ابراھيم ڪنڀر

پرڏيھي پاليسي ۾ اسان کي ڪھڙيون ڪاميابيون پلئي پيون؟

ابراھيم ڪنڀر اوهانجو موقف ليکڪ

ابراھيم ڪنڀر

نيشنل سيڪيورٽي جي صلاحڪار معيد يوسف جو آمريڪي صدر بائڊن کي اھو ڏوراپو تہ بائيڊن سمورن ملڪن جي حڪومتي سربراھن کي ٽيليفون ڪيو پر عمران خان کي فون ڪرڻ جي بہ تڪليف نہ ڪئي، ھيڏو پڙھيو لکيو ماڻھو آمريڪا وڃي ملڪ تان ماڻھو کلائي موٽيو آھي، ھاڻ انھي بيان جي وضاحت جي لاءِ نيون نيون ڳالھيون پيون ڪيون وڃن، پر اھو سچ آھي تہ آمريڪي صدر چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان کي ٽيليفون نہ ڪيو، ھن نريندر مودي، سعودي عرب جي بادشاھ، ايستائين جو افغانستان جي صدر اشرف غني کي بہ فون ڪري حال احوال ورتا،اھڙو ئي ھڪ ٻيو واقعو ڪجھ وقت اڳ جو آھي، پاڪستان جي وزيراعظم ڀارتي چونڊن ۾ اميد ڏيکاري ھئي تہ جيڪڏھن نريندر مودي ڪامياب ٿيو تہ ولاريل ڪشمير جي معاملي تي ڳالھيون اڳيان وڌي سگھن ٿيون، پوءِ سڀني ڏٺو تہ نريندر مودي اليڪشن کٽي ويو، وزيراعظم عمران خان کيس ٽيليفون ڪندو رھيو پر ھن ھڪ ڀيرو بہ سندس فون نہ کنيو،ڳالھ رڳو فون کڻڻ جي ناھي پر ڀت جي ٻي پاسي ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙ عمران خان انھي نريندر مودي مان ولاريل ڪشمير تي اڳڀرائي جي اميد رکيو ويٺو ھو جنھن جا ھٿ گجراتي مسلمانن جي رت سان ڀريل ھئا، جنھن جو نظريو ذري گهٽ بال ٺاڪري جھڙو پر اسان جي وزيراعظم کي انھي جي اڳواٽ ڪا خبر نہ پئي انھي مان معلوم ٿيو تہ جنھن وزيراعظم کي سموري ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو ويو آھي اھو پرڏيھي پاليسي، سفارتڪاري مان ڪيترو واقف آھي،نريندر مودي عمران خان جي انھي پرڏيھي پاليسي جي ڪمزورين جو فائدو وٺندي ولاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ئي ختم ڪري ڇڏي، عمران خان توڙي انھي کي آڻيندڙ ڏسندا رھجي ويا.
ٻي پاسي اسان جي اھا راڳڻي بند ٿئي ئي نٿي تہ ڪمشير جو معاملو عمران خان عالمي ميڊيا تائين کڻي ويو، خان صاحب ڪشمير جو سفير آھي انھي کان اڳ ۾ ڪشمير جو معاملو ايترو اجاڳر ٿيو ئي ناھي، رڳو ڪشمير يا ڀارت ڇو ؟ موجودہ حڪومت ۾ پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي ھڪ ڪنڊ ۾ رلي ويڙھي سمھي رھي آھي، ملتان جو پير مرشد جڏھن کان موجودہ حڪومت ۾ پرڏيھي وزير ٿيو آھي تڏھن کان سندس حصي ۾ رڳو ناڪاميون ئي نہ آيون آھن پر بدنامي جا بہ نوان نوان رڪارڊ قائم ٿي چڪا آھن، بدنامي انھي حوالي سان تہ جنھن سائي پاسپورٽ کي دنيا ۾ عزت ملڻي ھئي، پاسپورٽ ڏسي ماڻھن کي ڪنڌ نمائڻو ھو انھي پاسپورٽ کي ڪير کنگھڻ جي لاءِ تيار ناھي، اسان گلوبل وليج ٿي ويل ھن دنيا ۾ سموري عالم جي لاءِ ڪيترو اھم آھيون، دنيا اسان کي ڇا ٿي سمجھي، دنيا اسان کي ڪيترو اھم سمجھڻ سان گڏ ريسپانس ڏئي رھي آھي، اسان ڪيڏانھن ڌڪجي رھيا آھيون ؟ پاڪستان لال قلعي تي جھنڊي کوڙڻ جي خواھش دل ۾ سانڍي انھي کي پرڏيھي پاليسي جو محور بنايو ويٺو آھي انھي تي پاڻ نٿا ڳالھايون، رڳو ڀارت ئي پاڪستان جي لاڳاپن جي لاءِ اھم کڻي نہ ھجي پر ٻيا ملڪ پيا آھن پوري دنيا پئي آھي انھي سان اسان جا لاڳاپا ڪيئن آھن؟ اسان سان اھو سڀ ڪجھ ڇو ٿي رھيو آھي؟ اسان عالمي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ڇو آھيون؟ اسان ڪھڙيون غلطيون ڪيون آھن؟ اسان غلطين جي ازالي طور ڇا ڪيو آھي؟ ڇا ماضي مان اسان سبق سکيو آھي يا سکڻو ئي ناھي ؟ اھي سڀ اھڙا سوال آھن جن کي رڳو ڏسڻ ضروري ناھي پر انھي جو جواب عوام کي بہ ڏيڻ بہ اھم آھي.
افغانستان جو ھيڏو وڏو معاملو ھلي رھيو آھي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو افغان معاملي تي ھيڏو اجلاس ٿيو، پاڪستان کي انھي ۾ شرڪت جي دعوت ئي نہ ڏني وئي ؟ اسان ھتي ويٺا راڳ ڳايون تہ افغان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ عمران خان جي حڪومت ڏينھن رات ھڪ ڪريو بيٺي آھي، پنھنجي عوام ۾ ڌاڪو ويھارڻ جي لاءِ وزيرن، مشيرن ۽ معاونن جي فوج ظفر موجب پرڏيھي پاليسي ٽوئيٽر جي ذريعي ھلائي رھي آھي، دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ٿورو مشڪل ٿي پيو آھي، دنيا اسان جي ڪردار کي ڏسي رھي آھي، دنيا اسان جي عمل کي ڏسي وئي، اسان افغانستان جي معاملي ۾ کڻي سنجيدھ ھجون پر دنيا کي باور ڪئين ڪرائڻو آھي اھو ڏانون شايد اسان کي نٿو اچي، اسان شايد عالمي سطح تي لابنگ جي طريقين کان واقف ناھيون انھي جي ڪري اسان دنيا ۾ پنھنجو ڪيس ڪمزور ڪري رھيا آھيون؟ گڏيل قومن جي اھم اجلاس ۾ انھي ملڪ کي دعوت نہ ڏني وئي جيڪو نہ رڳو افغانستان جو پاڙيسري آھي پر انھي طالبان ۽ آمريڪا کي گڏ ويھارڻ جي لاءِ عملي قدم کنيو، اسان پنھنجي انھن ڪوششن کي مڃرائڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آھيون يا وري اسان ڊبل گيم ٿا ڪريون؟ انھي جي ڪري اشرف غني کان وٺي گڏيل قومن ۾ افغانستان جو مستقل نمائندو غلام ايم اسحاق زئي الزام ھڻي رھيوآھي تہ پاڪستان طالبان جي لاءِ محفوظ پناھ گاھ آھي، اسان انھي جو جواب وري ھتان کان ويھي مقامي فورمز تي پريس ڪانفرنس، شيخ رشيد يا شاھ محمود قريشي کي بيانن ذريعي ڏئي دل جاءِ ڪري چپ ڪري ويھي ٿا رھون؟
افغان معاملي ۾ اسان جي سنجيدگي جو عالم اھو آھي تہ اسان پارليامينٽ اندر ڳالھائڻ جي لاءِ تيار ناھيون، قومي اسيمبلي جي ڪجھ ھفتا اڳ اجلاس ۾ فاٽا مان چونڊيل ھڪ ميمبر جڏھن آواز اٿاريو تہ پشاور ۾ طالبان زندہ باد جا نعرا ٻڌڻ ۾ پيا اچن، امن جرڳي جي ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي، وزيرستان جي صورتحال خراب ٿيندي وڃي، طالبان جي حوالي سان حڪومت جو موقف ڇا آھي ؟ تہ اسپيڪر انھي ميمبر جو مائيڪ ئي بند ڪري ڇڏي ٿو،پرڏيھي وزير وضاحتون ڪري رھيو آھي تہ طالبان ھاڻ اھي طالبان نہ رھيا آھن جيڪي اڳ ۾ ھئا، يعني پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي تي اڄ بہ گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو اثر حاوي آھي، دھشتگرد کي ڪير دھشتگرد نٿو چوي، شايد انھي جي ڪري ئي دنيا اھو الزام ھڻندي اچي تہ پاڪستان طالبان جي مدد ڪري رھيو آھي. افغان صورتحال تي سلامتي ڪميٽي جو ھڪ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نشستن، گفتن ۽ برخاستن کان ڪھاڻي اڳيان وڌي ئي نہ سگھي، واعدو ڪيو ويو تہ ٻيو اجلاس بہ ٿيندو پر اھو اجلاس نہ ٿي سگھيو آھي.اسان افغانستان جي صورتحال تي منجھيل ئي ناھيون پر اسان جيڪا پاليسي اختيار ڪئي آھي انھي جي نہ وزيرن کي خبر آھي نہ پارليامينٽ کي پتو آھي، ممڪن آھي تہ وزيراعظم کي ڪجھ ٻڌايو ويو ھجي،افغانستان کانپوءِ سعودي عرب جي اسان سان چال چلت ڏسو، اسان سعودي عرب کي سموريون خاطريون ڪرايون آھن تہ اوھان جيڪو چوندا اھو ٿيندو، جئين چوندا ائين ڪنداسين انھي جي باوجود سعودي عرب جو اسان تان اھڙو ڀرسو ڀڳو آھي جو سڌي منھن ڳالھائڻ جي لاءِ تيار ناھي، اسان ميڙ منٿ ۾ پورا آھيون، خودمختيار ملڪ، خوداري جا سمورا سبق ھڪ پاسي خيرات جو ڪستو اسان جي ھٿن مان نڪري نٿو. اسان جي انھي پرڏيھي پاليسي جيڪا ڪٿي نظر نٿي اچي انھي جي ڪري تہ ھاڻ اسان کي سولو نھارڻ جي لاءِ بہ تيار ناھي.
يوناني مفڪر ھيروڊوٽس چيو آھي تہ جمھوريت ھڪ اھڙي طرز حڪومت آھي جنھن ۾ حڪمراني جا اختيار پوري سماج کي حاصل ھوندا آھن، عام طور پاڻ چوندا آھيون يا چيو ويندو آھي تہ جمھوريت مان مراد عوامي حڪمراني، انھي ۾ فيصلا سازي جو اختيار عوام کي ھوندو آھي، لازمي ڳالھ آھي عوام ٿلھن، ڀتن تي ويھي اھي فيصلا نہ ڪندي، انھي جي لاءِ ھو چونڊيل نمائندا چونڊيندي جن تي ٻڌل پارليامينٽ ھوندي اھي اختيار پارليامينٽ کي ھوندا آھن تہ ھو حڪمراني جي لاءِ ڪھڙو طرز طريقو اختيار ڪري ٿو. اسان جي دنيا ۾ جيڪا عزت افزائي ٿي رھي آھي، جنھن نظر سان دنيا اسان کي ڏسي ٿي، انھي جا ٻيا ڪيترائي ڪارڻ آھن پر مک ڪارڻ اھو آھي تہ فيصلا سازي يا پاليسي سازي ۾ عوام جي ڀائيواري، انھي جي راءِ کي ٽڪي جي بہ اھميت ناھي، ھيڏي دنيا ۾ اسان ھڪ ڪنڊ ۾ اڪيلائي جو روئڻو ڇو پيا روئون؟ انھي جي ڪري جو ھتي فيصلو ڪندڙ قوتون اھو ئي سمجھن ٿيون تہ فيصلو ڏنڊي جي طاقت کان سواءِ ڪري نٿو سگھجي مون سوير اسان جي پير مرشد شاھ محمود قريشي جي ڳالھ ڪئي تہ انھي جو ٻيو پاسو اھو بہ آھي تہ شاھ محمود قريشي ھجي يا ڪير بہ ھجي انھي جو رڳو اسٽيٽس، ڏيک يا ڪيڊر پرڏيھي وزير وارو آھي پرڏيھي پاليسي وارو جيڪو ڪم ھن کي ڪرڻو آھي اھو ڪم تہ ٻيو ڪير ٿو ڪري.پاليسين جي ناڪامين جو اھم ڪارڻ انھي ۾ عوام جي راءِ ئي شامل نہ ڪرڻ آھي، جنھ مان مراد پارليامينٽ کي حصو پتي وجھڻ جي لاءِ لائق ئي سمجھڻ آھي، اسان جي پارليامينٽ کي بہ غير جمھوري قوتن ائين سمجھيو آھي،ڇو جو پارليامينٽ ۾ پرڏيھي معاملن تي بحث کي عيب سمجھيو ٿو وڃي،جيڪي شيون چونڪ چوراھن تي بحث ھيٺ اينديون رھنديون آھن انھن کي پارليامينٽ ۾ انھي جي ڪري نہ آندو ويندو آھي جو غير جمھوري قوتون سمجھن ٿيون تہ اھي راز آھن جن تان پردو نہ کڻڻ ۾ ڀلائي آھي.سڀاڻي افغانستان ۾ عام چونڊون ٿينديون، افغانستان ۾ گهرو ويڙھ جاري آھي، آئي ايس پي آر جي بيانن کان سواءِ اسان جي پرڏيھي پاليسي جي گودڙِي ۾ ٻيو ڪجھ بہ ناھي، اسان ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪري رھيا آھيون،خودمختيار رياستون سمورن معاملن تي اڳواٽ پاليسيون جوڙينديون آھن، اسان جي پاليسي جذباتي قسم جي بيانن، ٽوئيٽس، ڪوڙين پريس ڪانفرنسز تي ٻڌل آھي تہ ادا خانصاحب آمريڪا کي ايبسليوٽلي نو ڪري ڇڏي آھي، ڇا تي ڪئي آھي ؟ ڪنھن آمريڪي اختياري خانصاحب سان رابطو ڪيو آھي؟ آمريڪي صدر بائيڊن جي ٽيم مان ڪھڙو اعلي سطحي وفد پاڪستان پھتو؟ پاڪستان کان ڪھڙا اڏا، ھوائي پٽي گهري وئي؟ اھا درخواست آمريڪي جي ڪھڙي کاتي، وزارت ڏني آھي؟ انھي جو رڪارڊ ڪٿي آھي؟ زميني حقيقتن کي ڇڏي اسان اجايا ٺڪاءُ ھڻي انھي کي پرڏيھي پاليسي جو نالو ڏيندا آھيون،انھي جو آخري نتيجو وري اھو ٿو نڪري تہ اسان آمريڪي صدر کي منٿون ٿا ڪريون تہ ٻيلي عمران خان کي فون تہ ڪريو اوھان جي وڏي مھرباني ٿيندي. اسان ايبسليوٽلي نو کان بہ وڏا ڊز ھڻندڙ آھيون..
چين پاڪستان کي سي پيڪ جي نالي تي ھيڏي وڏي سپورٽ ڪئي، انھي چين جي سموري پروگرام کي پھرين ڏينھن کان ڪجھ اھڙا ھٿ سبوتاز ڪري رھيا آھن جن جي وضاحت بدران حڪومت رڳو اھا رٽ لڳايو بيٺي آھي تہ سي پيڪ تي ڪم جاري آھي، چين سان دوستي لاڳاپا اڳ کان وڌيڪ مضبوط آھن، داسو ڊيم ۾ دھشتگردي جو ھيڏو وڏو واقعو ٿيو، مڃون ٿا تہ انھي ۾ پرڏيھي ھٿ ھوندو گهڻو شڪ ڀارت تي ئي آھي پر اھو سوال بہ اٿي ٿو تہ اسان جون پنجاھ کن ايجنسيون ھيڏي تڪڙي فورس سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني ماھرن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڇو ناڪام ٿي ؟ باجڪو گروپ جي مالڪ ۽ پاپا جون پيزا واري ڌڻي عاصم سليم باجوا کي سي پيڪ اٿارٽي جو اھم عھدو ڏنو ويو، سموريون پارٽيون، سوشل ايڪٽويسٽ، سياسي ڪارڪن کان ويندڙ عام ماڻھو اھو مطالبو ڪندا رھيا تہ انھي شخص کي سي پيڪ اٿارٽي جو سربراھ نہ بنايو، انھي سان مفادن جي ٽڪراءُ وارو سوال اٿي ٿو پر لکن جي انگ ۾ اٿندڙ ماڻھن جي آواز انھن جي پڙاڏن تي ڪنھن ڌيان نہ ڏنو آخر ۾ چين جڏھن اعتراض ڪيو تہ ھڪ ڏينھن اندر عاصم سليم باجوا کان استعيفي ورتي وئي، اسان جي پرڏيھي پاليسي ايتري آزاد ۽ خودمختيار آھي.انھي جي ڪري سموري ڳالھ جو حاصل مطلب اھو آھي تہ ملڪ ۾ اندرين، ٻاھرين، سيڪيورٽي، دفاعي، ناڻي سميت سمورين پاليسين کي بھتر بنائڻ جو حل پاليسي سازي جو اختيار پارليامينٽ کي ملڻ گهرجي، جئين عوام کان سندن راءِ پڇي سگھجي،عوام کي ترجيح ڏني وڃي تہ آخر ھو ڇا ٿو چاھي، رات جي پيٽ ۾ وڏن ڊرائينگ رومز ۾ ويھي ڪچن ڪابينا ۽ ڏنڊي بردارن کان سڀ پاليسيون ٺھرايون وينديون تہ اسان کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڪاميابي نٿي ملي سگھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *