رياض ابڙو

پي ٽي آءِ جو اونداهو آئيندو يا تڏا ويڙھ ؟

اوهانجو موقف رياض ابڙو ليکڪ

رياض ابڙو

اها ڳالھه مڃڻ جهڙي آ ته ماضيءَ جون جيڪي به حڪومتون آيون يا ويون انهن جي اچ وڃ يا تڪڙي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو سبب رڳو انهن جي عسڪري ادارن سان اڻ بڻت هئي، ان ڪري اهي ڪڏهن 58 ٽو بي جو شڪار ٿيون ته ڪڏهن حڪمران ڦاهي چڙهي ويا يا جيلن ۾ واڙيا ويا يا ملڪ بدر ٿي ويا، ۽ انهن حقيقتن کان انڪار ناهي، مثال جنرل ايوب جي اچڻ سان عسڪري ادارن جي مداخلت وڌندي نظر آئي ۽ ڀٽي صاحب جي دور کان وٺي يا اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي يا ٽٽڻ کانپوءِ عسڪري ادارن جا ۽ پنجاب جي بالادستي ايندڙ حڪومتن ۽ سياست تي به چٽا اثر رهندا آيا جيڪي وري بي بيءَ جي ٻنهي دورن ۾ به رهندا آيا، يا وري نوازشريف جي دور ۾ آئوٽ آف ٽرن ترقيون يا وري عسڪري ادارن ۾ اهڙيون سياسي پوسٽون ٿينديون آيون جيڪي اڻ ٿيڻون هيون، وري جنرل مشرف جو چيف آف آرمي اسٽاف ٿيڻ به انهن مثالن مان هڪ آهي، يا نوازشريف جي ٽنهي دورن ۾ پنج چيف آف آرمي اسٽاف رهيا، جيئن جنرل آصف نواز جنجوا جيڪو 1991 ۾ رهيو، وري جنرل وحيد ڪاڪڙ 1993 ۾ رهيو، يا جنرل مشرف 1999 ۾ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو (جنهن نواز شريف جو تختو اونڌو ڪيو) ۽ جنرل راحيل شريف به نواز شريف جي 2013 واري دور ۾ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو پر اهو به واضع آ ته جڏهن جڏهن هن نوازشريف عسڪري ادارن سان ڦٽائي تڏهن تڏهن هن جي به تڏا ويڙھ ٿي، هن حڪومت سان به ساڳي ويڌن آ.

جڏهن آڪٽوبر 06 کان هن خان ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو نوٽيفڪيشن روڪيو آ تڏهن کان عمران به عسڪري ادارن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آ، اها ٻي ڳالھه آ ته هي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي نه رکيو پر انڪار ڪري هن پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ضرور هنيو آ، ڇو ته افغان پاليسيءَ تي به هن عسڪري ادارن کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جڏهن هن جي لاءِ بائيدن سرڪار ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو يا هن عمران خان سان فون تي ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو هيو، يا هنن آمريڪين (خان) کي يو اين او جي سيڪيورٽيءَ واري اجلاس ۾ پاڪستان کي ليکيو به ڪو نه هو، تڏهن به عسڪري ادارن جي ڪاوڙ هن خان تي ضرور هئي جو هي چائنا ۽ روس جي حمايت ۾ بيهي رهيو هو پر ان جي ابتڙ سي آءِ اي جي چيف وليم برنرز جي چوڻ تي آءِ ايس آءِ جو سربراھ جنرل فيض حميد وري به طالبان سان ملي آيو ۽ آمريڪا جي سرڪار کي خوش ڪري ڇڏيائين يا تڏهن افغانستان ڏي پاڪستاني امداد جون ٽرڪون روانيون ڪيون هين ۽ ان ڳالھه جي ڪنيڪشن ۾ هنن وري طالبان جي ٺڪاڻن تي حملا به شروع ڪيا ته جيئن پاڪستان جي ٻٽي پاليسي ظاهر ٿئي ته رياست ۽ عسڪري ادارا چين جي سي پيڪ واري پاليسيءَ ۽ آمريڪي پاليسي ته ٻه ٽڪر آهن، جنهن جو اظهار عمران خان جنرل فيض حميد کي ڪڍي جنرل نديم انجم جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ جو سوچيو يا ان جي جاءِ تي هن وري ٻين جا انٽرويوز به ڪيا، معني هن جتي آمريڪا جي پاليسيءَ کي رنجايو اتي اهو به ڪري ڏيکاريو ته جڏهن هن کي نيب جا ڪيس دٻائڻا هيا ته هن جسٽس جاويد اقبال کي چئن سالن جو اڪسٽينشن ڏئي ڇڏيو، ۽ جڏهن هن کي چيف آف آرمي اسٽاف کي 13 فيبروريءَ 2020 تي چئن سالن جو ايڪٽينشن ڏيڻو هيو تڏهن هن ڪنهن ٻئي جو نه سوچيو يا آئوٽ آف ٽرن پنهنجي پسند هلائي هان يا ڪا تڪڙ ڪري وجھي هان، پر جڏهن آءِ ايس آءِ جي ٽرانسفر ٿيڻ جي ڳالھه آئي ته هن ايڪسٽينشن ۽ آرڊيننس واري سرڪار کي به ٽرانسفر نه ڪري هان ۽ آءِ ايس آءِ جي سيٽ تي رهڻ ڏئي هان، معني هن خان کان اهڙي ڪا غلطي ضرور ڪرائڻي هين جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، ڇو ته هن مان ۽ هن جي پاليسين مان جيترو عوام تنگ آ اوترو اسٽبلشمينٽ به تنگ آهي، مثال هن کي جڏهن شوڪت ترين کي ئي ناڻي جي وزير مان وري مدي پوري ٿيڻ جي صورت ۾ صلاحڪار ڪري رکڻو هيو ڇو ته اهو جهانگير خان ترين جو سئوٽ آهي ۽ جهانگير خان ترين تي به هٿ هلڪو رکيون ٿو اچي، ڇو ان کي هٿ لاهڻ مان مراد ڄڻ عمران خان جي هيٺان ڪرسي کسڪائڻ آ، ان ڪري هي خان به مصلحتن چپ آ.

پر جڏهن هي سڀني کي رعايت ڏئي پنهنجي احسان هيٺان دٻائي ٿو رکي ته پوءِ اها رعايت سڀني جي لاءِ ڇو نه، ڇو ته گذريل ٽن سالن ۾ چور چور ڪري هن پنهنجن وزيرن کي ئي چور ڪري ڇڏيو آ، يا هنن جيئن شوڪت ترين کي وزير مان ڦيرائي صلاحڪار ڪري ڇڏيو تيئن ٻين کي به رعايت ڏئي، يا هي ته ان آسري ۾ به آهن ته ان کي ڪجھه مهينن ۾ سينيٽ جي سيٽ تان ڪي پيءَ مان کٽرائي وري وزير ڪري ڇڏيندو، پر اهڙن چورن کي ڪا به سزا ناهي، ڪو به ايف آءِ اي جو سرڪل متحرڪ ناهي، ڪا به نيب ڪو به ايڪشن نه وٺندي، وري اهو به آهي ته عسڪري ادارن جي پوسٽنگ تي خان ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو آ، جو جيستائين جنرل فيض حميد کان جنرل نديم انجم چارج نه وٺندو تيستائين ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر نه مٽبو، وري تيستائين پشاور جو ڪور ڪمانڊر به هيڏي هوڏي نه ٿو ڪري سگهجي، معني اهو سُٽ عمران خان منجهائي ڇڏيو آ، يا جي هي جنرل فيض حميد کي روڪي ڇڏيندو ته پوءِ ٻين جي پوسٽنگ ڪيئن ڪندو يا ڪنهن کي رنجائيندو ۽ ڪنهن کي راضي ڪندو، گذريل ڏهن ڏينهن کان خان به ان ڳالھه تي چپ لڳو پيو آ، يا هنن جي وزيرن جي روين ۽ ڳالهين يا ان معاملي تي چپ مان ائين ٿو لڳي ڄڻ هنن پي ٽي آءِ وارن جي تڏا ويڙھ ٿيڻي آ، يا گھٽ ۾ گھٽ پي ٽي آءِ وارن جي اعتماد يا وڦلڻ مان اها مراد آهي ته هي هاڻي ڪمزور ٿي ويا آهن، ڇو ته جيڪا پختگي هنن جي ڳالهائڻ، پريس ڪانفرنس، پرڏيهي پاليسين، مخالفن مٿان نيب جي وڪڙن ۽ ڇاپن، ايف آءِ اي جي ڳوٽن ڦيرائڻ ۾ هوندي هئي سا هاڻي ناهي، يا هي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پريشاني ۽ فرسٽريشن ان مان به ثابت ڪندا آهن جو جڏهن هي پاڻ ڦاٿا پيا هوندا آهن يا جڏهن هنن جي ڳچيءَ جو رسو سوڙهو ٿيندو آهي تڏهن هي به نون ليگ ۽ پ پ وارن تي نيب ۽ ايف آءِ اي جون چڙهايون ڪرائيندا آهن يا رياست جا ڪات ڪهاڙا تيز ڪندا آهن، معني هنن جي هاڻي اها ڳالھه ناهي رهي جيڪا پهرين هوندي هين، اها ٻي ڳالھه آ ته عوام ته پنهنجي جاءِ تي تنگ ضرور آ جو هي بجلي، گيس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ ۾ فرحت محسوس ٿا ڪن ڇو ته هي اهو آءِ ايم ايف کي لکي ڏئي چڪا آهن ۽ هاڻي عمل ڪندا ٿا وڃن ته مهيني ۾ ٻه دفعا پيٽرول، گيس ۽ بجليءَ جا اگھه وڌائيندا رهندا، پر ڳالھه اها آهي ته عوام کي ڪيترو به سوگهو ڪن پر پنهنجي ڪرسي به سنڀالي هلن ته چڱو آ.

وري جولاءِ ۾ جڏهن قمر باجوا عمران خان کي سمجهايو هو ته جنرل فيض حميد جو عرصو پورو ٿيڻ وارو آ ان ڪري ان کي مهل سان ٽرانسفر ڪيو وڃي تڏهن عمران خان جي مٿي ۾ اها ڳالھه نه ويٺي هئي ۽ هن ان ڳالھه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻي جڏهن هن تي عسڪري ادارن ۾ اندر ٽرانسفر پوسٽنگ جي ڳالھه آئي تڏهن خان کي وري ساڳي تڪڙ لڳي ته هاڻي اهي سڀ ٽرانسفر ڪرڻا پوندا وري جيڪي ان ڪري به نه ٿا ڪري سگهجن جو هاڻي جنرل فيض حميد جون پاڙون آمريڪا ۽ سي آءِ اي وٽ پختيون آهن ان ڪري متان عمران خان جو ئي ٽراسفر ٿي وڃي ۽ هي گهر ڀيڙو ٿي وڃي جو هن مان هاڻي ته اسٽبلشمينٽ وارا به تنگ لڳا پيا آهن جو هن جون پاليسيون هاڻي ان کي پاڻ به سمجھه ۾ به نه ٿيون اچن، ان ڪري پي ٽي آءِ وارن جي لاءِ ڳالھه هاڻي ڳوري ٿي وئي آ، هاڻي ته ٽي ليفٽيننٽ جنرل لائين ۾ ويٺا آهن جن جي ٽرانسفر پوسٽنگ ان ڪري به نه ٿي ڪري سگهجن جو اهي هاڻي ڪاڏي ويندا؟ وري پي ٽي آءِ جي خلاف هنن جا اتحادي ڪنهن به وقت ڦري سگهن ٿا، جن ۾ نفيس ايم ڪيو ايم وارا، جي ڊي اي وارا ۽ مسلم ليگ قاف جا چوڌري ڀائر به، يا اهي مخالفن سان ملي هنن جي لاءِ کڏ کوٽي سگهن ٿا، يا اهي جيڪي آزاد اميدوار هيا هاڻي اهي به ڦرڻ جا سانباها ڪن پيا پوءِ هنن جي حڪومت ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندي، ڇو ته هنن جي اتحادين کي هنن مان ڪو فائدو ناهي مليو يا اهي نفيس ماڻهن سميت جيئن ماضيءَ ۾ پ پ ۽ نون ليگ کي بليڪ ميل ڪندا هيا اهي هاڻي عسڪري ادارن جي زور ۽ اثر جي ڪري پي ٽي آءِ وارن کي بليڪ ميل ناهن ڪري سگهيا ان ڪري هاڻي جي عسڪري آشرواد ئي هنن جي حق ۾ ناهي رهيو ته پوءِ اتحادي به منهن ڦيرڻ ۾ دير نه ڪندن، ۽ هي گهر ڀيڙو ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *