ابراھيم ڪنڀر

پي پي نواز ليگ گڏجي ڪھڙي چال ھلڻ وارا آھن؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

سياسي صورتحال ڏينھون تبديل ٿي رھي آھي، بظاھر شيون منجھائيندڙ نظر اچي رھيون آھن، پر جڏھن فيصلو ڪندڙ قوتون فيصلو ڪنديون آھن تہ انھي معاملي تي ھڪ ھڪاڻي ٿي چڪي ھوندي آھي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي قيادت جي تازي ملاقات مان ٻيو ڪو فائدو ٿيو يا نہ ٿيو پر ھڪ ڳالھ طئي آھي تہ آصف علي زرداري ڪنھن اھم ذريعي جو پيغام کڻي شھباز شريف وٽ ويو، شھباز شريف انھي پيغام جي وصولي کان اڳ ميان نواز شريف کان اين او سي ورتو، پيپلز پارٽي جي فرمائش تي مريم نواز کي انھي ملاقات ۾ شامل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي،کڻي جو انھي ملاقات جي لاءِ ماحول سازگار ئي شھباز شريف ڪيو، بلاول ڀٽو کي ٽيليفون ويو تہ بلاول پنھنجي والد محترم سميت دعوت ۾ پھچي ويو، جيڪڏھن مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي جي ڏورين جي ڳالھ شروع ڪجي تہ اھي دوريون سال کن پراڻيون آھن،آصف علي زرداري مطالبو ڪيو تہ ميان نواز شريف وطن واپس ڇو نٿو اچي، يا وري پي ڊي ايم مان نڪري اپوزيشن جي پٺ ۾ خنجر ھڻڻ سميت ڪيترائي اھڙا قدم آھن جن جي حوالي سان چئي سگھجي ٿو تہ پيپلز پارٽي عمران خان حڪومت جي سھوليتڪاري ڪري رھي ھئي، نواز ليگ کي اھڙي ريت دٻايو ويو جو انھي کي اھا جرعت نہ ٿي سگھي تہ ھو پارٽي مان ڪا آرگنائزيشن بنجي ڪا تحريڪ ھلائي سگھي، مولانا فضل الرحمان اڪيلي سر ڪي ڪوششون ڪيون اھي وري ڪامياب نہ ٿي سگھيون.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي قيادت جي ملاقات جي حوالي سان سياسي مارڪيٽ ۾ جيڪي خبرون آھن اھي ڪي غير معمولي خبرون ناھن، اصل ۾ پاڪستان جي سياسي آسمان تي ڇانيل خبرن جي ھر ڪنھن کي ڪٿان نہ ڪٿان سڻس پوندي رھندي آھي، ڪي انومان، اندازا، ڪاٿا، خدشا،خواھشون يعني سڀ ڪجھ مسڪچر ٿي چڪو ھوندو آھي، پاڪستان جو سياسي نظام ڪو اھڙو سگھارو تہ آھي ڪونہ جو سڀ ڪجھ انصاف يا اصولن تي ٻڌل ھجي، انصاف جي وڏن درن مان ڪنھن وزيراعظم کي ڦاھي ڏيارڻ کان وٺي ڪنھن کي جلاوطن يا تاحيات چونڊن جي لاءِ نااھل قرار ڏيارڻ وارن سمورن فيصلن کي جڏھن شڪ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي تہ پوءِ ڪھڙو در بچي ٿو جنھن جي ذريعي پئمانو قائم ڪيو وڃي تہ ھن ملڪ جو نظام بھتري ۽ ترقي ڏانھن وڌندو جتي انصاف ۽ اصول اڳيان اڳيان ھوندا، انھي جي ڪري پاڪستاني سياست ڪڏھن جمود تہ ڪڏھن تحرڪ جي صورت ۾ سامھون ايندي آھي، انھن ٻنھي ڪيفيتن جي پويان بہ ڪيترائي پس منظر ھوندا آھن، مثال طور سينيٽ ۾ صادق سنجراڻي کي پھريون ڀيرو چئرمين چونڊرائڻ جي پويان پيپلز پارٽي سڀني کان وڏي پارٽي ھئي، رضا رباني جو نالو رد ڪرڻ، صادق سنجراڻي کي اڳيان ڪرڻ اھي سڀ ڪوششون ڪنھن نہ ڪنھن سلسلي جي ڪڙي ھيون، ڪن چيو تہ انھي جي پويان 1923ع جي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ جي منصوبابندي ھئي، ڪن جو خيال ھو تہ مقتدر حلقن جي داٻي ۾ اچي ٻئي ايوان تحريڪ انصاف يا سندن اتحادين جي پويان ڪرڻا ھئا،، ڪن جو خيال ھو تہ نواز ليگ جو پتو ڪٽڻو ھو، نواز ليگ کي مڪمل ديوار سان لڳائڻو ھو، بھرحال جيڪو بہ ٿيو نواز ليگ ديوار سان نہ لڳي سگھي،، نواز ليگ اڄ بہ پنجاب خاص طور سينٽرل پنجاب ۾ سگھاري پارٽي آھي ۽ بلڪہ نواز ليگ اڄ بہ نواز شريف جي بيانئي تي بيٺل آھي، نواز شريف ڇا ٿو چاھي؟ نواز شريف جو وڏو چي گويرا، نيسلن مانڊيلا يا دنيا جو مدبر سياستدان ناھي پر نواز شريف جيڪا سادي ڳالھ ڪري ٿو اھا ڳالھ ئي بہ سگھارين ڌرين کي نٿي وڻي، عوام اھا سادي ڳالھ پسند ڪري ٿو، ھن ملڪ جو ھر جمھوري، لبرل، ترقي پسند ماڻھو انھي خيال جو آھي تہ ھن ھائيجڪ ٿيل نظام ۾ اسٽبلشمينٽ کي الڳ ٿي وڃڻ گهرجي، اسٽبلشمينٽ کي، حڪومت، پارلياماني نظام، سياست سان گڏ چونڊن ۾ مداخلت نہ ڪرڻ گهرجي، ڳالھ بلاول ڀٽو بہ ساڳي ڪري ٿو، ٻنھي جي ڳالھ ڪرڻ ۾ فرق آھي، نواز شريف ٿورو جارحاڻي انداز ۾ اھا ڳالھ ڪري انھن ماڻھن جا نالا کڻي رھيو آھي جن گذريل پنجن ڇھن سالن کان سازشون ڪيون، نواز شريف کي تازو ڌڪ آيل ھو انھي جي ڪري ھن جي ڳالھ ٺھي ٿي.
ھن سموري دور ۾ نواز شريف سان جيڪي ڳالھيون ٿيون آھن، اھي ساڳيون ڳالھيون پيپلز پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان سان بہ ٿيون آھن، عام تاثر اھو آھي تہ مقتدر حلقن جو خيال آھي تہ ھاڻ ڪافي ٿي ويو آھي، اھو ٿيندو رھيو آھي مقتدر حلقا سدائين سياسي گهوڙن کي استعمال ڪري وري انھي کي بي ساھو ڪري ڇڏيندا آھن، عمران خان کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ھنن جيڪا عقل جي ڊوڙ ڪئي اھا ڪامياب نہ وئي،کين اندازو ئي نہ ھو تہ ھو ملڪ جي جھولي ۾ ايتريون ناڪاميون وجھنديون، خير سڀ ڪجھ ٿيو، عمران خان پاڻ کي آڻيندڙ قوتن جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪندي ڪندي پاڻ کي عوام قوت جي ذريعي چونڊيل وزيراعظم سمجھڻ شروع ڪيو تہ انھن قوتن اک پٽي جن کين آڱر کان جھلي اقتداري مسند تي ويھاريو ھو،بھرحال لکڻ جي لاءِ ڪافي ڪجھ آھي پاڻ انھي کي سھيڙيون ٿا، اپوزيشن جي پارٽين سان ڳالھيون ٿينديون رھيون،انھن ڳالھين ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ ھڪ آپشن ھو، پيپلز پارٽي قيادت اھا ڳالھ سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کان پوءِ ڪندي اچي پر صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ اپوزيشن جي مک پارٽي نواز ليگ اھو رسڪ کڻڻ جي لاءِ تيار نہ ھئي،کين اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي تہ بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان رڳو مضبوط ئي نہ ٿيندو پر وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ اڳيان ايندو ھو ادارن کي اپوزيشن کي دٻائڻ جي لاءِ سختي سان ڪم ڪندو، اھو خوف يا خدشو اجايو نہ ھو، ڇاڪاڻ جو انھي ڳالھ جا عام ثبوت موجود آھن تہ اپوزيشن جي سياستدانن کي دٻائڻ جي لاءِ عمران خان صاحب ذاتي طور ادارن کي استعمال ڪيو،نيب، ايف آئي اي، پوليس انھي جو اعلي مثال آھن، انھي کانپوءِبہ نواز ليگ ۾ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ٻہ واضع موقف ھئا، ھڪڙو گروپ انھي خيال جو ھو تہ انھي نسخي کي استعمال ڪيو وڃي ٻي گروپ جو خيال ھو تہ اھو نسخو ناڪام ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ميان نواز شريف واضع لائين ڏئي چڪو ھو تہ جيڪڏھن بي اعتمادي رٿ آڻڻي يا ڪامياب ڪرڻي آھي تہ انھي جي لاءِ اپوزيشن جي پارٽين جا ڪلھا استعمال ڇو ٿين؟ جن مران خان کي آندو آھي اھي پاڻ ئي سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻي سگھن ٿا، انھي مان مراد تہ عمران خان کي جيڪي پارٽيون اتحادي طور گڏ ڪري ڏنيون ويون آھن انھن کي عمران خان کان پري ڪري ڇڏيو تہ عمران خان پاڻ پٽ تي اچي پوندو،ان کانپوءِ ٻيو بنيادي سوال اھو بہ ھو تہ عمران خان کي ھٽائي پوءِ ڇا ڪجي؟ جيڪڏھن انھي جي جاءِ تي وري بہ تحريڪ انصاف جو ڪو شخص وزيراعظم ڪجي تہ پوءِ ان جي لاءِ اپوزيشن ڇو استعمال ٿئي؟ اھا ڳالھ بہ قابل قبول نہ ھئي، اڃان بہ انھي کان مونجھائيندڙ سوال اپوزيشن جي اڳيان ھو، اھو ھي تہ جيڪڏھن عمران خان جي خلااف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وڃي، تحريڪ انصاف بدران اپوزيشن جو ڪو سياستدان وزيراعظم ٿي وڃي تہ پوءِ ڪيترو عرصو اھا حڪومت ھلي؟ اھي سمورا مونجھارا ھئا، نواز ليگ پھرين ڏينھن کان نئين چونڊن جو مطالبو ڪندي رھي آھي انھي مطالبي کي جي يو آئي يا پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين پارٽين ورجايو آھي پر پيپلز پارٽي پارليامينٽ جو مدو پورو ڪرڻ جي ڳالھ ڪندي آئي آھي، پيپلز پارٽي اھا ڳالھ انھي صورت ۾ قطعي نہ ڪري ھا جيڪڏھن سنڌ حڪومت وٽن نہ ھجي ھا. اھي سموريون ڳالھيون مقتدر حلقن توڙي اپوزيشن جي پارٽي ۾ مونجھارا پيدا ڪندڙ ھيون، ڇاڪاڻ جو ٻئي ڌريون ڪنھن ھڪ فيصلي تي نہ پئي پھچي سگھيون، ھاڻ جڏھن شريف ۽ زرداري خاندان جي ملاقات ٿي آھي تہ اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي رھي آھي تہ ھن ڀيري سڀ ڪجھ بنا اشاري نہ ٿيو آھي، ھن ڀيري جيڪو بہ قدم کڄندو انھي جي گارنٽي بہ انھن ٻنھي خاندانن مان ڪنھن ھڪ کي ملي ھوندي، ٻنھي پارٽين جو اعتماد جو رشتو وقتي سر قائم ٿي چڪو آھي، مريم نواز جي انھي اجلاس ۾ شرڪت نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺڻ جو تاثر قائم ڪرڻ ھو، نواز ليگ جو مرڪزي اجلاس ٿي چڪو آھي انھي ۾ جيڪي بہ فيصلا ٿيا آھن اھي ڪي جمھوري فيصلا نہ پر اڳ ۾ طئي ڪيل معاملن جي رسمي منظوري آھن،لانگ مارچ کان اڳ يا پوءِ، ھڪ يا ٻہ لانگ مارچ انھن تي اپوزيشن کي متحد ٿيڻو پوندو، لانگ مارچ کان اڳ آئيني قانوني ۽ پارلياماني نسخن مان سڀ کان ڪارگر آپشن بي اعتمادي جي آھي، انھي دوران اتحادين مان ق ليگ طرفان اکيون ڏيکارڻ ، ايم ڪيو ايم جي شھباز شريف سان ملاقات جو طئي ٿيڻ قطعي اتفاقي ناھي،ھن صورتحال ۾ پاڻ چئي سگھون ٿا تہ اپوزيشن کي اشارو ملي چڪو آھي تہ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي آڻي پنھنجو ماڻھو وزيراعظم چونڊيو، قانونسازي جي محاذ تي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آھي اھو ڪري نگران حڪومت جي چونڊ ڪريو، نئين اليڪشن جي شفافيت جي حواالي سان کين ڪا گارنٽي ضرور ملي ھوندي انھي جي ڪري ڏسڻو آھي تہ انھي گارنٽي تي ھو ڪھڙي ريت عملدرآمد ڪرائي سگھي ٿي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *