الطاف شيخ

پرڏيهه جي نوڪري ۽ هزارين مسئلا

الطاف شيخ چونڊمواد ليکڪ

الطاف شيخ

1990ع  ۾ ملائيشيا ڇڏي اچڻ بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا ۾ رهڻ جي ويزا گهٽ ڏينهن جي ملڻ لڳي آهي ۽ پوءِ خبر پيئي ته گهمڻ جي ويزا فقط انهن مسافرن کي ملي ٿي، جن جو هتان لنگهه ٿئي ٿو، يعني هنن کي اڳتي جي ڪنهن ملڪ، هانگ ڪانگ، جاپان، ڪوريا وغيره جي ويزا ۽ هوائي سفر جي ٽڪيٽ آهي ۽ سو به فقط هڪ يا ٻه ڏينهن ملائيشيا ۾ رهڻ جي اجازت ملي ٿي ۽ پوءِ سال ٻن بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا پهچي اتي جي ايئرپورٽ (ڪوالالمپور) تان اسان جي ويزا وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ مان ملائيشيا جي قونصل خاني يا سفارتخاني مان اڳواٽ ويزا وٺڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي. ”اسان کي“ مان منهنجو مطلب آهي ”اسان پاڪستاني.“ جاپان، ڪوريا، آسٽريليا، آمريڪا ۽ يورپ  جي ملڪن جا رهاڪو ته اڄ به بنا ويزا جي نه فقط ملائيشيا ۽ سنگاپور پر ڪويت ۽ ٻين ملڪن ۾ به اچن وڃن پيا ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد خبر پيئي ته ملائيشيا وارن ڪجهه ملڪن جي ماڻهن لاءِ (جن ۾ اسان جو ملڪ به شامل آهي) ملائيشيا ۾ اچڻ اڃا به ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان اڳواٽ ويزا حاصل ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻيو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي ته اسين ملائيشيا تيسين نٿا وڃي سگهون، جيسين ملائيشيا جو ڪو ماڻهو اسان جي اسپانسرشپ ڪري، يعني ذمو کڻي ته آئون فلاڻي پاڪستانيءَ کي سڃاڻان ٿو ۽ هن کي ملائيشيا آئون گهرائي رهيو آهيان ۽ آئون ئي هن جي جوابداري کڻان ٿو وغيره. ان قسم جون پابنديون ٻڌي پنهنجي ملڪ جي ڪرندڙ ساک جو احساس ٿئي ٿو ته دنيا جو هر ملڪ اسان لاءِ دروازا بند ڪندو وڃي، پهرين آمريڪا ۽ يورپ وارن ائين ڪيو، پوءِ عرب ملڪن ڪيو. پوءِ ويندي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ترڪيءَ ڪيو، جن سان اسان جو RCD ذريعي ائين ڳانڍاپو ۽ دوستي هئي، جيئن يورپين ڪميونٽي جي ملڪن جي اڄ آهي ۽ 1970ع تائين ته  اسين پاڪستاني تهران ۽ استنبول بنا پاسپورٽ جي پئي وياسين. اڄ انهن ملڪن لاءِ به ويزا وٺڻي پوي ٿي ۽ گذريل صديءَ جي آخر کان اهو حال وڃي ٿيو آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ لاءِ به اسان کي ويزا وٺڻي پوي ٿي. ويندي آفريقا جا سوڊان ۽ چاڊ جهڙا ملڪ به اسان کي بنا ويزا جي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ نٿا ڏين. گذريل سال انهن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي سفير ظفر شيخ مون کي سوڊان گهمڻ جي دعوت ڏني ۽ مون کي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته ان لاءِ ظفر کي سوڊان حڪومت کان منهنجي اچڻ جي ويزا وٺڻي پيئي! انڊيا لاءِ ويزا! بنگلاديش لاءِ ويزا! چرچو مشهور آهي ته ڪنهن پاڪستانيءَ بيزار ٿي پنهنجي پاڪستاني دوست کان پڇيو ته، ”اسان لاءِ ڪهڙو ملڪ وڃي بچيو آهي، جتي ويزا بنا وڃي سگهجي ٿو؟“ دوست کلندي وراڻيس: ”فقط پاڪستان، جنهن ۾ ويٺو آهين ۽ جتي هر ڌارئين ملڪ جو هر ماڻهو بنا ويزا جي پهچيو وڃي ۽ وتي ڏوهه ڪندو ۽ انهن جي ڏوهن ڪري اسين پاڪستاني بدنام پيا ٿيون.“ ساڳئي وقت روز بروز ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جا ڏوهاري جهلجن ٿا، انهن لاءِ اهو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته اهي پاڪستاني آهن. اصل ۾ انهن ۾ فقط پنج سيڪڙو پاڪستاني مس هوندا، باقي ٻين وٽ جعلي پاڪستاني پاسپورٽ جو هجڻ ئي ثابت ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه جيسين ڪورٽن ۾ هلي ثابت ٿئي، تيسين اخبارن وارا پاڪستان کي بدنام ڪريو ڇڏين. گذريل سال ڪراچي ٽي وي طرفان انعام ۽ ايوارڊ ڏيڻ واري فنڪشن ۾ منهنجي ڀرسان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ويٺل هو. عبدالرحمان صاحب نه فقط منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري آهي پر ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ان ڪري به آهي، جو هن به مون وانگر ملائيشيا جي هڪ تعليمي اداري ۾ هڪ ڊگهو عرصو پڙهائيندي گذاريو آهي.  ان رات ملائيشيا بابت خبرون ڪندي وي سي  عبدالرحمان مون کان پڇيو ته ملائيشيا سان منهنجو اڃا واسطو هلندو اچي يا نه؟ ”جيستائين منهنجا شاگرد جيئرا آهن ۽ جهاز هلائيندا اچن، تيستائين هتي ڪراچي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ (جتي هنن جا جهاز پهچن ٿا) ملاقات ۽ خبرون چارون ٿينديون رهن ٿيون.“ مون ٻڌايو مانس.

”ڀلا ڪو ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا وڃڻ ٿيو آهي يا ٿيندو؟“ عبدالرحمان پڇيو. مون کلندي چيومانس”يار، هڪ دفعو ته ضرور ٿيندو، شايد هن ئي سال داڻو پاڻي هجي. هر سال ملائيشيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو آهيان. اچڻ وقت چئي آيو هئس ته Saya akan balik (آئون ڄاڻ ته موٽيس) پر اڃا نه وڃي سگهيو آهيان، هتي جي ڊيوٽي جلدي Join ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجو  Provident فند به نه ورتم، سڀ سامان خاص ڪري ڪتاب، رسالا هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾ ڇڏي آيس، ته ان کي اڃا تالو لڳو پيو آهي ۽ ملائيشيا حڪومت طرفان جيڪو ايوارڊ مليو هو، ان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ به هر سال خط ٿو اچي، سو اهو به وٺڻو اٿم.“

”فند وٺي ڇڏ. هنن Expatriates (ڌارين ملڪن جي نوڪري ڪندڙن) لاءِ اهو قانون ڪڍيو آهي ته هنن کي فقط پگهار ملندو، فند نه ملندو ۽ ڌارئين ملڪن جي ڪنهن به ماڻهوءَ جا پئسا ملائيشيا جي بئنڪ ۾ رکي نٿا سگهجن.“ عبدالرحمان ٻڌايو، جنهن جي جواب ۾ مون ڪجهه نه وراڻيو پر دل ۾ سوچيم ته ڳوٺائي ڳالهه صحيح ٿو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هيترا سال گذرڻ بعد منهنجو رکيل فند به ضبط ڪيو ويو هجي يا منجمد ڪيو ويو هجي.

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران اتي جي حڪومت اسان جي پگهار مان هڪ ته ٽئڪس ڪٽيندي هئي ۽ ٻيو حصو بچت خاطر رکندي ويندي هئي، ته جيئن نوڪري ڇڏڻ وقت اسان وٽ ڪجهه ته پئسو هجي، جنهن مان پنهنجي وطن لاءِ خريداري ڪري وڃون. پگهار ته ايترو پورو پنو ملندو هو، جو گهر جي خرچ ۽ ٻارن جي اسڪول في ۾ ئي پورو ٿي ويندو هو. مون جهڙا ٻاهرين ملڪن کان آيل جيئن جيئن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪندا ويا، تيئن تيئن پنهنجو فند وٺندا ويا. اسان جي نوڪريءَ واري جاءِ ملاڪا شهر هو ۽ فند ملڻ جي آفيس ڪوالالمپور ۾ هئي. مون کي آخري ڏينهن تائين ملاڪا رهڻو پيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ لاءِ اڏام هئي، ان ڪري پنهنجو فند وٺڻ بنا هليو آيس. اهو سو اڳ واٽ معلوم ڪيو هوم ته اهو فند اسان ڪڏهن به اچي وٺي سگهون ٿا، جيڪو ملائيشيا ۾ امانت طور رهندو.  ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن رهيو هوس، سو خبر هيم ته هتي جو سسٽم بيحد ايمانداريءَ وارو آهي. قاعدو قانون ايڏو سخت آهي، جو نه ڪو ڪنهن کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو ۽ نه ئي حڪومت ڪنهن جو حق ماري سگهي ٿي. هونئن به ملائيشيا ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اچڻ وڃڻ سولو هو، ڪا پابندي يا جهل پل نه هئي، هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به سستي هئي. ڪراچي ڪوالالمپور رٽرن ٽڪيٽ 6  ست هزار رپيا مس هئي. ان کان علاوه اسان جي فند واري آفيس KWSP (ڪمپولان وانگ سمپانان پيڪرجا) وارن اهو پڻ چيو هو ته هڪ فارم ڀري موڪلڻ سان هو اسان جو گڏ ڪيل فند پاڪستان به موڪلي ڏيندا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجا گڏ ٿيل پئسا به ايترا نه هئا، جو پريشان ٿجي. ان کان علاوه ملائيشيا جي ڏيتي ليتي جو سسٽم ڏسي رهيو هوس ته ايڏو شفاف ۽ صاف سٿرو آهي، جو ڪيترن يورپي ملڪن ۽ اسلامي ملڪن ۾ به نه هجي. پر منهنجي خيال ۾ اهو منهنجو غلط فيصلو هو، ٻاهر نوڪري ڪندڙ کي ڪڏهن به ائين نه ڪرڻ کپي، ڇو ته ڌاريو ملڪ ڌاريو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، حڪومت بدلجي سگهي ٿي، حڪومت جي پاليسي بدلجي سگهي ٿي. ملڪ جون معاشي ۽ سماجي حالتون بدلجي سگهن ٿيون يا اسان جي ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتون ڌارئين ملڪن جي پاليسين تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون.

( ڪاوش جي ٿورن سان )

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے