جاويد مهر

پاڪستان ۾ جمهوريت جو مستقبل ۽ سياسي جماعتن جو ڪردار

اوهانجو موقف جاويد مهر ليکڪ

جاويد مهر

پنهنجن دوستن سان سياسي توڙي سماجي ڪچهرين ۾ اڪثر طور تي اهو چوندو رهندو آھيان ته ٻين جي ڀيٽ ۾ اسان جو هر گذرندڙ ڏينهن ايندڙ ڏينهن کان گهڻو نه ته ٿوري فرق سان بهتر گذري ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن جا رهواسي مستقبل جي بهتري جو ته سوچي سگهن ٿا. پر پاڻ جنهن صورتحال يا ملڪ ۾ رهون پيا،ان ۾ بدقسمتيءَ سان پري پري تائين اهڙو ڪو آسرو ناهي ۽ جيڪڏھن ڪو اهڙي اميد ڪري به ٿو ته تلخ تجربن آڌار اهو پاڻ سان دوکو ڪرڻ برابر هوندو.

پنهنجي ان دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ دوست دليل پيش ڪرڻ جي گهر ڪندا آھن، جنهن تي کانئن رڳو اهو پڇندو آھيان ته ڀلا ڀٽي صاحب جي حڪومتي وقت بابت ڪهڙا ويچار رکو ٿا ته جواب ملندو آھي ڇا ته زبردست دور هو، ائين اسان جيڪڏهن عام ماڻھو کان دور دور جي حساب سان پڇندا وينداسين ته هر ڪو پوئين دور کي بهتر قرار ڏيندو، مثال طور جيئن هاڻي هر ڪنهن جي وات تي اها ڳالهه آھي ته موجوده وزيراعظم عمران خان جي حڪومتي دور جي ڀيٽ ۾ نواز شريف جو دور لک ڀيرا بهتر هو ۽ جڏھن نوازشريف اقتدار ۾ هو ته عوام سندس دور کان اڳ واري پ پ جي حڪومتي دور کي بهتر سمجهندو هو، انهيءَ ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿو ٿئي ته اسان جو هر گذرندڙ ڏينهن ايندڙ ڏينهن کان بهتر هوندو آھي. توهان اها به پڪ رکو ته جڏھن عمران خان جي حڪومت ختم ٿيندي ته نئين حڪومت جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ويچارو عام ماڻھو ساڳيو ئي اهو چوندي نظر ايندو ته عمران خان هنن کان بهتر هو، ڪو جمهوريت پسند شايد ان ڳالهه تي اعتراض ڪري ته” عمران خان جي حڪومت ختم ٿيندي” جا لفظ ڇو استعمال ڪيا ويا ته ان لاءِ پنهنجي صفائي ۾ ايترو عرض ڪبو ته اڄ تائين وطن عزيز ۾ (سواءِ ذوالفقار عليڀٽي جي پهرين حڪومت جي) ڪنهن به چونڊيل وزيراعظم پوءِ اهو ڀلي ڪنهن به طريقي سان چونڊيو يا چونڊرايو ويو هجي، ان پنهنجو پنجن سالن جو مقرر مدو ڪڏھن به مڪمل نه ڪيو آھي.

سو خيالي دنيا ۾ رهڻ بدران حقيقت پسندي تي هلندي اهو اندازو لڳائڻ ھاڻي ڏکيو نه رهيو آھي ته خان صاحب به جلد گهر ڀيڙو ٿيڻ وارو آھي، جنهن جو اندازو مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيل سخت موقف، استعمال ٿيل ٻولي ۽ ان جي ٻئي ڏينهن طاقتور ڌرين توڙي وزيرن مشيرن طرفان ظاهر ڪيل رد عمل مان ڀلي ڀت خبر پئجي وڃي ٿي.

ڪو ڀلي پ پ جي ميزباني ۾ سڏايل مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس کي هوائي فائر قرار ڏئي ۽ ان جي ڀيٽ ان کان اڳ ٿيل اي پي سيز يا بيانن سان ڪري، پر ملڪي سياست جي هر رخ تي نظر رکي ويٺل سنجيدهه سياسي ماهر تازي ٿيل اي پي سي کي عمران خان حڪومت جي ٻن سالن دوران مخالف طرفان پهرين اهم ڊولپمينٽ سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٽڙيل پکڙيل مخالف ڌر پهريون ڀيرو سربراهن سميت هڪ پيج تي نظر آئي ۽ چٽو پيغام ڏنو، جنهن مان ان تاثر کي شايد ئي ڪو رد ڪري ته اهو سڀ ڪجهه لازمي آھي ته ڪنهن رٿابندي سان ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن مهل تائين پي پي، ن ليگ يا جي يو آءِ حڪومت خلاف جيڪي به پروگرام ڪيا آھن، انهن ۾ رٿابندي جي کوٽ هئي ۽ انهن ۾ اڳواڻن جون تقريرون به وائڙيون محسوس ٿيون، پر تازو ٿيل اي پي سي مختلف نظر آئي، جنهن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون تقريريون سڀ کان وڌيڪ جاندار ۽ بيباڪ هيون، جڏھن ته ان کان اڳ اهي اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هئا، هن ڀيري هنن سڌا تير وسايا آهن. هڪڙي اڳواڻ چيو ته هو اي پي سي بعد جيل ويندڙ پهريون اڳواڻ ھوندو ۽ ٻئي چيو ته سندن مقابلو عمران خان نه پر کيس آڻيندڙن سان آھي.

اسان کي ڪا دلچسپي ناهي ته مستقبل ۾ ڪير حڪومت ٺاهيندو يا ڊاهيندو ڇاڪاڻ ته 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت کانپوءِ نه ته نوازشريف ۽ نه وري پ پ عوام کي رليف ڏنو آھي، ان ڪري عام ماڻھو سياست کان ڄڻ ته بيزار ٿي پيو آھي، جنهن جو سبب ٻنهي مک پارٽين طرفان حڪومتن ۾ اچڻ باوجود ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ جي ڪري جمهوريت کي پهتل نقصان آھي، نتيجي ۾ ھر پنجن ڏھن سالن بعد پهريان مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو جواز پيدا ٿيندو هو ۽ هاڻي وري نئون انداز اختيار ڪري ڪنگز پارٽي قائم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ملڪ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آھي، ڇاڪاڻ ته ان سان هڪ ته سياست بدنام ٿي رهي آھي ٻيو وري ان عرصي ۾ اهڙن سياستدانن جي کيپ تيزيءَ تيار ٿي رهي آھي، جيڪي سياسي ۽ مالي طور ڪمزور هجڻ کانپوءِ ڪنهن ٽيڪ سان مضبوط ٿي حقيقي سياستدانن کي پوئتي ڌڪي پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائي عوام اندر جاءِ ٺاهي رهيا آھن، جنهن سان طاقتور ڌريون جڏھن چاهين ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون ۽ اهم ڳالهه اها ته اهي ڪنهن به وقت ٺھندڙ ڪنگز پارٽي لاءِ هر وقت دستياب هوندا.

جڏھن اهي ڳالهيون ٿيندي ڏسجن يا پسجن ٿيون ته پوءِ نه چاهيندي به هڪ جمهوريت پسند طور ميدان ۾ لهي ڳالهائڻ ۽ ڪجهه لکڻ فرض بڻجي وڃي ٿو، پر اهو سڄو عمل غيرجانبدار هجي، رڳو اهو ٻڌائي جمهوريت جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ته هن مهل جنهن غير سياسي ماحول مان گذرون پيا، ان جي ذميوار پ پ آھي، نواز ليگ ناهي يا نواز ليگ آھي ۽ پ پ ناهي. هاڻي وقت اچي ويو آھي ته سڀ هڪ آواز ٿي چئون ته ڪنگز پارٽي کي اقتدار جي وٿي ڏيڻ جون زميوار مک اقتداري پارٽيون پ پ ۽ نواز ليگ ٻئي هڪجيتريون آھن، جيڪي هڪ ٻئي جي حڪومتن کي پنج سال به برداشت نٿيون ڪري سگهن ۽ اهي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف جمهوريت کي غير مستحڪم ڪن ٿيون، پر هڪ ٻئي کان اقتدار کسرائڻ لاءِ آمرن جي طرفان جمهوريت تي راتاهو هڻڻ لاءِ استعمال به ٿين ٿيون، ايستائين جو حڪومت ختم ٿيڻ تي خوشي ۾ مٺايون پڻ ورهائن ٿيون، سندن اقتدار جي اهڙي بک ٽي ٽي ۽ چار چار ڀيرا اقتدار ۾ اچڻ باوجود به ختم نه ٿي سگهي آھي، هن مهل اهي جيڪڏھن ڪنهن پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آھن ته اها ئي بک آھي، جنهن کين ڪنهن وقت ميثاق جمهوريت جي نالي تي گڏ ڪيو ۽ هاڻي وري پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ نالي اتحاد ۾ متحد ٿيڻ تي مجبور ڪيو آھي.

جيڪڏھن ڪو چوي ته موجوده حڪومت ۽ مخالف ڌر بابت غير جانبدار ٿي مختصر لفظن ۾ تجزيو ڪجي ته اهو ڪهڙو هوندو ته منهنجي نظر ۾ اهو هي هوندو ته ”حڪمران ۽ مخالف ڌر وار مڪافات عمل“ مان گذري رهيا آھن، ڇاڪاڻ ته جيئن پ پ ۽ ن ليگ نه چونڊجڻ بعد ڪجهه نه ڪري سگهڻ ۽ پنهنجي مرضي موجب فيصلا نه ڪرڻ تي هن مهل مڪافات عمل مان گذري رهيون آھن، ائين عمران خان مخالف ڌر طرفان کيس وزيراعظم نه مڃڻ يا چونڊرايل قرار ڏيڻ تي مڪافات عمل مان گذري رهيو آهي، مطلب ته هنن جيڪو فصل پوکيو هو، اهو ئي لُڻي رهيا آھن ۽ جيڪڏھن رڳو ن ليگ ۽ پ پ تي تبصرو ڪجي ته انهن لاءِ به اهي لفظ ٺھڪن ٿا ته ٻئي ڌريون پنهنجي ڪرتوتن سبب مڪافات عمل کي منهن ڏين پيا، هنن اقتدار لاءِ هڪ ٻئي لاءِ ايترا اونها کڏا کوٽيا آهن جو اڄ ٻئي هڪ ٻئي کي ڪڍڻ ۾ پوريون آھن، جنهن سان ظاهري طور ته ٻنهي کي نقصان ٿئي پيو، پر اصل ۾ اهو جهموريت لاءِ نقصانڪار آھي، جنهن جو ٿي سگهي ٿو ته هن مهل کين احساس ٿيو هجي پر جيڪڏھن انهن مان ڪا هڪ به اقتدار ۾ اچي وئي ته اها ڌر اهو سڀ ڪجهه وساري ويهندي ۽ وري ڪا ڪنگز پارٽي ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار ۾ اچي کين سيکت ڏيندي.

هن مهل تائين تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ٿا ته اها ڪنهن هڪ شعبي نه پر سمورن شعبن ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي، انهيءَ ڪري سندس ڪپتان وزيراعظم عمران خان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن 2018ع جي چونڊن وقت چونڊ مهم دوران جيڪي وعدا ۽ وچن ڪيا هئا، انهن مان هو هڪ به پاڙي نه سگهيو آھي، جنهن ڪري نئين پاڪستان جي نعري تي جن کيس ووٽ ڏنا اهي پراڻي پاڪستان کي ياد ڪري رهيا آھن ته اهو ڀلو هو. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان وٺي خيبر تائين هڪ عجيب بيچيني آھي، هر ماڻھو کي شڪايت ۽ ڪاوڙ آھي، ائين محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت نالي ڪا شيءِ ئي ناهي، فيصلا مخصوص هنڌ تان ٿين پيا ۽ عوام ساڳيو ئي نواز ليگ ۽ پ پ دور وانگر بي يارومددگار آھي، جيڪو وبائي بيماري ڪورونا وائرس جي ڪري ويتر عذاب واري ڪيفيت ۾ نظر اچي ٿو، پر حڪومت جا انگ اکر ماضي جي حڪومتن جيان سڀ ڪجهه بهتر آھي، جو ناڪام تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ته جئين ڪو هڪ ڪروڙ نوڪريون، لکين گهر، مضبوط معيشت، آءِ ايم ايف آڏو نه جهڪڻ سميت ٻيا ڪيل وعدا ياد ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهي.جيئن ايم ڪيو ايم لاءِ چيو ويندو آھي ته اها هاڻي مئل گهوڙو آھي، جنهن ۾ لسانيت کي زور وٺرائي ساهه وجهڻ ۽ مڪاني چونڊن لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پوئين ڪجهه وقت کان مخالف ڌر به هڪ مئل گهوڙي جهڙي هئي، جنهن ۾ اي پي سي بعد ساهه پيو آھي، انهي ڪري شايد حڪومت کان ٻاهر ويٺل جماعت اسلامي کانسواءِ اٽڪل سمورين سياسي پارٽين شرڪت ڪئي، بهرحال، ڪو ڀلي ڪجهه به چئي پر ڳالهه سڌي ڪنداسين ته هن ڀيري اي پي سي جي لائن آف ڊائريڪشن هئي، اڳ واريون سموريون اي پي سيز بنا ڊائريڪشن ٿيون، ان ڪري گهربل نتيجو نه ڏئي سگهيون، جڏھن ته تازي ڪانفرنس ڊگها اثر ڇڏيا آھن ۽ محسوس ٿئي پيو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو، هونئن به اي پي سي کان اڳ ئي اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آھن ته ڊسمبر ۾ عمران خان جي مستقبل بابت ڪو فيصلو ٿيندو، پاڪستاني سياست ۾ اهي ڪي نيون ڳالهيون ناهن، هر حڪومت ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آھي، سڀني کي ياد هوندو ته اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي حڪومت مضبوط هجڻ جا وڏي واڪي دليل ڏنا هئا پر ٻئي ڏينهن تي کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري فنڪار ڪجهه به چون اصل ڪم ڊائريڪٽر جو هوندو آھي ته اهو پنجن قسطن واري ڊرامي جي ڊائريڪشن مٽائي ٽن قسطن ۾ ئي پڄاڻي ڪيئن ٿو ڪرائي.اسان کي ياد آھي ته هن ملڪ جي وزيراعظمن ذوالفقار علي ڀٽي، محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽو، مير ظفرالله، يوسف رضا گيلاني ۽ نوازشريف کي ڪنهن ۽ ڪيئن هٽايو ويو. ماڻهن کي اها به خبر آھي ته نواز ليگ ۽ پ پ جا ڪهڙا ڪارناما آھن، 73 سالن کان هلندڙ ان ناٽڪ کان عوام بيزار آھي.

ان ڪري عوام نوازشريف، آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، اسفنديار ولي ۽ آفتاب شيرپائو تي واضح ڪري ٿي ته جيڪڏھن توهان جمهوريت سان سچا آھيو ته چٽو اعلان ڪيو ۽ ايندڙ وقت ۾ سمورا ذاتي مفاد پاسيرا رکي هڪ ڀيرو پنجن سالن لاءِ گڏيل حڪومت قائم ڪري هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏيو، باقي ايئن اٽڪلن سان اقتدار وٺي وري وڙھڻ جمهوريت پسندي ناهي, جيڪڏھن توهان ملڪ جا خير خواهه آھيو ته ڪرپشن کان لاتعلقي ظاهر ڪيو، ڇاڪاڻ ته قوم جي گهڻي ڦرلٽ ٿي چڪي آهي، هاڻي قوم کي ڪجهه ڏيو، اقتدار کي مال غنيمت نه پر عوام جي امانت سمجهي حڪومت ڪيوجيڪڏهن توهان مخلص آھيو ته واعدو ڪيو ته ڪنگز پارٽين ۾ ويل سياستدانن کي پنهنجين پارٽين ۾ شامل نه ڪندئو ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪري ڏيکاريندئو، نه ته ڄنڊاپٽ ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهندئو، عوام کي عمران خان صاحب بابت به ڄاڻ آھي ته هو ڪئين اقتدار ۾آيو، اهو اڃا ڪنهن کان ناهي وسريو ته ڌرڻي جي نالي تي اسلام آباد ڇو يرغمال بڻيو هو، پارليامينٽ ۽ وزيراعظم هائوس جا تالا ٽوڙڻ لاءِ ڪٽر ڪنهن آندا هئا، سرڪاري ٽي وي جي آفيس تي دهشتگردن وانگر حملو ڪنهن ڪيو هو ۽ پوليس آفيسرن تي تشدد ڪندڙ ڪير هئا.

انهيءَ ڪري مخالف ڌر جي اي پي سي تي ردعمل وقت جمهوريت جا چئمپين سڏائڻ جي ڪوشش نه ڪيو، عوام کي ڪجهه ڊليور ڪيو يا پاڻمرادو گهر هليا وڃو، باقي جمهوريت جي نالي تي ايئن جمهوريت کي بدنام ۽ ڪمزور نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ئي هن ملڪ جو مستقبل آھي، جنهن سان هٿ چراند ملڪ سان هٿ چراند برابر هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *