جاويد مهر

پ پ جي مخالفت ۾ سنڌ سان تعصب ڇو؟

اوهانجو موقف جاويد مهر ليکڪ

جاويد مهر

سنڌ سان تعصب جي ڪهاڻي ڪا نئين ناهي، هر حڪومتي دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ تعصب ٿيو ۽ اهو اڃا تائين به 21 توپن جي سلاميءَ سان جاري آھي، جيڪڏھن ائين چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جيئن مهانگائي بلند سطح تي آھي، ائين ئي هن وقت سنڌي ماڻھن يا سنڌ سان تعصب انتها تي پهتل آھي، پيپلزپارٽيءَ سان سياسي اختلافن يا سنڌ حڪومت جي ڪيل غلطين جي باهه سنڌين مان ڪڍي پئي وڃي، جنهن ڪري سنڌ جو عوام ٻه طرفي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آھي.  اهو ائين جو هڪ پاسي 12 سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽيءَ کين پنهنجو پڪو ووٽر هجڻ جي سبب گهربل رليف نه ڏئي سگهي آھي، ته وري ٻئي پاسي وفاق سندن سار ان ڪري نٿو لهي ته اهي تحريڪ انصاف جا ووٽر ناھن، انهيءَ ڪري تحريڪ انصاف، سنڌ جي شهري علائقن اندر جتي غير سنڌين جي اڪثريت آھي، اتي  رڳو انهن لاءِ آواز اٿاري رهي آھي، جنهن ۾ اهڙي ته زهريلي ٻولي جو  استعمال ڪيو پيو وڃي، ڄڻ ته سنڌي هن ملڪ جا شهري ئي نه هجن.

ڏٺو وڃي ته وفاق ۾ جڏھن به نواز ليگ، ق ليگ يا آمر  حڪومتن ۾ آيا ته انهن سنڌ کي پاسيرو رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ سندن اوليتن ۾ شامل ناهي رهي، هن وقت به تحريڪ انصاف ساڳئي ٽريڪ تي هلي رهي آھي، جئين مٿي عرض ڪيو ته سنڌين سان هر دور ۾ تعصب ڪيو ويو، پر هن ڀيري ته ٻه وکون اڳتي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ٿيو آھي ته ملڪ جو وزيراعظم هڪ صوبي کي تعصب جي نظر سان ڏسندي نام نهاد قومي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران سرعام چئي رهيو آھي ته  ”اندرون سنڌ ڪي لوگ ڪراچي پر حڪمراني ڪر رهي هين“ مطب ته هو گادي واري شهر ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي ٻين شهرن جي مينڊيٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، شايد انهي ڪري عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ ٻن سالن دوران لاڙڪاڻي، سکر، نوابشاهه، دادو، بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن جو دورو ناهي ڪيو، جڏھن ته ان عرصي دوران هو پشاور، ڪوئيٽا، لاهور، آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو آھي. سڀني کي ياد هوندو ته 2018ع جي چونڊ مهم دوران به هن سنڌ کي گهٽ وقت ڏنو هو، جنهن مان ئي اندازو ٿي وڃي ٿو ته ٻين صوبن جون پارٽيون اڳواٽ ئي اهو طئي ڪري ڇڏين ٿيون ته سنڌ سندن اوليتن ۾ ناهي.

ان کي تعصب جي حد چئبو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ جڏھن سنڌ جا لکين ماڻھو بي گهر ٿي روڊن ۽ رستن تي اچي ويٺل آھن ته وزيراعظم عمران خان وٽن وڃڻ پسند ناهي ڪيو, نه وري وفاق طرفان ڪنهن امداد جو اعلان ٿيو,  جيڪڏھن صدر عارف علوي يا سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پنجاب جي گورنر چوڌري غلام سرور سان بدين سميت هڪ اڌ ٻين شهرن جو دورو ڪن ٿا ته ان ۾ به مخصوص ڪميونٽي کي اوليت ڏئي تعصب تي ٻڌل ٻولي ”ڪراچي اور سنڌ“ وارا بئنر سرعام استعال ڪيا وڃن ٿا، مطلب ته ڪو به موقعو هجي، اتي تعصب کي ناهي ڇڏڻو، باقي پاڻ مقامي ماڻھن جي نالي تي کليل تعصب ڪن اها حب الوطني آھي.

ان کان وڌيڪ تعصب ٻيو ڪهڙو ٿيندو ته ڪراچي ۾ ڊفينس جا برسات متاثر امير خاندان احتجاج لاءِ نڪرن ٿا ته سندن تنقيد جا تير ڪنٽونمينٽ اٿارٽي جي ذميوارن ڏانهن هجڻ بدران سنڌ حڪومت ڏانهن هئا ۽ اتي ويٺل آفيسر جيڪڏھن ساڻن نٿو ملي ته ان جي ڪاوڙ به سنڌين کي نشانو بڻائي اهو چئي ڪڍي وڃي ٿي ته ”لگتا هي ڪه اندر بيٺا شخص ڪوئي سنڌي هي، جس ڪو يهان ڪي راستون ڪا ڀي پته نهين“،  جڏھن ته ڄاڻايل شخص پنجابي ڳالهائندڙ هو، جنهن انهن سان ملڻ به پسند نه ڪيو، اهڙو تعصب ڏسي مونکي بنگالي ياد اچي ويا، جن کان اڄ به نفرت ڪئي وڃي ٿي،  اهو ئي ڪارڻ آھي ته جڏھن به ڪنهن شخص تي چٿر يا مٿس ڪاوڙ ڪجي ٿي ته خاص طور ڪراچي جا مقامي رهواسي ان کي ابي او بنگالي ڪري سڏيندا آھن، ساڳيو انداز هاڻي سنڌين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ اردو ميڊيا به اڳيان اڳيان آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي ڪنهن فيصلي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ وقت ”سائين سرڪار“ جو لفظ استعمال ڪندي آھي، پر هن ڪڏھن به ميئر وسيم اختر جي ناڪاميءَ کي ڪنهن تعصبي نالي هيٺ تنقيد جو نشانو ناهي بڻايو.

اردو ميڊيا جا هونئن ته ٻيا به الاهي مثال ڏئي سگهجن ٿا، جن ذريعي سنڌين سان تعصب جو عملي مظاهرو ڪيو وڃي ٿو، جئين اها پنهنجن ڊرامن ۾ سنڌين لاءِ منفي ڪردار جي چونڊ ڪري ٿي، پر ان تي وري ڪڏھن ڪو ڌار ڪالم لکبو. ڪجهه وقت اڳ هڪ اردو چئنل “بول” جو ڪرنٽ افيئر پروگرام ڏسي سخت ڏک پهتو، جنهن ۾ ميزبان ڪورونا وائرس وبا وڌڻ وقت هٿ ملائڻ تي لڳايل پابندي جي ڪري اڪثر ماڻھن پاران پري کان هٿ جوڙي يا ٻڌي کيڪارڻ تي باهه ٿيندي اهو چئي رهيو هو ته اهو ڪهڙو طريقو آھي جو هندن وانگر هٿ ٻڌي آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي، جيڪا اصل ۾ سنڌين تي سڌي سنئين تنقيد ٿيل هئي ته انهن جو اهو انداز نه رڳو ملڪي پر عالمي سطح تي به مقبول ٿي رهيو هو, ڇاڪاڻ ته ان وقت برطانوي شاهي خاندان جي شهزادي چارلس به سنڌين جو روايتي انداز اختيار ڪيو هو، جيڪو ميڊيا ۾ گهڻو هاءِ لائٽ ٿيو، جنهن کان متاثر ٿي ڪيترن ئي مختلف ٻوليون ڳالهائندڙن ان کي بهتر سمجهي هٿ جوڙي کيڪارڻ کي بهتر سمجهي اهو طريقو اختيار ڪيو.

تازو ناليواري صحافي وسعت الله خان طرفان سنڌ بابت تڪڙ ۾ ڪيل ڳالهه تان شروع ٿيل مثبت تنقيد ۽ بحث دوران سوشل ميڊيا تي اردو ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪجهه ناليوارن صحافين به تعصب جي گنگا ۾ غوطا هنيا ۽ هنن وسعت الله خان جي معاملي کي تعصب پرستي جو رنگ ڏيڻ جا حربا استعمال ڪندي سندس حمايت ۾ پوسٽون رکي، کيس سنڌين کان ڌار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، انهن مان هڪ صحافي جي پوسٽ هئي ته ”تاريخي حقائق اور حق گوئي پر وسعت الله خان ڪو سلام“ ۽ پوءِ ان ۾ ڪمنٽس وسيلي جنهن تعصب جو مظاهرو ٿيو، اهو ڏسي دلي رنج پهتو ته اهي پڙهيا لکيا ۽ حقيقتن کان واقف ماڻھو به سنڌين کان ايترو تعصب ڪن ٿا. ڪمنٽس ۾ لکيو ويو ته سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد ان وقت ئي وڌو ويو جڏھن ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪيو ويو. هڪ ڄڻي لکيو ته ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ڪوٽا سسٽم ناهي، رڳو سنڌ ۾ آھي. جنهن تي هڪ سنڌي جو جواب هو ته ٻين صوبن ۾ ائين ٻين صوبن جا ماڻھو يا لکين غير قانوني بنگالي، برمي، بهاري، افغاني به موجود ناهن، جهڙي طرح سان سنڌ ۾ موجود آھن،  جنهن تي اهو چئي رد عمل ظاهر ڪيو ته اسلام آباد سنڌ جي ماڻھن سان ڀريل آھي، اهڙي جواب مان هر شعور رکندڙ ماڻهوءَ کي خبر پئجي وڃي ٿي ته ڪراچي ۾ اصل ڌرتي ڌڻين سان نفرت ۽ تعصب کي ڪئين هٿي وٺرائي پئي وڃي.

تعصب جو هڪ ٻيو رخ به توهان سان شيئر ڪرڻ ضروري آھي ته اڄڪلهه ڪراچي جي ڪمپنين ۾ سنڌين کي رکڻ کان لنوايو پيو وڃي، جنهن جو سبب منجهن پيدا ٿيل اهو شعور آھي جيڪو ڪنهن به زيادتيءَ تي آواز اٿارڻ جو سبب بڻجي ٿو، نتيجي ۾ مالڪ سندن حق ڦٻائي نٿا سگهن پر ڌاريو پورهيت هر ظلم تي خاموش رهي ٿو، جنهن ڪري سنڌين کي مختلف عذر ڄاڻائي نوڪرين مان ڪڍڻ وارا واقعا پيش اچن ٿا، اهڙي تعصب خلاف مشتاق سرڪيءَ سميت ڪجهه سماجي سوچ رکندڙ سنڌين جي مزاحمت سبب هاڻي انهيءَ انتها پسند سوچ ۾ ٿوري گهٽتائي آئي آھي، پر اندر ئي اندر ۾ تعصب موجود آھي، جيڪو هاڻي سرڪاري کاتن مان به ظاهر ٿيڻ لڳو آھي، جو سنڌ سرڪار هڪ مهينو اڳ تعليم کاتي ۾ 20 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ ڪجهه سنڌي پروفيسرن کي سينارٽيءَ آڌار ڪراچيءَ جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسيپال مقرر ڪيو ته هڪ لساني ٽولي جي پٺڀرائي ڪندڙن سوشل ميڊيا تي اها مهم هلائي ته ”اندرون سنڌ ڪي سنڌي پروفيسرون ڪو ڪراچي مين مقرر ڪيا جا رها هي“. ان مهم دوران اردو اخبارون سندن ڀرجهلو بڻيون جن ذريعي سنڌي پروفيسرن جي نه رڳو ڪردار ڪشي ڪئي وئي پر انهن جي اهليت تي به آڱر کڻي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته کين ڪجهه نٿو اچي، جيئن ماضيءَ ۾  مشرف دور ۾ ڪيو ويو هو.

ڪو ڀلي ان سڄي صورتحال کي ڪهڙو به نالو ڏئي ۽ صفائي پيش ڪري پر ان حرڪت جا پيرا ڪراچي شهر تي قبضي ڏانهن وڃن ٿا، جنهن لاءِ ڪڏهن گورنر راڄ ۽ ڪڏھن وري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا ٿيندا رهن ٿا، پر اهڙي سوچ رکندڙن کي پنهنجي مقصد ۾ هميشه ناڪامي نصيب ٿي آھي، جنهن ڪري هاڻي هو مڪاني چونڊن کان اڳ تعصب ڀريو ماحول جوڙي شهر تي ٻيهر حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته ”تعصب ڪارڊ“ تي هو اڳ به مقامي ماڻھن جي جذبن سان کيڏي ۽ کين بي وقوف بڻائندا رهيا آھن، جيڪو انتهائي خطرناڪ عمل آھي، اهو ئي سبب آھي ته بدقسمتي سان شهر جي اردو آبادي گذريل ٽيهن سالن کان هڪ لساني پارٽي هٿان استعمال ٿي رهي آهي.

وفاق يا سنڌ ۾ شهري بنيادن تي  سياست ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪجهه سياسي معاملن تي اختلاف ۽ مسئلا آھن ته پيپلز پارٽيءَ سان سياسي ويڙھ ڪن، پر  اهو ڪٿان جو انصاف آھي ته پيپلز پارٽي جي ڪري سنڌي عوام کي تعصب ۽ نفرت جو نشانو بڻايو وڃي. آخر سنڌ سان تعصب ڇو ڪيو پيو وڃي. واڳ ڌڻين کي هوش کان ڪم وٺندي سمورن صوبن سان هڪجھڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، سنڌ ته هن ملڪ جي خالق آھي، ان سان نفرت پاڪستان سان نفرت ڪرڻ برابر هوندو. اميد ته سنڌي  عوام سان تعصبي رويي اختيار ڪرڻ بدران پيپلز پارٽيءَ سان مقابلو ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته سياسي معاملا سياسي طريقي سان ئي حل ٿيندا آھن.  جيڪڏھن ستر واري ڏهاڪي ۾ شيخ مجيب الرحمان جو سياسي طريقي سان مقابلو ڪيو وڃي ها ته بنگلاديش نه ٺھي ها، ان ڪري هاڻي ساڳئي غلطي نه ورجائڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *