ابراھيم ڪنڀر
ذڪر ڪريون ٿا ٻن انٽرويوز جي، ٻن ڪردارن جي، ٻن اتحادين جي، انٽرويوز جي محور ھڪ ڪردار جي، ٻنھي انٽرويوز جو ميڊيا ۾ ٻڙڌڪ آھي انھن مان ھڪ انٽرويو عمران خان جو آھي ٻيو پرويز الاھي جو آھي، ٻئي اتحادي آھن تحريڪ انصاف جي حمايت سان صوبائي جي ڏھن ميمبرن جي طاقت رکندڙ پرويز الاھي ملڪ جي وڏي صوبي جو وزيراعلي بڻيو ويٺو آھي، ٻئي انٽرويوز تحريڪ انصاف جي حڪومت، پنجاب جي حڪمراني، اڳوڻي فوجي سربراھ جنرل قمر جاويد جي ڪردار جي چوڌاري گهمن ٿا پر ٻنھي اتحادين جا انٽرويو ھڪٻئي جي بلڪل ابتڙ آھن، عمران خان انھي انٽرويو ۾ جنرل قمر جاويد باجوا تي سخت تنقيد ڪندي چيو آھي تہ قمر جاويد باجوا ڊبل گيم کيڏي رھيو ھو، اسان جي پٺ پويان جيڪو ڪجھ ٿي رھيو ھو انھي کي لڪايو پئي ويو، جنرل باجوا جا نواز شريف سان لاڳاپا ھئا، جنرل باجوا جنرل فيض حميد کي ھٽائڻ جي معاملي تي اسان جي خلاف ٿي بيھي رھيو، جڏھن تہ پرويز الاھي جي انٽرويو کي ٻڌجي تہ ھو عمران خان جي سمورين ڳالھين جي ترديد ڪري اھو اعتراف ٿو ڪري تہ جنرل باجوا جي چوڻ تي اسان بي اعتمادي جي رٿ جي موقعي تي عمران خان جو ساٿ ڏنو، پنھنجي انٽرويو ۾ پرويز الاھي جنرل باجوا جي اھڙي ئي تعريف ڪئي اٿس جيڪا ھو پرويز مشرف جي ماضي ۾ ڪندو رھيو آھي،اھو پرويز الاھي ئي ھو جنھن جنرل پرويز مشرف کي ڏھ ڀيرا وردي ۾ ڏسڻ جي خواھش ڏيکاري ھئي، پر اھا پرويز الاھي جي سياست ھئي جنھن پيپلز پارٽي سان محبت جي ڳنڍين کي اھڙا ور ڏنا جو پيپلز پارٽي کيس ڊپٽي وزيراعظم جو عھدو ڏئي ڇڏيو ھو، عمران خان جو انٽرويو ٻڌڻ کانپوءِ جڏھن پرويز الاھي جو انٽرويو ٻڌجي ٿو تہ ٻين سمورين ڳالھين سان گڏ اھا ڳالھ سمجھڻ صفا سولي ٿي پوي ٿي تہ عمران خان جي آڏو سياست، نظام، نظريو، پارٽي،انھي جا اڳواڻ اڻ لاڳاپيل آھن، خودپرستي، انا، نرگسيت،پنھنجي ناڙڻ واري سوچ خانصاحب جي ترجيح آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن راولپنڊي ۾ 26 نومبر تي جلسي دوران جيڪو اعلان ڪيو ھو انھي جي ڪنھن کي ڪن نڪو جن ھئي، ڪنھن پارٽي اڳواڻ کي انھي جي اميد نہ ھئي تہ عمران خان جنھن جو احتجاج شھباز حڪومت جي خاتمي جي لاءِ شروع ٿيو ھو انھي احتجاج جي پڄاڻي پنھنجي ٻن صوبائي حڪومتن جي خاتمي جي اعلان تي ٿيندي. عمران خان جي سياسي اعلان تي اھو تبصرو سڀني کان بھترين ھو تہ وفاقي حڪومت کان استعيفي گهرڻ جي لاءِ آيل عمران خان پنھنجي ٻن حڪومتن جي پير تي ڪھاڙُو ھڻي روانو ٿي ويو، انھي ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي رھيو تہ عمران خان فيصلا سازي ۾ پارٽي کي ڪيتري اھميت ڏيندو آھي يا ڪنھن جي چوڻ تي فيصلا ڪندو رھيو آھي، عمران خان جيستائين حڪومت ۾ ھو تيستائين حڪومت بچائڻ وارن جي چوڻ تي فيصلا ڪندو ھو،حڪومت بچائڻ وارا سندن مدد بہ ڪندا ھئا، عمران خان جي آڏو پارليمنٽ جي عزت ڪيتري ھئي انھي جو ھن پاڻ ھڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو آھي تہ اسان کي بل پاس ڪرائڻ جي لاءِ بہ ايجنسين جي مدد وٺڻي پوندي ھئي، اھي ميمبرن کي لٺ چٺ ڏيکاري پيا ڪم وٺندا ھئا، منھنجي ھڪ پارليامنيٽرين دوست انھن ڏينھن ۾ مون سان ڳالھ ڪئي تہ مون کي ھڪ وڏي گھر مان فون آيو تہ فلاڻي ڏينھن فلاڻو بل اچي رھيو آھي اوھان اسلام آباد ۾ ھوندو نہ؟ بقول سندس مون انھي کي جواب ڏنو تہ اسان تحريڪ انصاف وارا آھيون لازمي آھي تہ اسان کي اسيمبلي ۾ رھڻو آھي، خانصاحب رڳو اتحادين کي فون نہ ڪرائيندو ھو پنھنجي پارٽي جي ماڻھن کي فون ڪرائيندو ھو، ھن وقت جيڪي اسيمبلي اندر تحريڪ انصاف جا ماڻھو آھن انھن مان ڪيترائي ماڻھو انھن فونن جو شڪار رھيا آھن.خير عمران خان کي ھلائيندڙ جڏھن سندس بيڪار ڪاڪردگي، فضول قسم جي انايت، سياسي بي استحڪامي ۽ معاشي بگاڙ جھڙي پيدا ڪيل صورتحال مان تنگ ٿيا تہ مجموعي طور عمران خان کان پاسيرا ٿي ويٺا عمران خان انھي وقت بہ سياسي عمل جي ذريعي نظام کي ھلائڻ بدران اسٽبلشمنٽ جي ڪجھ ڌڙن کي پنھنجي بقا جو ضامن سمجھي انھن جي چوڻ تي فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ انھن تي ڀاڙيندو رھيو، خانصاحب ڪيترن ئي جلسن ۾ ھن انھي جو اظھار بہ ڪيو آھي تہ کيس اندران خبرون ملنديون ھيون تہ ڇا ٿيڻ وڃي پيو، ڇا ٿي رھيو آھي، ڇا ٿيندو، جيڪي اندر ويٺل عمراني جاسوس ھئا انھن عمران خان جي سياسي مستقبل کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو، پاڻ ھن وقت بہ انھي خيال جا آھيون تہ عمران خان کي پنھنجي سياست بچائڻي آھي تہ مٿان فرشتا لھي نہ ايندا سياسي نظام ۾ سياستدانن سان ڳالھائڻو پوندو آھي، انھي ۾ ذاتي پسند يا ناپسند، پنھنجي انا، عقل ڪل ھجڻ واري غلط فھمي کي پاسيرو رکي ھلڻو پوندو آھي.
پرويز الاھي جنھن انداز سان سياست ڪري رھيو آھي پاڪستان انھي قسم جي سياست جي رنگ ۾ رنگي يا زنگجي چڪو آھي، بظاھر يا اکين اڳيان جيڪو ڪجھ آھي اھو ھئين آھي تہ ملڪ جي معاشي صورتحال ايتري خراب آھي جو ڪنھن ھڪ ڌڪ سان ملڪ جو ڏيوالو نڪري سگھي ٿو، سياسي بي استحڪامي اوج تي آھي، سماج ورھائجي چڪو آھي، تحريڪ انصاف ق ليگ جي ھڪ ڌڙي کان سواءِ ملڪ جي سمورين پارٽين کي پنھنجو دشمن نمبر ون سمجھي رھي آھي، بظاھر فوج غير سياسي ٿي چڪي آھي،فوج ۾ سينيئر ترين جنرل کي آرمي چيف جو عھدو ڏنو ويو آھي، جنھن عمران خان سميت ڪنھن بہ سياسي ڳالھ ٻولھ کان انڪار ڪيو آھي، علم اقتصاديات ۾ ھڪ لاطيني جملي سيٽرس پيرابس جو استعمال ٿيندو آھي جنھن مان مراد تہ باقي شيون ساڳيون رھنديون.معاشيت جي علم ۾ قانون، ٿيوريز، فنڪشن، شيڊيول، گراف سمجھڻ جي لاءِ پھرين انھي جملي کي اڳيان رکيو ويندو آھي،ھتي پاڻ انھي کي سياسي سيٽرس پيرابس جو نالو ٿا ڏيون، جيڪڏھن اھو چئون تہ فوج سياست کان الڳ ٿي چڪي آھي باقي سڀ شيون ساڳيون آھن تہ انھي مان مراد معاشي صورتحال خراب آھي، سماج ورھايل آھي،عمران خان سياستدانن کي دشمن سمجھي ٿو، صوباخاص طور ڪي پي ڪي وفاق سان ھلڻ جي لاءِ تيار ناھي، معاشي طور سگھ اچڻ جو نالو نشان ناھي، انھي صورتحال ۾جيڪڏھن عمران خان ويھي اھو اعلان ڪري تہ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندس، بظاھر اھوھڪڙو جملو آھي پر انھي جملي کي عملي شڪل جيڪا خرابي پيدا ڪندي يا جيڪي نتيجا ڏيندي اھي پاڪستان جي معاشي صورتحال جي لاءِ وڌيڪ ڀيانڪ ھوندا،ھتي اھو سوال ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا فوج انھي صورتحال ۾ بہ اڻ لاڳاپيل رھندي؟ انھي کان بہ اھم سوال اھو آھي تہ ھڪ اداري يا انھي جي ڪجھ فردن آئين جي لتاڙ ڪندي پراجيڪٽ عمران خان کي عوام جي خواھش، ووٽ جي عين ابتڙ ملڪ جي ڳچي ۾ فٽ ڪيو،ھاڻ جڏھن انھي پراجيڪٽ جا محرڪ رٽائرڊ ٿي ويا آھن تہ ڇا رڳو رٽائرٽمنٽ ئي ڪافي آھي؟ انھي جو احتساب ڪير ڪندو؟ غير جمھوري ۽ غير آئيني سچ اھو آھي تہ ان پراجيڪٽ جي سمورن خراب اثرن کان پاڪ ڪرڻ انھي اداري جو فرض ٿئي ٿو، جيڪو غير آئيني ڪم ڪيو ويو آھي انھي کي ڌوئي صاف ڪرڻ جي لاءِ ضروري آھي تہ ھاڻ مثبت فيصلا ڪرڻ جي ذميواري بہ سندن ھجي عين ممڪن آھي تہ ائين ٿيندو ھجي،.نواز شريف اڳ ۾ چئي چڪو آھي تہ ملڪي سياست ۾ جنھن جنھن جيڪو گند ڪيو آھي انھي کي صاف بہ پاڻ ڪرڻ گهرجي، انھي جي ڪري سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آھي تہ اھڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جئين معيشت بہ بچي سگھي، سياسي عدم استحڪام ختم بہ ٿئي،پارليمنٽ مدو بہ پورو ڪري، عوام کي شفاف اليڪشن جي ذريعي وقت تي پنھنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ملي سگھي..
پنجاب جي وڏي وزير پنھنجي انٽرويو ۾ ڪيترائي اعتراف ڪيا آھن، انھن تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو جنھن ڏينھن اعلان ڪيو ھو انھي ڏينھن ئي اھا ڳالھ چئي پئي وئي تہ ڪي پي ڪي جي اسيمبلي تہ عمران خان ھڪدم ٽوڙي سگھي ٿو پر پنجاب جي حد تائين اھو فارمولا ڪنھن ڪم جو ناھي، ڇاڪاڻ جو اتي پرويز الاھي ويٺو آھي، پرويز الاھي سڄي ڄمار انھن ڪلھن تي ڪڏندو رھيو آھي جيڪي ڪلھا چار سال عمران خان جي ڪرسي کنيو بيٺا ھئا،تحريڪ انصاف جو اڌ حصو سوشل ميڊيا آھي، اڌ زميني حقيقت آھي، انھي حقيقت مان اڌ وري عمران خان جي نرگسيت، انا پرستي ۽ سياسي بي عقلائي جو ڪمال آھي. مڪمل سياستدان ٿيڻ جي لاءِ عمران خان کي ڪيترائي موقعا مليا پر چوندا آھن تہ جنھن جي مٿان ئي ڦٽل ھجي انھي کي ڇا ٿو ڪري سگھجي،عمران خان پنجاب اسيمبلي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، مٿان مونس الاھي جو بيان اچي ويو تہ اسان ھڪ منٽ دير نہ ڪنداسين، پر انھي اعلان کانپوءِ ڇا ٿيو؟ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاھي عمران خان سان ھڪ ھفتو تہ ملاقات ئي نہ ڪئي، عمران خان تہ اسيمبلي نہ ٽوڙيندو، اھو ڪم پرويز الاھي کي ڪرڻو آھي،خير ھفتي کانپوءِ نيٺ جڏھن اھا ملاقات ٿي تہ پرويز الاھي انھي وقت بہ عمران خان کي سمجھايو تہ ڀائو ڏچي ۾ اچي ويندين، پرويز الاھي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پنھنجي آفيس وڃڻ بدران سڌو اسلام آباد پھتو، جتي انھي کان بہ وڏي ملاقات رٿيل ھئي،پرويز الاھي انھي معاملي ۾ عمران خان جي پيرن تي پير پيو رکي، جڏھن فوج پاڻ کي سياست کان لاتعلق ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي تہ عمران خان ملڪ جي صدر کي استعمال ڪري فوجي سربراھ سان جان بخشي جي لاءِ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ چاھي، لازمي ڳالھ آھي عمران خان وٽ ھن وقت ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ ناھي انھي جي ڪري سمجھڻ جي ڳالھ آھي تہ ھو آڇ ڪري ھا تہ اسان جو ساٿ ڏيو ھن دلدل مان ڪڍو، خير في الحاال عمران خان کي سڌي ريت اھا سھوليت ميسر ناھي، پر اھو سوال اھم آھي تہ عمران خان کي آخر چونڊن جي ڪھڙي تڪڙ آھي؟ صوبائي اسيمبليون بہ انھي بليڪ ميلنگ جي ڪري ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو اٿس.
خانصاحب ان غلط فھمي مان نٿو نڪري تہ ھو ايترو مقبول ٿي ويو آھي جو جيڪڏھن ڪنھن گھوڙي کي بہ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندو تہ اھو اليڪشن کٽي ويندو،پر انھي سان گڏ خانصاحب کي اھا بہ پڪ آھي تہ جيڪڏھن اليڪشن ۾ دير ٿيندي تہ ھن جي مقبوليت ختم ٿي ويندي،عوام حساب ڪتاب رکي ٿي اھا ئي حساب ڪتاب چڪتو ڪندي، چونڊون کڻي ڪڏھن بہ ٿين خانصاحب جي جيڪا جائز مقبوليت آھي اھا برقرار رھڻي آھي، عمران خان عوام جي دلين ۾ جيتري جاءِ ٺھي آھي اھو جائز مقام کيس ملڻو آھي پوءِ اھو خوف ڇو آھي تہ دير سان چونڊن جي صورت ۾ کيس گهربل نتيجا نہ ملي سگھندا، خير پرويز الاھي عمران خان سان ملاقات ڪري ساڳي ڏينھن اسلام آباد پھتو جتي ھن جي خاص ماڻھن سان ملاقات ٿي، خبر ناھي تہ ھو عمران خان جو پيغام کڻي آيو يا پنھنجو فارمولا کڻي آيو پر انھي ملاقات جو جيڪو نتيجو نڪتو آھي انھي کي ھن انٽرويو ذريعي عمران خان کي بہ سمجھائي ڇڏيو آھي، ھاڻ جيڪڏھن نظام مان نڪرڻو آھي تہ عمران خان وٽ پنجاب اسيمبلي مان استعيفي ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو ناھي، پرويز الاھي جيڪي خبرون ڪيون آھن انھي مطابق مارچ 2023ع تائين تہ پنجاب اسيمبلي نہ ٽٽندي،جيڪڏھن مارچ ۾ اعلان ٿئي تہ ٽي مھينا نگران حڪومت جي لاءِ ھوندا، جون انھي جي وچ ۾ اچي ٿو، نگران حڪومت نہ بجيٽ ٺاھي سگھي ٿي نہ بجيٽ پيش ڪري سگھي ٿي، انھي جي ڪري ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بہ موجودہ پارليمنٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اچڻي آھي،جيڪڏھن اھو حساب رکجي ٿو تہ ايندڙ اليڪشن مقرر وقت کان بہ ٻہ ٽي مھينا پوءِ ٿيندي، اڳ ۾ نہ ٿيندي،سياست آھي انھي ۾ ڪجھ بہ ٿي سگھي ٿو، شيخ رشيد ھر مھيني کي ٻي مھيني کان اھم چوندو رھندو آھي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان چوندو پيو اچي، جيڪڏھن سياسي سيٽرس بيرابس کي سامھون رکي اندازو لڳائجي اسان جي حساب ۾ اليڪشن نومبر ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندي،پرويز الاھي جن سان بہ ملاقات ڪئي آھي انھن کيس اھو سمجھايو آھي تہ معاشي طور فوري اليڪشن بہ واري ۾ ناھي، سياسي طور صوبن ۽ وفاق جي ڏند چڪ بہ سھي نٿي سگھجي انھي جي ڪري صورتحال جئين آھي تئين رھڻي آھي، آرام ڪر نہ توکي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو نہ زوري استعيفي ڏيڻي پوندي باقي جيڪو ڪرڻو آھي اھو ڪريومضمون جي پڄاڻي پاڻ انھن جملن تي ٿا ڪريون تہ نواز ليگ کي سياسي طور رڳڙو ڏيڻو ھجي، عمران خان سان گڏ ھوندي بہ کيس بيڪ فٽ تي کيڏڻ جي لاءِ مجبور ڪرڻو ھجي، موجودہ يا اڳوڻي اسٽبلشمنٽ سان لاڳاپا ساڳي سطح تي برقرار رکڻا ھجن، حڪومت ھلائڻي ھجي مستقبل جي لاءِ سياسي راھ ھموار ڪرڻي ھجي، انھي سموري سياسي گورک ڌنڌي کي جيڪڏھن ڪير سمجھي ٿو تہ اھو پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاھي سمجھي ٿو، ھو سياست بہ ڪري رھيو آھي، پنھنجي ڏھن سيٽن تي حڪمراني جا مزا بہ وٺي رھيو ۽ ھي سمورو سياسي تماشو بہ ڏسي رھيو آھي، پر في الحال ھن عمران خان کي سمجھائي ڇڏيو آھي تہ مارچ تائين انتظار ڪر، مارچ کانپوءِ ٿي سگھي ٿو کيس بجيٽ تائين انتظار ڪرائيندو.