غلام رسول چانڊيو

پَڙھيو ٿا پڙھن، ڪَڙھن ڪِينَ قُلُوب ۾.

اوهانجو موقف غلام رسول چانڊيو ليکڪ

غلام رسول چانڊيو

شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي سمجھڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ھن کان اڳ به ڪيترن ئي مضمونن ۾ عرض گذارش ڪري چڪو آھيان ته لطيف سائين کي سمجھڻ لاءِ سندس دور جي فڪري، سياسي،سماجي،مذھبي توڙي جنگي ۽ قومن تي قبضن جي تاريخ جو جائزو وٺڻ انتھائي ضروري آھي جنھن کان سواءِ لطيف سائين مخصوص قسم جي عقيدانه قيدن تائين محدود رھندو ۽ اھا نه رڳي سنڌ پر دنيا جي بدقسمتي ھوندي جو ھڪ اھڙو مفڪر جنھن جا فڪري بنياد سنڌ جي شاندار اڏاوت کان ٿيندا عالم جي حسين تصورن سان سرشار ھئڻ جي باوجود به اڄ تائين ان تي جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق نه ٿي سگھي آھي، جنھن جو سنگين نتيجو اھو نڪتو آھي جو سنڌ صدين کان غلاميءَ جي مختلف شڪلين کان ٿيندي اڄ ان بدترين غلاميءَ جي ور چڙھيل آھي، جنھن غلاميءَ جي پيچيدگي عام خلق ته ٺھيو پر اسان جي ساڃاھ جي سمجھ لاءِ به ڏکي بڻيل آھي. اھڙي صورتحال ۾ جڏھن چئو طرف نظر ڊوڙائجي ٿي ته رڳي فڪري سڃ، مايوسي ۽ ننڌڻڪائي جي ڪاري رات ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ سنڌ پنھنجي پس منظر ۾ ڪيترين خوبين باوجود به پيش منظر ۾ يتيمي واري ڪيفيت ۾ جي رھي آھي، جنھن جو ڏئي وٺي سبب اھو ئي سامھون اچي ٿو ته سنڌ وٽ پنھنجا چٽا فڪري بنياد ڏسڻ لاءِ نه ٿا ملن. ان صورتحال جو مقصد بلڪل به اھو نه بيٺو ته سنڌ وٽ تاريخ ۾ ڪو به فڪري بنياد نه رھيو آھي.

ھونئن ته سنڌ ھزارين سالن کان وٺي نه رڳي پنھنجي فڪري بنيادن کي اڏيندي رھي آھي ۽ ان تي ھلڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي پر اھو به سچ آھي ته سنڌ جيڪي به فڪري بنياد وڌا انھن جي ڪا وڏي ۽ جامع عمارت نه اڏجڻ جي ڪري سنڌ پنھنجو اھو معراج ماڻي نه سگھي آھي جنھن جي سنڌ حقدار پئي رھي آھي، پر ان جي باوجود سنڌ ھزارين سالن تي محيط تصوفي تجربن کي سامھون رکندي ھڪ اھڙي تصوف کي ترتيب ڏيندي پئي آئي ھئي جنھن کي لطيف سائين سھيڙي سميٽي باقائده ھڪ سياسي، سماجي ۽ انقلابي نظريئي طور پيش ڪيو ۽ اھو دنيا اندر پھريون موقعو ھيو جو سنڌ جي ھن عظيم مفڪر تصوف جي لاتعلقي وارن رجحانن کان ويندي تصوف کي عقيدن جي قيد مان آجو ڪري نه رڳي ھڪ عظيم سماجي ڪارج طور پيش ڪيو پر تصوف کي فڪري دليلن سان ھڪ انقلابي نظريئي طور پيش ڪيو.

سماجي سائنس جو اھو اصول آھي ته سنگين سماجي حالتون نه رڳي مفڪر پيدا ڪنديون آھن پر اھي مفڪر پنھنجي خطي جي حفاظت لاءِ باقائده نظريا به پيش ڪندا آھن ۽ جي غور ڪجي ته لطيف سائين جي دور ۾ توڙي ان کان اڳ نه رڳي سنڌ پر ھنڌ سميت آس پاس جا علائقا لشڪر ڪشين جي لتاڙ ھيٺ پنھنجون تاريخي سڃاڻپون وڃائي رھيا ھيا. ھندستان ۽ سنڌ تي مغلن جون جي لشڪرڪشين ۽ سندن ڪردار کان وٺي لطيف سائين کان اڳ، سندس دور ۽ ايندڙ امڪاني دور جي جنگي صورتحال جو لطيف سائين کي چڱيءَ طرح ادراڪ ھيو ۽ ان جي نتيجن کان به ڀلي ڀٿ واقف ھوندي کيس خبر ھئي ته تيمور ظاھري طور شريعت جو پابند ھوندي ھر وقت قران پاڪ پڙھندڙ ھيو پر پوءِ به ھن نه رڳي دھليءَ وارن سان ھاڃا ڪيا پر ترڪيءَ کي به نه بخشيائين اھڙي طرح کيس علم ھيو ته قابل، ڪنڌار، سمر قند ۽ بخارا جي عالمن جي ديني تعليم جا اصل ڪارڻ ڪھڙا ھيا يا وري غزنوين جي ڪاھن ۽ مسلمان حڪمرانن جي مذھبي استحصال وسيلي اقتدار تي قابض ٿيڻ جا قصا لطيف سائين کان لڪل نه ھئا نه رڳي اھو پر لطيف سائين کي 17 صديءَ جي اولھ جي حالتن جو به ادراڪ ھيو ۽ انھن حالتن سبب سنڌ توڙي ھنڌ تي پوندڙ اثرن جي به ڄاڻ ھئي جنھنڪري لطيف سائين پنھنجي وطن جي حفاظت لاءِ فڪر جي ھٿيار سان ليس ٿي نه رڳي سنڌ جو چپو چپو گھميو پر سنڌ کان ٻاھر به ويل ٿو ڏسجي يا وري جيڪڏھن ائين نه آھي ته لطيف سائين مختلف ذريعن سان لڳ ڀڳ سموري دنيا اندر ٿيندڙ اٿل پٿل کان ويندي پيش ٿيندڙ علمي ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ حاصل ڪندو رھيو ھيو ان ڪري سندس فڪر جي وشالتا پنھنجي ڌرتيءَکان ٿيندي سموري عالم جي اھنجن جو علاج ڏسي ٿي.

اسان جيڪڏھن ٿورو به غور ڪريون ته لطيف سائين جو ڪلام تصوف جي سموري تاريخ جو اھو نچوڙ آھي جنھن ۾ ھڪ صوفي جي ڪردار جو ته تعين ٿيل آھي پر باقائده ھڪ اھڙي شاندار تصوفي سماج اڏڻ جا سڀئي گُر به ڏسي ٿو جن ۾ فرد کان وٺي قومن تائين ۽ قومن کان وٺي عالميت جي عظيم اڏاوت ٿيل آھي. جيڪڏھن ائين چئجي ته لطيف سائين تصوف جھڙي ٽڙيل پکڙيل ۽ فرد جي ذات توڙي ٻين تپسيائن مان ٻاھر ڪڍي ان کي سماجي ڪردار جو دليلن سان لازمي جز بڻايو آھي ۽ تصوف کي مذھبن جي قيد کان آجو ڪري قومي ۽ انساني نظرئي طور جديد بنيادن تي پيش ڪيو آھي تڏھن به غلط نه ٿيندو جو ڀٽائي جا ڪردار رڳي ڪنھن ھڪ مذھب جا نه پر مختلف مذھبن سان تعلق رکندڙ آھن، ھو جوڳين، سنياسين ۽ ڪاپڙين جي ڪردار جي ته نمائندگي ڪري ٿو پر انھن جي ڪردار ۾ به تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ڏسجي ٿو ته وري سخت گير مذھبي دور ۾ انساني آزادين ۽ خاص طور عورت جي ڪردار کي انتھائي اھم سمجھي ٿو ۽ اھا ڪمال جي ڳالھ آھي جو جنھن دور ۾ عورت بدترين غلامي واري حالت ۾ ھجي ٿي ته لطيف ان کي ھڪ وڏي سماجي طاقت سمجھندي، ان جي سماجي شرڪت کي لازمي قرار ڏئي ٿو ۽ ڪنھن به مفڪر جو اھو وڏو ڪمال آھي جو اھو سماجي تبديليءَ لاءِ عورت جي شراڪت کان سواءِ ڪا به تبديلي بي معنيٰ سمجھي ٿو.

ھاڻ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته صديون گذرڻ کان پوءِ به لطيف جھڙي عظيم مفڪر جو ڪائناتي فڪر عقيدن بجاءِ دليل جي دنيا جو ڌڻي ڇو نه ٿي سگھيو آھي يا وري ان تي ڪھڙن سببن جي ڪري وسيع پئماني تي عقلي ڪم نه ٿي سگھيو آھي. جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ ڪيترا اڪابر لطيف سائين کي ھاڻ نئين رنگ ۾ ڏسڻ لڳا آھن پر پوءِ به سندن ڪم ان ڪري به ڪا گھڻي وسعت حاصل نه ڪري سگھيو آھي جو ھڪ ته اھو سماجي ماپن يا گھرجن موجب نه آھي ۽ ٻيو وري جيڪڏھن ڪن اڪابرن لطيف سائين جي سماجي ڪارج تي ڪو ڪم ڪيو آھي ته ان کي پذيرائي نه ملي سگھي آھي ۽ ان سان گڏو گڏ لطيف سائين تي نئين جديد انداز سان ٿيندڙ ڪم کي في الحال تڪڙ ۾ اھا قبوليت نه ٿي ملي جو لطيف جي سلسلي ۾ بزرگ ھستيءَ وارو خيال پڪو پختو ڪيو ويو آھي ۽ پڻ لطيف عقيدن کان اڳتي اسان جي سماجي ايجنڊا نه رھيو آھي. ان سان گڏو گڏ خود لطيف تي ڪم ڪرڻ لاءِ ھڪڙي گھٻراھٽ اھا به آھي جو جيڪي رسالا ھن وقت تائين ترتيب ڏنا ويا آھن انھن رسالن جي ترتيب ۾ تحقيق جي پھلو۽ سندس ڪلام کي ھر ڪنھن گھڻي قدر جيئن جو تيئن رکيو آھي ان ڪري به لطيف سائين تي ڪم ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو.

مثال طور لطيف سائين جا ڪيترا بيت اھڙا آھن جيڪي جن سرن ۾ موجود آھن انھن سرن سان واسطو نه ٿا رکن بلڪه انھن بيتن جو ٻين سُرن سان تعلق آھي. جيڪڏھن بيتن کي لاڳاپيل سُرن ۾ شامل ڪري سامھون آندو وڃي ته ھڪ قسم جي درجا بندي يا وري ترتيب سامھون ايندي جنھن سان لطيف سائين جو فڪر نھايت چٽو ٿي بيھندو ۽ ھڪ نظرئي جي روپ ۾ سامھون ايندو. ٻي طرف لطيف سائين جي جملي رسالن ۾ جيڪي معنائون ڏنيو وڃن ٿيون اھي گھڻو ڪري عقيدي يا وري تصوف جي لاتعلقي واري پھلو ۾ ڏنيون وڃن ٿيون۽ اھو نه ٿو سمجھيو وڃي ته ڀٽائي سائين ڪنھن مخصوص عقيدي کان آجو ھوندي ڪائنات جي ڪيترن ئي پھلوئن تي بحث ڪري ٿو.

اسان رڳي لطيف سائين جي سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو ٿورو به سنجيدگيءَ سان جائزو وٺون ته ڪلياڻ جي پھرين داستان جي اٺن ڏھن بيتن کان پوءِ لطيف سائين نھايت اھم بحث ڪري ٿو ۽ اڳتي ھلي محققن جي ان دعويٰ جي بلڪل ابتڙ ھجي ٿو ته ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ شانتي ۽ سک جا سُر آھن ۽ بدقسمتيءَ سان انھن سرن جون معنائون به لطيف جي ڪلام موجب ڏيڻ بجاءِ ڪجھ اھڙيون معنائون ڏنل آھن جيڪي عقل ۽ فھم جي ابتڙ آھن ۽ زوري ڇڪي روحانيت جي ان قسم تي پھچايون ويون آھن جنھن جو سماج سان ڪو تعلق ناھي ۽ اھڙيون معنائون رڳي فرد جي ڪردار تائين محدود آھن. ڄاڻايل سرن ۾ وحدت ۽ ڪثرت جھڙن ڪائناتي سوالن کان ويندي سوريءَ جي سينگار کي به پنھنجون تاويلون ڏنيون ويون آھن. ھاڻ سور، ڪسڻ جو قرار، موٽڻ مھڻو، اڏيون ۽ سِرَ، سڌڙيا ۽ شراب، ويڄ ۽ ڪُويڄ، پتنگن جو پچڻ، سر جو سانڌاڻ ٿيڻ، سراڻ سان ساڃاھ رکڻ، متارا موکي ۽ عشق نه آھي راند سميت پيڙا، درد، قرباني ۽ ڪسڻ جي ڳالھ چيل ھجي ته ان سر کي ڪيئن شانتيءَ جو سر چئجي!؟

سو چوڻ جو مطلب اھو آھي ته لطيف سائين کي عقيدن جي قيد مان آجو ڪري نج جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي وڃي ته لطيف سائين نه رڳي سنڌ جي زخمي وجود تي پھا رکي ھڪ معتبر سماج جي اڏاوت ڪندو پر ائين ڪرڻ سان دنيا اندر دھشت ۽ وحشت جي خاتمي سان گڏ ھڪ اھڙي سماج جي اڏاوت ٿيندي جنھن جو خواب دنيا ھزارين سالن کان ڏسي رھي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے