امتياز عالم
ايئن لڳي ٿو ته ملڪ ۾ هلندڙ خوفناڪ سياسي ڇڪتاڻ چوڌري پرويز الاهي جي ھٿ ۾ يرغمال بڻجي وئي آهي.ٻھ وڏيون ڌريون، تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم کي گجرات جي سياسي ماھر ناچ نچائي ڇڏيو آهي.ويچارو عمران خان، جمعي واري ڏينھن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين ٽوڙڻ وارو خواب چڪنا چور ٿي وڃڻ تي ھٿ مليندو رھجي ويو آھي ۽ ٻئي طرف آصف علي زرداري جو پنجاب ۾ تبديلي آڻڻ جون چالون ناڪام ٿيڻ تي منھن ڀيلو ٿي ويو آھي،
پنجاب جي گورنر جي آئيني شب خون کي اسپيڪر صوبائي اسيمبلي غيرآئيني طور تي غيرموثر ڪندي، وڏي وزير کي غريب درخواستگذار جي طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو دروازو ڏيکاريوويو. گورنر ۽ اسپيڪر جي ويڙهه ۾ هڪ چونڊيل وڏي وزير جو ڪهڙو قصور هو ؟ جڏهن اجلاس ئي نه ٿيو ته گورنر جي آئيني حڪم جي تعميل ڪندي اعتماد جو ووٽ ڪيئن حاصل ڪري ھا؟
اها الڳ ڳالهه آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي کيسي ۾ ان وقت کٽڻ لاءِ 186 سڪا موجود ئي نه هئا ۽ نه ئي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وٽ بي اعتمادي جي ووٽ لاءِ گهربل انگ هو. گجرات جي چوڌري اهو ئي ڪم ڪيو جيڪو پنجاب جا چوڌري روايتي طور تي ”ٻني“جي ويڙهه ۾ روڪڻ جو حڪم نامو حاصل ڪري ڪندا آھن.پوءِ ڇا ٿيو لاهور هاءِ ڪورٽ به پنھنجي منصفاڻي آبرو بچائڻ جي لاءِ پنچائتي فيصلي ۾ ئي عافيت سمجھي،
گورنر جي آئيني استحقاق (آرٽيڪل 130 جي شق 7) کي تھ مشڪوڪ قرار نه ڏنو ويو. البتھ وڏي وزير جي اعتماد جي ووٽ حاصل نھ ڪري سگھڻ تي ھن جي عهدي تان برطرفي تي روڪڻ جو حڪم نامو جاري ڪندي ان شرط تي تھ سائل (وڏي وزير) پنھنجي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو اختيار استعمال نھ ڪندو. هن بحران 11 جنوري تائين ٽاري ڇڏيو آھيپر ان لاءِ وڏي وزير کي حلف نامي ذريعي اسيمبلي ٽوڙڻ جو آئيني حق ڇڏڻو پيو. ٿورو غور ڪريو تھ جڏھن عمران خان جي سامھون اھو حلفيھ بيان پيش ڪيو ويو ته هن مٿان ڪھڙي بجلي ڪڙڪي ھوندي يا وري ھو دل ۾ شرمندو ٿيڻ کان نھ رھيو ھوندو، يقيناً مسلم ليگ ن به سک جو ساهه کنيو هوندو ته اسيمبلي ٽٽڻ واري بلا تھ ٽري ۽ عمران خان کي هڪ ٻيو نقصان بھ سھڻو پيو. هر لحاظ کان چوڌري پرويز الاهي ڪامياب ۽ خوش ٿيو ۽ ٻئي وڏيون ڌريون هڪ ٻئي جو منهن ڏسنديون ئي رھجي ويون.
سڀني کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف جا اڪثريتي ميمبر ۽ قليل ليگ اسيمبلين جي باقي مدت جي فيض کان محروم ٿيڻ جي لاءِ تيار نه هئا. الميو ھي آهي ته پنجاب جي وڏي ايوان ۾ جڏهن گورنر خلاف ٺهراءُ آندو ويو ته حڪمران اتحاد جا 149 ۽ اپوزيشن جا 115 ميمبر موجود هئا،يعني ڪنھن وٽ بھ ھائوس ۾ اڪثريت نه هئي ۽ آخر ۾ ڪنهن ھمراھ ڪورم پوري نھ ھئڻ جي نشاندھي ڪري ڇڏي.
اها ٻنهي وڏين ڌرين جي ڪمزوري آهي، جيڪا چوڌري پرويز الاهي جي چالبازين جي ڪم ۾ آئي. ان سياسي تماشي مان جيڪا مثبت ڳالهه سامهون آئي آهي اها آهي ته عمران خان جي ويٽو باوجود تيستائين پنجاب اسيمبلي قائم رهندي، جيستائين سپريم ڪورٽ هن پيچيده آئيني مسئلي کي سلجھائڻ لاءِ ڌرين جي آئيني ماهرن جاشيطان جي آنڊي جيڏا ڊگها دليل ٻڌي ڪري ڪجھھ مھينا غور ويچار کان پوءِ پنھنجو فيصلو ٻڌائي نٿي. ان وقت تائين وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي آئيني حق کان محروم ٿي ڪري کليل نموني کيڏندو ۽ جيڪا احساس محرومي سينٽرل پنجاب ۾ سرائيڪي وسيب جي ڊمي وڏي وزير پاران پيدا ٿي ھئي. ان جي تلافي ۾ ڪاڪسر نھ ڇڏبي. پنجاب اسيمبلي جي تحليل جي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيڻ سان گڏ خيبرپختونخواهه اسيمبلي به بچي وئي ۽ قومي اسيمبلي مان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استعيفيٰ جي تصديق جو عمل به ملتوي ٿي ويو ۽ عمران خان جو فوري چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو به پنھنجو موت پاڻ مري ويو.
هاڻي عام چونڊون تھ ويون، ايندڙ سال مئي کان اڳ ۽ اھي آگسٽ کان اڳ ٿيندي نظر نٿيون اچن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان آئين جي پاسداري ٿي يا نه،پر ملڪ ھڪ بي چين سياسي ”استحڪام“ طرف ھلي پيو.غالباً مقتدره جو به اهو ئي غير جانبداري وارو ارادو هو ته سياسي اکاڙ پڇاڙ نھ ٿئي.جڏھن تھ انھن جو مستقل فرمانبردار لاھور جي تخت تي ويٺو ھجي. پهريان ته ننڍا صوبا هميشه طاقتورن لاءِ مٿي جو سور بڻيا رھيا، پوءِ پنجاب پهريون ڀيرو پيپلز پارٽيءَ جي هٿان مشڪلات جو شڪار رھيو،
تھ پوءِ جنرل ضياءَ الحق مسلم ليگ (ن) کي مٿي آندو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب بدر ڪيو ويو، پوءِ تحريڪ انصاف کي ڪلھي تي ويھارڻ جي لاءِ پنجاب تي قابض ڪيو تھ هوءَ به ڳچي ۾ اچي پيو، پنجاب کي ٻن وڏين پارٽين جي هٿن مان نڪرندو ڏسندي ٻوڙن جو سھارو ملي به تھ گجرات جي چوڌرين جي صورت ۾جيڪي اندران ڀڄي پيا آھن.
پنجاب جو مقتدرھ جو ڳڙھ آھي، ان جو ھٿن مان نڪرڻ بھ وفاقي حڪومت جي لاءِ مثبت سنوڻ آھي ۽ اها به خوشي واري ڳالھھ آهي ته آخري رستو فقط ٻڏندڙ لاءِ ٻوڙي جو سھارو آهي،جنھن کي ھوا جو ھلڪو جھوٽو بھ اڏائي کڻي ويندو.هن سانحي جو وڏو الميو اهو آهي ته ٽي وڏيون پارٽيون پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪرڻ جي باوجود بھ جمهوري ميدان کي اکاڙڻ ۾ لڳيون پيون آھن ۽ مٿان کان سول بالادستي لاءِ نعرا هڻي رهيون آهن.
عمران خان جو اھو سياسي منطق ته فوري چونڊون ھر مسئلي بشمول معاشي تباهي جو واحد حل آهن، مڪمل طور تي زميني حالتن جي خلاف آهي. جيڪڏهن آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيون (جنهن تي پي ٽي آءِ اڃا تائين قومي اتفاق راءِ تي راضي نه آهي) ته پوءِ به معاشي بحران ڪيترن سالن تائين جاري رهندو. اهو جلد حل ٿيڻ وارو ناهي ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران رياستي استحڪام جي اجازت ڏيندو. اهڙي صورتحال ۾ خاموش طبع ۽ سياست کان دور چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جو اهو چوڻ تھ اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار امن کي يقيني بڻايو ويندو، يقيناً غور طلب آهي، جڏهن ته هڪ طرف آءِ ايم ايف پنهنجي سخت شرطن تي بضد آهي ۽ ملڪ ۾ رڳو 6 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو آهي ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ فري مارڪيٽ جي ڪاري ڌن جي ھٿان روپيو ڊالر جي مقابلي ۾ ڪرندو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف دهشتگردن جون ڪارروايون وڌنديون پيون وڃن.
اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جلد اليڪشن جو متحمل نٿو ٿي سگهي. بهتر ٿيندو ته سياسي مخالف آگسٽ/ سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي راضي ٿي ملڪ کي معاشي طور ساهه کڻڻ جو موقعو ڏين، جيڪڏهن هاڻي نه ته آڪٽوبر تائين چونڊون ٿي ئي وينديون ۽ معاشي بحران ايندڙ حڪومت کي بھ کائي وڃڻ لاءِ تيار هوندو. فيض جي مطابق: رخت دل بانڌ لو دل فگارو چلو !