ابراھيم ڪنڀر

پينڊورا باڪس ڇا جاچ ممڪن آھي؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

پينڊورا باڪس جي نالي تي پاڪستاني سياست خاص طور حڪومت جو پينڊوار باڪس کلي ويو آھي، اسحاق ڊار جو پٽ سيني تي ھٿ ھڻي چئي رھيو آھي تہ ھن جو سياست سان واسطو ناھي، ھو ڪاروباري ماڻھو آھي ڪاروبار ڪندو رھندو پر شوڪت ترين پاڪستان جي اھم وزارت جو قلمدان سنڀاليو ويٺو آھي، عليم خان مسلسل وزير بلڪ اڌ پاڪستان جيتري صوبي پنجاب جو سيئينر وزير رھيو آھي، فيصل واوڊا کي مرڪز جي وڏي حساس قسم جي پاڻي جي وزارت ھئي، قومي اسيمبلي مان نااھل ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم سندس سھوليتڪار ٿيو ۽ کيس سينيٽ جو ٽڪيٽ عطا ڪري شان ۽ مان سان سينيٽ تائين پھچايو،پرويز الاھي جي پارٽي تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽي آھي انھي جو فرزند مونس الاھي ھن وقت اھم مرڪزي وزير آھي، کنڊ جي بحران ۾ نالو ڪمائيندڙ خسرو بختيار اڄ بہ وفاقي ڪابينا جو حصو آھي،عمران خان جي حڪومت جي ٽن سالن تائين وقار مسعود خان رٽائرٽمينٽ جي باوجود ناڻي جي وزارت جو اھم ڪردار رھيو، کيس وزارت ۾ ايڊوائز جي پوسٽ ڏني وئي، اھي سمورا نالا حڪومت ۾ شامل ماڻھن جا آھن جن کي پينڊوارا باڪس ڳڻايو آھي، وزيراعظم پاڪستان اعلان ڪيو آھي تہ جن سياسي ماڻھو يا رٽائرڊ جنرلز جا نالا پينڊوارا باڪس ۾ آيا آھن انھن جي حوالي سان جاچ ٿيندي؟ وزيراعظم جي اعلان تي اعتبار ڪجي تہ ڪئين ڪجي؟ ڇاڪاڻ جو انھي قسم جي اسڪينڊل جي اڳ ۾ جيڪا جاچ ٿيندي اھا سليڪٽڊ قسم، مخصوص قسم جي ٽارگيٽڊ قسم جي جاچ ھئي، پاناما ڪيس ڇا ھو؟ ڇا انھي ۾ نواز شريف جو نالو شامل ھو؟، پاناما کان پوءِ جيڪا ٻيو اسڪينڊل ٿيو ھو انھي ۾ ڪھڙي جاچ ٿي ؟ پاڻ اڄ انھي تي لکنداسين. پر انھي کان اڳ ۾ اھو ٻڌائڻ ضروري آھي تہ ھن کان اڳ ۾ انھي قسم جو جيڪي ليڪس يا اسڪينڊلز آيا ھئا انھي جي جاچ ڪھڙي ٿي آھي؟ پاناما ليڪس ڇا ھو؟ پاناما ليڪس ۾ بہ آف شور ڪمپنين يا لڪيل فنڊز ذريعي ملڪيتون وٺي لڪائڻ جي ڳالھ ٿيل ھئي، اھو سمجھن انتھائي ضروري آھي تہ آف شور ڪمپنيون انھن ملڪن ۾ ٺاھيون وينديون آھي جتي ريگيلوٽر ڪمزور ھجي، پڇاڻو گهٽ ھجي مالياتي رازداري وڌيڪ ھجي،يعني اميرن جي انھن ڪمپنين تي پڇاڻو نالي ماتر ھجي انھن ڪمپين جي آڙ وٺي غير قانوني مني لانڊرنگ، پئسن جي ڏيتي ليتي،غير قانوني ڪاروبار، ڪاري ناڻي جو ڪاروبار ٿيندو آھي، واضع رھي تہ اسان جي وزيراعظم عمران خان جي بہ والد جي نالي بہ ھڪ آف شور ڪمپني ھئي جيڪا اڳيان ھلي ختم ٿي وئي.
پاڪستان ۾ ھلندڙ جمھوريت جو تختو الٽائڻ جي لاءِ جنھن اسڪينڊل کي استعمال ڪيو ويو اھو پاناما اسيڪنڊل ھو، پاناما اسڪينڊل اپريل 2016ع ۾ سامھون آيو، جنھن ۾ دنيا جي امير ترين ماڻھن جي دولت لڪائڻ جي حوالي سان پيپر سامھون آيا، اھو موقعو عمران خان ۽ انھي جي حامي ٽيم جي لاءِ ھڪ غنيمت ھو تہ جنھن کي ھنن پنھنجي ٽارگيٽ يعني نواز شريف جي خلاف خوب استعمال ڪيو وڃي، انھي اسڪينڊل کي ڪنٽرول ميڊيا تي پنھنجي مقصدن جي ڪري استعمال ڪيو ويو، سياسي اڳواڻن ۾ اڪيلو ميان نواز شريف شامل نہ ھو جنھن جي اولاد جو نالو، مزي جي ڳالھ تہ نواز شريف جي ٻارن جا نالا ھئا، انھي کانپوءِ شريف خاندان جي قبرن کي ڪيسن ۾ گھليو ويو، عالمي ليول تي محمد بن سلمان، روسي صدر پيوٽن جي ڪٽنب جي ڪيترن ماڻھن اٽلي جي صدر، چيني صدر جي ڀيڻيوئي.يوڪرين جي صدر، ارجنٽينا جي صدر، برطانوي اڳوڻي صدر ڪيمرون جي والد جا نالا بہ شامل ھئا ٻين کي ڇڏيون ٿا پاڪستان ۾ جن ماڻھن جا نالا شامل ھئا انھن ۾ نواز شريف جي ٻارن سان گڏ چوڌري شجاعت حسين، پرويز الاھي. رحمان ملڪ، رٽائرڊ جسٽس ملڪ قيوم،شوڪت ترين، حسين جعفري، حبيب وقاص، تھمينا دراني، جاويد پاشا، الياس معراج لاھور ھائيڪورٽ جي جج فرخ عرفان، سيف اللھ خاندان جا نالا شامل ھئا،ھاڻ سوال اھو ٿو بڻجي تہ اسان جمھوريت، شفافيت، ايمانداري، اعلي ظرفي جا وڏا چئمپين آھيون، پاناما ااسڪينڊل آيو تہ اسان ملڪ مٿي تي کڻي ڇڏيو، ڪڏھن شٽر ڊائون، ڪڏھن لاڪ ڊائون، ڪڏھن اسپانسرڊ ڌرڻا، ڪڏھن پي ٽي تي تي حملو ڪڏھن پارليامينٽ تي حملو آخر ۾ وڃي عدالت ھڪ رستو ڪڍي ڏنو عمران خان کي آفر ڪئي وئي تہ اوھان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست کڻي اچو اسان معاملو ڏسي ٿا وٺون ۽ سپريم ڪورٽ معاملو ڏسي ورتو.وري ساڳيو سوال ورجايون ٿا تہ جنھن پاناما ليڪس کي بنياد بنائي وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست کڻي نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرايو ھو انھي پاناما ليڪس تي عمران خان جي حڪومت رڳو لکپڙھ کان سواءِ ڪجھ نہ ڪيو ھو، خانصاحب وڏي واقعي اعلان ڪيو ھو تہ ھو انھي معاملي جي جاچ ڪرائيندو، انھي کان اڳ ۾ ھن ميان نواز شريف طرفان ڪميشن جوڙڻ واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ھو، 2018 ۾ جڏھن ناڻي جو وزير اسد عمر ھو انھي وڏي چيو ھو تہ انھي معاملي جي جاچ ٿيندي اھا جاچ ڪھڙي ٿي رڳو 294 پاڪستانين کي نوٽس موڪليا ويا ھئا انھن جو جواب آيو يا نہ آيو ڪا خبر ناھي،بعد ۾ اھو انڪشاف ٿيو تہ جن 294 پاڪستانين جا نالا پاناما ليڪس ۾ آھن انھن مان 150 ماڻھو گم ٿي ويا آھي، ناڻي جي وزير چيو ھو تہ 15 پاڪستانين تي ڪيس ھلي رھيا آھن، 10 ارب رپيا واپس ٿيڻ وارا آھن پر اھا ڳالھ بيانن جي حد کان اڳيان وڌي نہ سگھي.اڪيلو پاناما اسڪينڊل نہ ھو انھي کان سال پوءِ ھڪ ٻيو اسڪينڊل بہ سامھون آيو انھي جو نالو پيراڊائيزڊ ليڪس ھو، نومبر 2017ع ۾ انھي اسڪينڊل جي ڪري ھائي گھوڙا ٿي وئي انھي ۾ پنجاھ ملڪن جي 140 شاھوڪار ماڻھن جا نالا شامل ھئا پر پاڪستانين جا نالا بہ شامل ھئا، جن ۾ اڳوڻي نامزد سليڪٽڊ وزيراعظم شوڪت عزيز، نيشنل انشورنس ڪارپوريشن جي اڳوڻي چئرمين اياز نيازي،بشير خان قريشي، آصف علي زرداري تي اغوا جا الزام ھڻندڙ فائيو اسٽار ھوٽلز جو مالڪ صدر الدين ھاشواڻي،پنجاب جي وڏي سرمائيدار ميان منشا،آغاخاني علاوالدين فيرستا،عبيدالطاف خاناڻي،اسلام آباد جو وڏو واپاري ظھير الدين خان،تاثير سميت ٻين خاندانن جا نالا شامل ھئا پر اوھان ڪڏھن وزيراعظم عمران خان يا سندس ڪابينا جا وزيرن جي واتان پيراڊائيز ليڪس ۾ شامل ماڻھن جي خلاف ڪنھن قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جو ٻڌو ؟ انھن ماڻھن جو آف شور ڪمپنيون ۽ دنيا ۾ لڪيل ڪاروبار ھو انھي جي حاصلات جي لاءِ ڇا ٿيو؟ ڪڏھن گهرو وزير انھي انڪوائري يا انھي جي اڳڀرائي جي حوالي سان ڪو بيان ڏنو؟
پاناما ليڪس جو ميلو رڳو ميان نواز شريف جو پٽڪو وڃائڻ جي لاءِ لڳو ھو انھي ۾ عمران خان پنھنجي ساٿين جي مدد سان ڪامياب ٿي ويو، عمران خان نواز شريف جي اقتدار جي خاتمي ۽ سياسي جي خاتمي جا خواب کڻي اڳيان آيو، نواز شريف ھليو ويو پر عمران خان جيستائين روزاني سندس نالو نٿو وٺي تيستائين کيس سڪون نٿو ملي انھي جي ڪري جيڪڏھن ڪير پڇي ٿو تہ پاناما اسيڪنڊلز يا پيراڊائيزڊ اسڪينڊل ۾ نواز شريف کان سواءِ باقي ٻين جي خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڇو نہ ٿي آھي تہ انھي جو سادو جواب اھو آھي تہ جن جن ماڻھن جا نالا انھن اسڪينڊلز ۾ آھن انھن مان نوي پنجانوي سيڪڙو ماڻھو غير سياسي ۽ رياست جا ڪمائو پٽ آھن انھن تي ٽيڪس چوري، آف شور ڪمپنيون، ٽرسٽ وغيرہ حلال ڪيا ويا آھن، ھي سڀ جا سڀ غير سياسي ڪمائو پٽ آھن انھن جي ڪاروبارن ۾ ڪي اھڙا ھٿ شامل آھن جن جا نالا کڻڻ سان قومي سلامتي کي خطرو بہ ٿي سگھي ٿو جڏھن تہ ھي رياست ڪرپٽ ترين مخلوق سياستدانن کي سمجھي ٿي انھن کي رسوا ڪرڻ ئي اولين مقصد ۽ ترجيح آھي انھي جي ڪري سالن کان اھا ڪرت جاري آھي. جيستائين رھي ڳالھ ھن پينڊورا ليڪس جي جاچ جو تہ اھو خالي پيلي سياسي بيان آھي، وزيراعظم ڪنھن جي خلاف جاچ ڪندو؟ شوڪت ترين جون چار آف شور ڪمپنيون سامھون آيون آھن، وزيراعظم سندس حيثيت عبوري وزير بدران مستقل وزير بنائڻ وارو آھي، شوڪت ترين کي ڇھن مھينن جي لاءِ ناڻي جو وزير بنايو ويو ھو اھو مدو آئيني اعتبار کان پورو ٿيڻ وارو آھي ھاڻ کيس خيبرپختونخواھ مان سينيٽر چونڊرائڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن،. شوڪت پاڻ قومي اسيمبلي ۾ انھي جو اعلان ڪري چڪو آھي تہ حڪومت کيس سينيٽر بنائڻ وڃي رھي آھي، جڏھن اھم ترين وزارت تي ويٺل وزير وڏي خود اعتمادي سان اھڙو بيان ڏيندو ھجي تہ ڇا وزيراعظم کيس ائين ھٽائي يا سندس خلاف انڪوائري ويھاري ڇڏيندو؟ پينڊورا پيپرز ۾ پرويز الاھي جي پٽ مونس الاھي جو نالو بہ شامل آھي،، وزيراعظم ق ليگ جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي دل تي پٿر رکي کيس وزير بنايو آھي پر وفاقي ڪابينا جي اھم وزير کي برطرف ڪرڻ وزيراعظم جي وس ۾ ناھي جنھن ڏينھن مونس الاھي کي برطرف ڪيو ويو، يا سندس خلاف انڪوائري شروع ٿي انھي ڏينھن کان ق ليگ حڪومت سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيندي، خسرو بختيار ۽ سندس ڀاءُ جو نالو بہ انھي ليڪس ۾ شامل آھي خسرو بختيار جڏھن فوڊ سيڪيورٽي جو وزير ھو تہ ڪڻڪ جو اسڪينڊل سامھون آيو اٽي جو اگھ آسمان سان لڳي ويو مطالبا ٿيا تہ خسرو بختيار کي خلاف انڪوائري ڪئي وڃي، پر انھي مطالبي کي ڪارپيٽ ھيٺ دٻايو ويو،جھانگير ترين سان گڏ شگر اسڪينڊل ۾ جنھن ٻي اھم ماڻھو نالو آيو اھو خسرو بختيار ھو، انھي خسرو بختيار تي ڪو فرق نہ پيو ھو اڄ بہ اھم وزارت جو قلمدان سنڀاليو ويٺو آھي، مقامي يا پرڏيھي اسڪينڊلز ۾ شامل وزير امين ۽ صادق قرار ڏنل وزيراعظم کي گھيريو ويٺا آھن، ماڻھو انھي جي ڪمپني سان سڃاتو وڃي ٿو،، وزيراعظم جي جيڪا بہ ڪمپني آھي انھي مان جن جا نالا پينڊورا باڪس ۾ ناھن آيا انھن جا نالا نيب جي انڪوائرين ۾ شامل رھيا آھن پر جئين تہ نيب اپوزيشن کي دٻائڻ واري ڪم تي لڳل آھي انھي جي ڪري في الحال نيب کي ٻيو ڪو ٽارگيٽ ناھي مليل، پينڊوار ليڪس ۾ وزيراعظم پنھنجي گهاٽي دوست فيصل واوڊا جي خلاف ڪئين جاچ ڪرائيندو جڏھن تہ کيس خبر آھي تہ فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلف نامو ڏنو ھو، وزيراعظم کيس انھي امتحان مان پاس ڪرائڻ جي لاءِ سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏئي سنڌ اسيمبلي مان سينيٽر چونڊرائي سندس چوري لڪائڻ ۾ مدد ۽ معاونت ڪئي، پنجاب جي سينئير وزير تي نيب انڪوائري ھلندي رھي، ھڪ ڊرامي طور ڪجھ عرصي جي لاءِ کائنس استعيفي ڏياري وئي وري واپس وٺي ساڳي عھدي تي ويھاريو ويو پينڊورا اسڪينڊل ۾ سندس نالو وري سامھون آيو آھي، پاناما يا پيراڊائز ليڪس ۾بہ سندس نالو انڪوائري نہ ڪئي وئي ھاڻ وري ڇا جي انڪوائري؟ عليم خان کي ھونئن بہ وزيراعظم جي اي ٽي ايم مشين سمجھيو ويندوآھي وزيراعظم سندس خلاف جاچ ڪئئين ڪندو؟ جيستائين ٻي غير سياسي ڪاروباري ماڻھن، رٽائرڊ جنرلن جا نالا شامل آھن، وزيراعظم انھن جي خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو سوچي بہ نٿو سگھي.انھي جي ڪري جاچ جو بيان ھڪ سياسي بيان آھي، جاچ تہ پري جي ڳالھ آھي پر جيڪڏھن مقتدر حلقن جو ھيج عمرن خان سان ھيج گهٽجي ويو آھي، ھاڻ پيار پڄاڻي ٿي وئي آھي تہ ممڪن آھي تہ پينڊورا باڪس ھن وزيراعظم جي اقتدار جي لاءِ بہ ائين نوڙ ثابت ٿئي.جئين پاناما ليڪس نواز شريف جي ڪرسي جو خاتمو جو ڪارڻ بڻيو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *