دوستن جو ميرپور خاص جي رستي سان وڃڻ ضروري هو ته جيئن اسين ٿر جي پهرين منزل ”امرڪوٽ“ مقرر ٿيل وقت تي پهچي وڃون.
ميرپور خاص جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪلب جي صحافي دوستن انور بروهي صاحب جي اڳواڻي ۾ اسان کي پريس ڪلب پهچايو، رستي جي ٿڪ لاهڻ لاءِ پريس ڪلب ۾ نعيم جي موجودگيءَ ۾ ڪافي پيتي۽پيزا کاڌوسين،ان کانپوءَ اسين ڏينهن جو ئي رات جي اونداهي ٿيڻ کان اڳ امر ڪوت پهچي وياسين. جتي امرڪوٽ جي تاريخي قلعي تي اتي جو صحافي سيف مڱريو پنهنجي دوست ۽ ڪئميرا سميت موجود هو.
ان دوران عباس نقوي جي ڀرپور ڪوشش هئي ته اهو ڏينهن جي منظرن سميت شام ٿيڻ جا سمورا منظر پنهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري وٺي،جيڪي قلعي جي ديوارن تان لهندڙ شام جي موڪلائيندڙ سرد ٿيل اداس ڪرڻن سان ماحول کي خوبصورت بڻائي رهيا هئا.عباس نقوي هڪ جنوني صحافي جيان اسان سڀني کان بي نياز ڪئميرا جون سموريون ٽيڪنڪ آزمائڻ ۾ مصروف هو.جڏهن ته معين ۽ منظور سميت هن قلعي جي شاهي مهمان خاني ۽ نهري نظام جي ڌوڙ مٽي ۾ ڀڀوت ٿيل بربادي ۽حڪومت جي غفلت تي ڏکارا اسان ٽئي قلعي جي هن ڪمزور ٿيل عمارت کي ڏسي رهيا هئاسين، جيڪو پنهنجي دل جي دانهن پاڻ تي ٿيل حڪومتي نا روا سلوڪ جي ذريعي اسان کي ٻڌائي رهيو هو.
ڪجهه گهڙين بعد اسان جا ڳرا قدم نئين اڏيل امر ڪوٽ ميوزم ڏانهن کڄيا ته محسوس ٿيو ته ميوزم ۾ ڪجهه قديم شين جا نمونا ضرور آهن،جيڪي قديم چئي سگهجن ٿا. باقي رڳو ميوزم جي تعمير تي ڏيکاءُ وارو خرچ ئي ڪيو ويو آهي.بهرحال اها ڳالهه افسوس جوڳي هئي ته قلعي جي مرڪزي دروازي کان ڪجهه فوٽن جي پڪين سرن سان سينگاريل فرش کانپوءِ ڌوڙ سان ڀريل ڪچو رستو ئي ميوزم ڏانهن ايندڙن جي لاءِ پهچڻ جو واحد رستو هو.
امرڪوٽ ۾ سياري جي شام لهي چڪي هئي ۽ ان ٿڌي شام ۾ ٿري ٿاپ تي دهل جي آهنگ تي نوجوان ٿري جون ٿرڪندڙ اڱريون هيون ته ٻئي لمحي اهو ٿري گائڪ مائي ڀاڳي جي گيت ”کڙي نيم ڪي نيچي مين تو هيڪلي“ جو بلند آواز قلعي جي ديوارن تائين پهچائي رهيو هو۽ اسان سمورن کي اهو احساس ڏياري رهيو هو ته ٿر جي گائڪي ۽ سرتال سارنگ ڪڏهن به پنهنجي تاريخي مقامي ساز راڳ ۽ٿري گائڪي کان محروم ناهن رکندا.
هاڻي سوچيو ته جڏهن سياري جو سيءُ پنهنجي جوڀن تي ايندو هوندو ۽ اهڙي گاڏڙ ماحول ۾ مائي ڀاڳي جو راڳ وکريل هجي ته امر ڪوٽ جون ديوارون ڪهڙيون نه جهومنديون هونديون.ان منظر ۾ لڳو ته ان ڳائڻ سان گڏ سمورو قلعو پنهنجي پاڻ ۾ مست ۽ مگن هو.
امر ڪوٽ مان واپسي تي ريسٽ هائوس ۾ ڊاڪٽر تيرٿ مالهي پنهنجي پٽ پريم مالهي سان موجود هو ۽ امر ڪوٽ ۾ نئين سال جي صبح ۾ رنگ ڀرڻ جي خاطر اسان سمورن دوستن جي تواضع جي لاءِ پرجوش هو، اسان به نئين سال جي خماريل آمد جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سرور ۾ محو ٿڌي رات ٿڌ جي پرواهه ڪرڻ بنا ٺرندي رات جي شادابي ۾ چهل قدمي ڪندي امر ڪوٽ جي ڍاٻي تائين پهتاسين ۽نئين سال جي پڪوانن سان محظوظ ٿياسين.
اڃان رات جو گذرڻ باقي هئو جو محبتي تيرٿ مالهي اڳ ئي پيغام موڪلي ڏنو ته نئين صبح جو راويتي نيرن سندس گهر تي ٿيندي. جيڪو عورتن جي عائشه بازار جي بلڪل وچ ۾ آهي،اسان سڀ صبح جو تازه دم تيرٿ مالهي جي گهر تي هئاسين، جڏهن ته نيرن جي تياري هلڪي هلڪي خوشبو لڳاتار اسان جي بک کي ڇيڙي رهي هئي.جو ان دوران تيرٿ مالهي ڌرم شالي نوجوان ڀڳت چيتواڻي سان اهو چئي ڪري تعارف ڪرايو ته ڀڳت گذريل ويهارو سالن کان اَن کائڻ کانسواءِ گذاري پيو،هن جي غذا رڳو فروٽ ۽ کير آهي،ڇاڪاڻ جو اهو ڌرم شالي آهي،تنهنڪري اهو اَن ۽شادي جي ٻڌڻن کان پري آهي.
ڀڳت چيتواڻي بابت ان انڪشاف تي گهڻي ڪارائتي ۽ معلوماتي ڳالهه ٻولهه رهي.مون سوال ڪري ڏنو ته جڏهن اوهان فروٽ تي ئي گذارو ڪري رکيو آهي ته ڇا اوهان فطرت جي اشتهار ڏياريندڙ پهلو کان به پاڻ کي پاسي ڪري رکي سگهو ٿا،جنهن تي ڀڳت جو جواب نفيءَ ۾ هو سندس چوڻ هو ته چرم پوڄاري جي اڪشا ۾ شادي کان انڪار بلڪل نٿو ڪري سگهجي،اها هڪ فطري ضرورت آهي،جيڪا ٻين ذريعن سان به پوري ڪري سگهجي ٿي. ان لمحي ڀڳت جي گفتگو ۽ اسان جا سوال معلومات جو هڪ خوبصورت امتزاج هئا.جنهن دوران خالص ديسي ٿر جو گرما گرم نيرن ساڳ، آچار،پاپڙ، دهي جو، بيسڻ ۽ڪڻڪ جي ماني۽ان کانسواءِ ڪئين قسمن جون شيون دسترخوان جي زينت بڻيل هيون اسين سمورا دوست ٿري محبتن سان ڀرپور ناشتو ڪري ڀڳت جي ٺڪاڻي واري مندر وياسين.۽ معلومات سهيڙي.
ان دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته ننڍي کنڊ ۾ پنڊتن ۽ پهلوانن جي ورزش جا ٻه (آکاڙا)ڪُشتي خانا بنارس ۽ رڳو امر ڪوٽ ۾ آهن.جيڪي اڃان تائين قديم ترين راويتن سان پنهنجا تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن،
اهو دلچسپ ۽ محبت ڀرئي نئين سال جو صبح ۽تيرٿ جي پريم جو رک رکاءُ اسان جي سال جي ابتدائي ڏينهن جي اها يادگيري آهي،جيڪا تيرٿ، ڀڳت ۽پريم جي يادن سان خبر ناهي ڪيستائين معطر رهندي. اهو ته ڀلو ٿيو ان مريض جو جنهن خلوص واري تيرٿ کي مجبور ڪيو ۽ تيرٿ نه چاهيندي به فرض ادا ڪرڻ جي نڪرڻ لاءِ اٿي پيو. جي نه ته شايد ئي اسين مٺي پهچي سگهون ها.