جاويد مهر

پ پ جو ڪو متبادل ته آڻيو!

اوهانجو موقف جاويد مهر ليکڪ

جاويد مهر

چوندا آهن ته جڏهن توهان ڪنهن مان جند ڇڏائڻ چاهيو ۽ سمجهو ٿا ته اهو ڪم جو ناهي رهيو ته ان لاءِ پهريان متبادل پيدا ڪيو، ڪٿي ائين نه ٿئي ته جنهن مان توهان کي ٿورو گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي، ان کان به محروم ٿي وڃو.

تازو ڪجهه دوست پي پي ۾ شامل ٿياآهن، اهي پي پي ۾ شموليت لاءِ سنڌ سان لاڳاپيل هڪ اڳواڻ سان اڃان مليا ئي مس هئا ته سوشل ميڊيا تي مٿن تنقيد جا تير وسڻ شروع ٿي ويا، ايسيتائين جو کين غداري جا سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا، ڄڻ ته هُنن ” را” يا ”موساد“ جوائن ڪئي هجي. هر ڪنهن جي تنقيد ۾ پي پي وارن تي مختلف الزام هنيا ويا، جن ۾ سڀ کان اهم ۽ جاندار تبصرو اهو هو ته 10 سالن دوران سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي اهو لاڀ نه ڏئي سگهي آهي، جيڪو ملڻ گهرجي، سندن مطلب هو ته ”بيڊ گورننس آهي“، جنهن تي شايد ئي ڪنهن کي اختلاف هجي.

اهو به ڪو دور هو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ وجود ۾ آيل پي پي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هر ڪو آتو هوندو هو، وڏا وڏا سياستدان، وڏيرا، مير، پير سڀ سفارشون ڪرائي پي پي ۾ شموليت لاءِ 70 ڪلفٽن، المرتضيٰ هائوس ۽ بلاول هائوس ٻاهران بيٺل نظر ايندا هئا، ايسيتائين جو رٽائرڊ جنرل به پنهنجي گاڏين تي پي پي جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي خواهش رکندا هئا، پر اڄ صورتحال بلڪل مختلف آهي، پراڻن ۽ ڪميٽيڊ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن پاران پارٽي ڇڏڻ ۽ پي پي جي منشور جي ابتڙ سوچ رکندڙن جي شموليت بعد پي پي ڄڻ ته اها اصلي صورت ۾ رهي ئي ناهي، جيڪا شهيد ڀٽي کان پوءِ بينظير دور ۾ هئي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ تنظيمي طور تي رڳو ڪارڪنن جي ڀرتي ٿيل آهي، باقي سنڌ بچيل هئي، اتي به صورتحال ڏينهون ڏينهن ساڳئي ٿيندي پئي وڃي.

چڱي ريت ياد آهي ته 1988ع ۾ سنڌ مان ڪجهه اڳواڻ پي پي مخالف ڪئمپ ۾ شامل ٿيا ۽ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي حمايت ورتائون ته بلڪل اهڙو ئي رد عمل آيو، جيڪو هن مهل پي پي ۾ شموليت ڪندڙن بابت ظاهر ڪيو پيو وڃي. شهيد بينظير ڀٽو جي 1999ع کان مسلسل پرڏيهه ۾ رهڻ سان ڪارڪن بدظن ٿيا ۽ مايوس ٿي پاسيرا ٿيڻ لڳا، 2002ع جي چونڊن ۾ بينظير صاحبه جي وطن واپس نه اچڻ تي پيپلزپارٽي کي وڌيڪ نقصان رسيو، جيتوڻيڪ پي پي چڱيون ڀليون سيٽون کٽيون هيون، پر ان دور ۾ ئي 14 ئي ايم اين ايز مشرف جي ڪيمپ ۾ وڃي ويٺا، جڏهن ته پارٽي کي حاصل ٿيل ووٽن جي شرح به گهٽجي وئي، جيڪا لڳاتار گهٽجي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ پي پي اميدوار 10 هزار کان 20 هزارن جي فرق سان کٽندا هئا، اهي هاڻي معمولي سرسي سان اسيمبلي پهچن ٿا. گهڻو پري نه وڃو، لاڙڪاڻي ضلعي جا نتيجا ئي ڏسي اندازو لڳايو، جنهن کي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

پي پي جي اهڙي صورتحال باوجود سنڌ جا مختلف سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن ان ۾ شامل ڇو ٿي رهيا آهن؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي جواب ۾ پي پي وارا پنهنجي ڪارڪردگي جي دعوى ڪن ٿا، جڏهن ته سندن مخالف وري رڳو مخالفت براءِ مخالفت ۾ چون ٿا ته کين خريد ڪيو پيو وڃي، پر ٻئي جواب حقيقت جي ابتڙ آهن، ڇاڪاڻ ته گڊ گورننس هجي ها ته پي پي جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها، ائين وري مخالفت ڪندڙن جي ڳالهه ۾ به وزن ناهي، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ هر وقت ڪنهن کي خريد نه ڪيو ويندو آهي، اهو به ان وقت جڏهن چونڊن جي موسم ئي نه هجي.

قومپرست اڳواڻ گل محمد جکراڻي جي پي پي ۾ شامل ٿيڻ بعد ٻه ٻيا قدآور قومپرست حيدر شاهاڻي ۽ دودو مهيري پڻ پي پي جو حصو بڻيا، جن مان دودي مهيري جي اهڙي فيصلي تي سخت رد عمل سامهون آيو ، ساڳئي نموني بشير خاصخيلي مٿان پڻ تنقيد ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڄاڻايل چئني اڳواڻن جو سرسري جائزو وٺون ته انهن جو قد ڪاٺ ته وڏو هو، پر سندن ووٽ بئنڪ يا مستقل تڪ نه هئا، نه آهن ۽ نه ئي وري مستقبل ۾ اهڙي صورتحال نظر اچي پئي، پوءِ به اهي اڳواڻ پي پي ۾ وڏي مانَ ۽ شان سان ويا. هاڻي اچو ته اصل جواب ڳوليون، ان سموري صورتحال ۾ ڏسون ٿا ته ڪٿي به پي پي جي ڪا متبادل پارٽي نظر نه ٿي اچي، اهو ئي سبب آهي ته شموليت ڪندڙ ڪچهرين ۾ اهو چوندي ٻُڌا وڃن ٿا ته پي پي ۾ نه وڃن ها ته پوءِ ڪيڏانهن وڃن ها، ڇاڪاڻ ته وٽن متبادل نه هو، هڪ عرصي تائين قومپرست متبادل نظر پئي آيا، پر اهي پوين پنجن سالن ۾ جنهن طريقي سان پوئتي هٽيا آهن، ان بعد اهو آسرو به ختم ٿي ويو آهي،

تحريڪ انصاف ۾ اميد هئي پر اها سنڌ دشمن پاليسين سبب جلد وائکي ٿي پئي آهي.

سو، مان سمجهان ٿو ته پي پي جي ڀيٽ ۾ ڪوبه سٺو متبادل جڏهن به سنڌين کي نظر ايندو ته اهي ان پاسي ويندا، پر هن مهل تائين اهڙي ڪابه صورتحال ناهي، باقي سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي ٺڪائن سان پي پي ختم نه ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پي پي قيادت جي ڪيل هرغلط فيصلي باوجود پي پي موجود آهي ۽ سندس مخالفن جي سنڌ دشمن پاليسين ان کي اڃان به وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ا هم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان موقعي تي اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پي پي هن وقت ولاريل پيپلزپارٽي بڻجي چڪي آهي،جنهن ۾ آهستي آهستي ڀٽي جي منشور جا مخالف جهجهي انگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جيڪا ان جي مستقبل لاءِ خطرناڪ ڳالهه ثابت ٿيندي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *